واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ دوران روس اڻ سڌو طور شامل ٿي ايران کي آمريڪي هدفن تي حملن لاءِ ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪري رهيو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب روس ايران کي آمريڪي جنگي جهازن جي پوزيشن بابت معلومات ڏني آهي،آمريڪي ميڊيا موجب ايران جا آمريڪي فوجي هدفن تي حملا روسي معلومات سبب وڌيڪ درست ثابت ٿيا آهن ۽ جنگ جي شروعات کان پوءِ روس ايران کي آمريڪي فوجي اثاثن جي جاين بابت آگاهي ڏيندو رهيو آهي، رپورٽن موجب آمريڪي فوجي ملڪيتن، ريڊار سسٽم ۽ ڪمانڊ سينٽر ايران جي نشاني تي آهن ۽ حملا وڏي منصوبابندي سان ڪيا پيا وڃن، آمريڪي ميڊيا موجب سي آءِ اي ۽ پينٽاگون روسي سهڪاري بابت تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته روسي سفارتخاني به انٽيليجنس سهڪار بابت سوال جو جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي، ٻئي پاسي آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته چين هن وقت تائين ايران جي دفاعي مدد ڪندو نظر نٿو اچي.
دفاعي ميزائلن جي کوٽ:روس پاران يوڪرين تي وڏي حملي جو امڪان
ڪيف (م ڊ) يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف سميت اهم شهرن جو فضائي دفاع خطري ۾ پئجي ويو آهي. الجزيرا جي رپورٽ موجب، آمريڪا جا نار وارا اتحادي ايران جي حملن کي روڪڻ لاءِ پيٽرياٽ ميزائيل تيزي سان استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري يوڪرين کي ملندڙ فراهمي ۾ کوٽ اچي وئي آهي. صدر وولوميدير زيلينسڪي انڪشاف ڪيو آهي ته رڳو ٽن ڏينهن اندر ايران جي حملن کي روڪڻ لاءِ 800 ميزائيل استعمال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته يوڪرين وٽ ڪڏهن به ايتري وڏي تعداد ۾ گولا بارود موجود ناهي رهيو. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته روسي صدر ولاديمير پيوٽن هن کوٽ جو فائدو کڻي سگهي ٿو. يوڪرين جو توانائي وارو نظام اڳ ئي خطرن ۾ آهي، ۽ ميزائيلن جي کوٽ سبب بجلي گهرن ۽ ٻين اهم هنڌن جو بچاءُ ناممڪن ٿي ويندو. روس گذريل ڪجهه ڏينهن کان خاموش آهي، جيڪو شايد وڏي حملي جي تياري آهي ته جيئن يوڪرين جي دفاعي اسٽاڪ کي مڪمل طور خالي ڪرائي وڏي تباهي مچائي سگهجي.