سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۾ ڪارروائيون، ڀارتي حمايت يافتا 15 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ ٻه ڌار ڌار ڪارروائيون ڪندي ڀارتي حمايت يافتا 15 دهشتگرد ماري ڇڏيا.
آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ 12 دهشتگرد ماريا ويا.
بسيما ضلعي ۾ به آپريشن دوران ڀارتي حمايت يافتا 3 دهشتگرد ماريا ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث ۽ سيڪيورٽي فورسز کي گهربل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.