ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڌاڙيل فارم هائوس تان ڳئون ۽ ڪڪڙيون ٽرڪن ۾ وجهي فرار ٿي ويا.
ميمڻ ڳوٺ ڊملوٽي واري هنڌ پراچا فارم هائوس تي رات دير سان ڦر جو واقعو پيش آيو، جوابدارن چوڪيدار ۽ ٻين ماڻهن کي يرغمال بڻائي ڪمري ۾ بند ڪيو، جوابدارن رات هڪ وڳي ڪاهه ڪئي ۽ ٻن ڪلاڪن تائين واردات ڪندا رهيا.
واپاري موجب ڌاڙيل چوپايو مال ۽ ڪڪڙيون ٽرڪن ۾ وجهي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب واقعي جي حوالي سان جاچ جاري آهي.
You might also like