ايران-آمريڪا جنگ ڊگهي ٿيڻ جو خدشو، سيڙپڪار رقم ڪڍڻ لڳا

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سخت ٻاڙائي جو رجحان رهيو. جمعي ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڪي  ايس اي انڊيڪس 2.30 سيڪڙو گهٽجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مارڪيٽ 157,496 پوائنٽن تي بند ٿي. هڪ ئي ڏينهن ۾ انڊيڪس ۾ 3,714 پوائنٽن جي وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. مالي ماهرن موجب، سيڙپڪار ايران-آمريڪا تڪرار جي ڊگهي ٿيڻ واري خدشي سبب خوف جو شڪار آهن ۽ پنهنجي رقم ڪڍڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. مارڪيٽ ۾ 311 ڪمپنين جي شيئرز ۾ گهٽتائي ٿي، سيڙپڪارن جا اربين رپيا ٻڏي ويا. يو بي ايل، اينگرو، حبڪو ۽ او جي ڊي سي جهڙين وڏين ڪمپنين جا شيئرز سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا. ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه 3 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا، جڏهن ته ايشيائي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ به گذريل 6 سالن جي سڀ کان وڏي هفتيوار ٻاڙائي ڏٺي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.