جماعت اسلامي طرفان ايران سان ٻڌي، آمريڪا ۽ اسرائيل جي دهشت گردي خلاف مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/ سکر (پ ر/ نمائندا) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمن جي اپيل تي ايران سان ٻڌي ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل جي دهشتگردي خلاف ڪراچي کان ڪشمور تائينسڄي سنڌ  ۾ پرامن احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، احتجاجي مظاهرن کي صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو،اڳواڻن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل بنا جواز حملا ڪري سپريم ليڊر ۽ سندن خاندان سميت ڏهه هزار کان وڌيڪ بيگناهه شهرين جي قتل عام ذريعي عالمي قانونن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ پوري انسانيت کي شرمسار ڪيو آهي، ڪوئن، ٻلين ۽ جانورن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن نياڻين جي اسڪول تي بمباري ڪري سوين شاگردياڻين کي شهيد ڪري کليل درندگي جو مظاهرو ڪيو آهي، صوبائي امير ڪاشف سعيد شيخ لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جو ايران تي گڏيل حملو ۽ سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي اهلِ خانہ سميت المناڪ شهادت ايراني عوام ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نفرت ۾ واڌ ۽ طاغوتي قوتن سان ٽڪرائڻ جي حوصلي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي صدر ٽرمپ دنيا ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيو آهي ۽ تاريخ کيس هڪ وار ڪرمنل طور ياد رکندي، ڪنڌڪوٽ ۾ گهنٽا گهر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امداد الله بجاراڻي، ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي خطاب ڪيو، بدين پريس ڪلب آڏو به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي جماعت اسلامي ضلع بدين جي قائم مقام امير الله بچايو هاليپوٽو، جنرل سيڪريٽري عبدالڪريم بليدي، علي گل منصوري، فتح خان کوسو، اي لطيف سومرو خطاب ڪيو، دادو ۾ مقامي آفيس کان بس اسٽاپ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي ضلعي امير محمد موسيٰ ٻٻر، جيڪب آباد ضلعي امير ابوبڪر سومرو، مقامي امير حاجي ديدار لاشاري، شيعه اڳواڻ مقصود ڊومڪي، شڪارپور ۾ مولانا صدرالدين مهر، محمود الاهي هڪڙو، ڪنڊيارو ۾ ضلعي امير نعيم احمد ڪمبوهه، قمبر ۾ طارق مير جت ۽ ٺٽي ۾ عبدالمجيد سمون سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، ٻئي پاسي  جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان سکر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت، آمريڪا ۽ اسرائيل شيطاني ٽڪنڊي وانگر آهن، جن جا هٿ مسلمانن جي رت سان  رڱيل آهن، هن وقت پوري انسانيت جو مقابلو شيطان جي پوڄارين سان آهي۔ ايپسٽين فائلز انهن جي درندگي کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي۔ صدر ٽرمپ خونخوار بڻيل آهي ۽ حڪمرانن ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪري قومي وقار کي مجروح ڪيو آهي جيڪي ٽرمپ کي پنهنجو خدا ۽ پاڻ کي سندس غلام سمجهن ٿا، جمهوريت جون دعويدار سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي هنج ۾ ويٺيون آهن، هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر آهي ته پاڪستان ايٽمي صلاحيت رکندڙ ملڪ آهي، جيڪڏهن ايران وٽ به ايٽمي صلاحيت هجي ها ته ايران تي حملو نه ٿئي ها، ايٽمي قوت کي اتحادِ امت ۽ قومي وقار جي حفاظت لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي، حڪومت ۽ اپوزيشن سميت پي ٽي آئي اسرائيل ۽ آمريڪا جي درندگي جي مذمت ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن۔ ام رباب چانڊيو جي چاچي سميت سندس خاندان جي ٽن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو ، اسان عدالت کان اميد رکون ٿا ته اها مظلومن جي حق ۾ فيصلو ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.