متحدا عرب امارات ۾ ميزائل حملن جو خطرو، دبئي ۾ هنگامي الرٽ

دبئي (م ڊ) متحدا عرب امارات ۾ ميزائل حملن جي خطري کي نظر ۾ رکندي اختيارين دبئي ۾ هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو،  شهرين کي فوري طور محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي، ميڊيا رپورٽن موجب دبئي جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ شهرين جي موبائل فونن تي هنگامي پيغام موڪليو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته موجوده صورتحال سبب امڪاني ميزائل حملن جو خطرو موجود آهي، تنهنڪري عوام فوري طور ويجهي محفوظ عمارت ۾ پناهه وٺن ۽ کليل جڳهن، درين ۽ دروازن کان پري رهن، گهرو وزارت موجب شهرين کي وڌيڪ سرڪاري هدايتون جاري ٿيڻ تائين محفوظ هنڌن تي رهڻ لاءِ چيو ويو، اختيارين واضح ڪيو ته هي الرٽ احتياطي تدبير طور جاري ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني خطري جي صورت ۾ عوام کي محفوظ رکيو وڃي، اختيارين عوام کي اپيل ڪئي آهي ته صورتحال بابت ڄاڻ رڳو سرڪاري ذريعن کان حاصل ڪن ۽ حڪومتي هدايتن تي مڪمل عمل ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.