نواب اڪبر بگٽي سان ٿيل پهرين ۽ آخري ملاقات

تحرير: عاجز جمالي

ھي 1997 جي شروعاتي مھينن جي ڳالهھ آھي جو ھڪ ڏينھن فرنٽيئر پوسٽ جي رپورٽر دوست منظور شيخ جي موٽر سائيڪل  تي اسان بمبئي ھوٽل مان سوار ٿياسين ، جڏھن ڊفينس ۾ سندس بنگلي آڏو پھتاسين ته محسوس ٿيو ڄڻ بلوچستان جي ڪنھن قبائلي علائقي ۾ اچي وياسين ، ڏھ ٻارھن بگٽي ھٿيار بندن اسان کي مک دروازي تي روڪي ڇڏيو ، چيو ته بيھو ،اندريان پڇي ٿا اچون ، ٿوري دير بعد ٻن ھٿيار بندن اسان کي ساڻ ڪري ھڪ شاندار ڊرائنگ روم ۾ ويھاريو ، ميز تي طرحين طرحين جا خشڪ ميوا رکيل ھجن ، ھڪ نوڪر پاڻي پياريو، ٿوري دير ۾ چانهھ به اچي وئي، مان ۽ منظور شيخ چانھه جون چسڪيون ڀري رھيا ھئاسين ته اوچتو نواب صاحب پنھنجي رعب دار انداز ۾ داخل ٿيو، اسان ٻنھي سان ھٿ ملائي صوفي تي ويھي رھيو ۽ اسان کان سنڌي ۾ روايتي ڳوٺاڻي انداز ۾ حال احوال ڪرڻ لڳو، ھيءَ نواب اڪبر بگٽيءَ سان منھنجي پھرين ۽ آخري ملاقات ھئي، ڇوته ان بعد منھنجي ساڻس ڪابه ملاقات نه ٿي ،مان سندس حياتي ۾ سندس رياست سان ھلندڙ آخري جنگ دوران به ديرا بگٽي ويو ھوس پر ان دوري تي اسان کي آئي ايس پي آر وارا وٺي ويا ھئا، ان حال پوءِ ٿو لکان.

جيئن ته نواب اڪبر بگٽي کان ٽائيم منظور شيخ ئي ورتو، ھن سياسي صورتحال بابت  ٽي چار سوال ڪيا، مون ويٺي ڏٺو ۽ مان نواب اڪبر بگٽي جي رويي جي باري ۾ سوچيندو رھيس، سندس ڳالھائڻ جو انداز صفا رکو، رويو صفا فوجي اسٽائل ، مختصر جواب، نيٺ مون کائنس سنڌي ۾ سوال ڪيو ته پڇيائين ته تون ڪھڙي اخبار جو نمائندو آھين، مون کيس چيو ته نواب صاحب مان ڪاوش اخبار جو رپورٽر آھيان. چوڻ لڳو تنھنجي اخبار ته ڪوڙ لکندي آھي. جواب ٻڌي منھنجا صفا تاڪ لڳي ويا، کائنس وري منظور شيخ، نواز شريف جي نئين حڪومت ۽ بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي بابت سوال ڪيا ته رکا رکا جواب ڏنائين. تيسين مون وري ھمٿ ڪري کانئس سوال ڪيو، چوڻ لڳو سنڌي اخبارون ته ڪوڙيون خبرون گھڙي ھلائينديون آھن ، ڪھڙو جواب ڏيان، سندس جواب ٻڌي اندر سڙي ويو، مون سوچيو ھن کان ته پير پاڳاري جو رويو به بھتر ھوندو آھي، سوچيم آخري سوال ڪري ڏسان ٿو، جھڙو رويو نواب صاحب رکندو ،اھڙي ئي موٽ ڏبي ، ظاھر آھي ٻروچڪي ته منھنجي به جينس ۾ شامل آھي ، مون کائنس سوال پڇيو ته ٺھه پهھ جواب ڏنائين ته تنھنجي اخبار ڪوڙي آھي، مون کي پڪ ناھي ته مان جيڪو ڳالھائيندس اھو ڇپندو. مون کيس چيو نواب صاحب ھڪ ڳالھه ٻڌو، اخبارون ڪوڙ ان لاءِ لکنديون آھن جو سياست دان ڪوڙ ڳالھائيندا آھن ، اسان اوھان جو ئي ڪوڙ ڇاپيندا آھيون.

خير تلخ روين سان اھو انٽرويو پڄاڻي تي پھتو ، ان جون سياسي ڳالھيون ٻئي ڏينھن اخبار جي پھرين صفحي تي شايع ٿيون ، پر نواب اڪبر بگٽي جي رويي سبب وري ڪڏھن به دل نه چاھيو ته ساڻس ملجي ، لڳ ڀڳ ويھن سالن بعد نواب اڪبر بگٽيءَ ۽ رياست جي جنگ شروع ٿي ،نيٺ نواب اڪبر بگٽي ديرا بگٽي ڇڏي جبلن ۾ روپوش ٿي ويو، نواب صاحب جي حاويلي تي فوج قبضو ڪيو ، قبضي بعد ڪراچي مان ويھارو کن صحافين کي جھاز ۾ ويھاري سکر پھچايائون ، اسان کي آءِ ايس پي آر وارا وٺي ويا، تڏھن پنجاب مان ھزارين بگٽين تي ٻڌل قافلو واپس ديرا بگٽي وڃي رھيو ھئو، اسان کي ديرا موڙ وٽان ان قافلي ۾ شامل ڪيائون ، ٻڌايو ويو ته ھي سڀ نواب اڪبر بگٽيءَ جا ستايل بگٽي آھن جيڪي ھاڻي واپس پنھنجي ڳوٺ وڃن پيا. ان کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي اسان کي ھڪ برگيڊيئر بريفنگ ڏني ھئي ، سندس سڄو زور ڊاڪٽر شازيا جي ڪردار تي ھئو، مثال ته ڊاڪٽر شازيا سوئي گيس جي اسپتال ۾ ٽي شرٽ پائي گھمندي ھئي، ثابت ڪيو پئي ويو ته مائي جو ڪردار سٺو نه ھئو ، ياد ڏياريندو ھلان ته نواب اڪبر بگٽيءَ جي آخري جنگ ڊاڪٽر شازيه خالد ساڻ سوئي گيس جي اسپتال ۾ ٿيل ريپ جي واقعي سان شروع ٿي ھئي ، نواب صاحب جو موقف ھئو ته سنڌياڻي ڊاڪٽر ھتي اسان جي ميزبان ھئي ،سندس گھر ۾ گھڙي ساڻس ھڪ ڪئپٽن جنسي ڏاڍائي ڪئي ،ان ڪيپٽن حماد کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي، ان ڳالھه تان معاملو ڇڙيو، ڳالھه وڃي پري پئي.

خير اسان ان قافلي سان ٽن پھرن جو ديرا بگٽي پھتاسين ته ھڪ ويران شھر جو منظر ھئو، ديوارون گولين سان پروڻ ھيون، ھندو پاڙي ۾ تباهه ٿيل دوڪانن ۾ سامان به پيل ھئو پر ھي سڄو شھر ڄڻ ته نواب اڪبر بگٽيءَ سان گڏ روپوش ٿي چڪو ھئو ، ھن روپوش شھر ۾ اسان کي باغي اڪبر بگٽيءَ جي مقبوضه حويلي ڏيکاري وئي، ھٿيارن جا انبار ڏيکاريا ويا، بريفنگ ڏيندڙ ڪرنل جي نظر ۾ سڄو گناهگار اڪبر بگٽي ھئو ، اسان کي ٻڌايو ويو ته سندس نجي جيل ھئو ، اھو به ٻڌايو ويو ته ھو ماڻھن تي ٽارچر ڪندو ھئو، بھرحال ڪراچي جي صحافين اھڙا ته سوال ڪيا جو ڪرنل جا پگھر نڪري ويا ھئا. ھن دوري ۾ اسان کي تڪڙ ۾ ھڪ ھيلي ڪاپٽر ۾ ويھاري واپس سکر ايئر پورٽ تي پھچايو ويو ، نه شھر گھمڻ ڏنو ويو نه ڪنھن خانگي ماڻھوءَ سان ڳالھائڻ ڏنو ويو ،نه ڪنھن فوجي آفيسر جو انٽرويو ڪرڻ ڏنو ويو، بس ھڪ ڪرنل فرقان ڳالھايو جيڪو اتي آپريشنل انچارج ھئو ، يا وري حمدان بگٽيءَ ڳالھايو جيڪو پنجاب مان قافلي کي وٺي آيو ھئو، هيءَ 2006 جي ڳالھه آھي بعد ۾ حمدان بگٽيءَ کي جنرل پرويز مشرف  اتان جو ايم اين اي بڻايو ھئو، اسان جي ان دوري جي ڪجهھ مھينن بعد نواب اڪبر بگٽيءَ کي 26 آگسٽ 2006 ۾ ڪوھلو جي علائقي ۾ ھڪ غار مٿان بمباري ڪري شھيد ڪيو ويو، ان ڪري نواب اڪبر بگٽيءَ سان ٻين ملاقات ڪڏھن به نه ٿي ،سو ساڻس ٿيل اھا پھرين ملاقات ئي آخري ملاقات رھجي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.