شاھ لطيف جي شاعري ۾ شاھ عنايت جي تحريڪ جو ذڪر

تحرير: سارنگ جويو

اردو ۽ انگريزي ناول نگار صفدر زيدي صاحب جي پڇيل سوال ته، ”شاھ عنايت جي شھادت وقت لطيف سائين جي عمر 28 سال ھئي، ته پوءِ شاھ عنايت ۽ ان جي تحريڪ کي مقامي حڪمرانن، مغل حڪمرانن ۽ زميندارن سان گڏجي ڪچلي 26 ھزارن کان وڌيڪ فقيرن کي شھيد ڪيو ويو ته پوءِ ان ھيڏي وڏي ڪربلا تي شاھ لطيف جي شاعري ۾ ڪو نوحو يا شعر ڇو نه ملي؟  يا ڪٿي ايئن ته ناھي ته ڪنھن انھن نوحن کي رسالي مان ڪڍي ڇڏيو آھي؟ ۽ ھي به ڄاڻن چاھيان ٿو ته شاھ لطيف ان ظلم تي ڪنھن قسم جو آواز اٿاريو ھو؟

ان سوال کان پوءِ فيس بوڪ تي ھڪ وڏو بحث ڇڙي ويو آھي، ھڪڙا ساٿي لطيف سائين کي پير ۽ جاگيرادارن جو ساٿي ڄاڻائي چون پيا ته ھن مفاھمتي پاليسي اختيار ڪندي شاھ عنايت جي تحريڪ تي ناھي لکيو، جيئن ڪجهه وقت اڳ ۾ اسان جي ھڪ سياسي دانشور امان الله شيخ پڻ اھڙي سوال تي شاھ لطيف تي اھو الزام ھنيو ھو ته لطيف ان وقت جي مغل اسٽيبلشمينٽ جو ماڻھو ھو، جنھن ڪري ھن شاھ عنايت يا ان جي تحريڪ تي شاعري ناھي ڪئي، جنھن کي آئون پنھنجي تحقيقي مضمون ” شاھ لطيف ھڪ وطن پرست ۽ انقلابي شاعر“ ۾ جواب ڏئي چڪو آھيان.

وري ٻيا چون پيا ته شاھ لطيف پنھنجي دور جي ڪنھن واقعي يا ڪردار کي ناھي ڳايو، وري محترم جامي صاحب لکن ٿا ته، ”شاھ لطيف پنھنجي دور جي سياسي حقيقتن جو ترجمان شاعر ناھي پر ھو ھڪ علامتي مفڪر شاعر آھي، جنھن جا بنيادي موضوع، عشق، تصوف، وحدت الوجود، زندگي ۽ وجودي سوال آھن“.

ھي انتھائي اھم موضوع آھي، جنھن تي ڄاڻي واڻي قلم ناھي کنيو ويو، يا وري سياسي حالتن جي دٻاءَ تحت ان پاسي تي قلم کڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي آھي، سواءِ ڪجهه محققن جي.

لطيف سائين نه صرف شاھ عنايت جي فلسفي ۽ فڪر کان متاثر ھو پر سندس انقلابي تحريڪ جو حصو پڻ ھو، ھن موضوع تي تفصيلي طور تي بدر ابڙي پنھنجي ڪتاب ”سنڌ جو شاھ“ ۾ لکيو آھي، ان کان علاوہ ان پاسي تي تاج جويي ”شاھ لطيف جا فڪري سرچشما“ ڪتاب ۾ مختصر طور قلم کنيو آھي ۽ يوسف شاھين پڻ ان پاسي تي مختصر پنھنجي ڪتاب ”شاھ لطيف جي آزادي جو پھريون عظيم شاعر“ ۾ لکيو آھي.

شاھ لطيف ۽ شاھ عنايت جي فڪري ۽ عملي لاڳاپي تي مون 5 کان 6 مضمون لکيا آھن، جن مان 2 مضمون: ھڪ ”شاھ لطيف وطن پرست ۽ انقلابي شاعر“، سلسليوار ”تخيل“ رسالي جي 17 ھين ڪڙي جنوري ـ مارچ 2022 ۾ ڇپيل آھي ۽ ٻيو مضمون ”ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ انقلابي ڪردارن جو مختصر جائزو“ سلسليوار شاگرد ھلچل رسالي جي آڪٽوبر 2023 ۾ ڇپيل آھي، ان کان علاوہ ٽيون مضمون”سنڌ جو سوشلسٽ باغي صوفي شاھ عنايت“ 18ھين آڪٽوبر 2022 جي روزاني سنڌ اخبار ۾ ڇپيو ھو.

چوٿون مضمون اڻ ڇپيلف عنايت جي تحريڪ سان وابستگي“، پنجون مضمون اڻ ڇپيل ”شاھ لطيف جو شاھ عنايت جي جھوڪ واري تحريڪ سان تعلق“، شامل آھن.

انھن مضمونن تي مشتمل جلد ڪتاب به پڌرو ڪرڻ جو ارادو آھي، جنھن ۾ مون شاھ لطيف جي فڪر جي ھڪ ادنيٰ شاگرد جي حيثيت ۾ شاھ لطيف ۽ شاھ عنايت جو فڪري ۽ عملي لاڳاپو شاھ لطيف جي شاعريءَ جي مثالن سان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

شاھ لطيف سنڌ جو اھو مفڪر شاعر ھو، جيڪو وطن پرست ھجڻ سان گڏ عالمي امن ۽ ڀائيچاري جو مفڪر شاعر پڻ ھو، سندس سموري شاعري پنھنجي وطن، قوم ۽ پِڙھيل ۽ پورھيت طبقي تي ڪيل آھي، ھو ھڪ عالم، مفڪر ۽ دورانديش شاعر سان گڏ ھڪ سماجي سائنسدان پڻ ھو، سندس شاعري جي گھري مطالعي مان اھو بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته ھو پنھنجي دور جي سياسي سماجي اُٿل پُٿل کان ڇڱيءَ ريت واقف ھو، جنھن جو ذڪر سُر يمن ڪلياڻ، سُر مارئي، سُر سسئي، سُر سھڻي، سُر ڪاموڏ، سُر ڪاپائتي، سُر سامونڊي، سُر سريراڳ، سُر گھاتو، رامڪلي، کاھوڙي، ڪيڏاري ۽ ٻين سُرن ۾ علامتي انداز سان چٽو ۽ واضح ملي ٿو، قومي غلامي، ڏُڪار، جنگ و جدل، معاشي ابتري، سياسي سماجي ڀڃ ڊاھ ۽ ٻيا موضوع واضح نظر اچن ٿا: جيئن سُر ڪاپائتي ۾ لطيف سائين جنگ، ۽ ڏڪار کان پوءِ پيدا ٿيل معاشي ابتري جو ذڪر ڪيو آھي ته:

نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،

پَسيو بازارون، ھينئڙو مون لوڻ ٿئي.

يا

سُر گھاتو ۾ وري ھن ريت ڪري ٿو ته:

*

نه ڪا بوءِ بازار ۾، نه ڪا ڇلر ڇٽ،

جتي ھئي اڳي ڏنڀرين جي اُگھَٽ،

سي پِڙَ پَسئو پَٽَ ماڙھو وڃن موٽئا.

يا وري جڏھن سنڌ جي سمنڊ تي پورچوگيز ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني فرنگي اچي ڌاڙيلن وانگر قبضو ڪن ٿا ته، انھن حالتن جي نشاندھي ڪندي لطيف سائين سُر سريراڳ ۾ خبردار ڪري ٿو ته:

دُنگي منجھ درياھ، ڪينَ ٻُڏي، ڪينَ اُپڙي،

جو جي واڍي واڻيا، سي سُونھَڻَ سَڀ سڙيا،

معلم ماڳ نه اڳيين، ’ڦلنگي‘ منجهھ ڦريا،

ملاح تنھنجي مڪڙي، اچي چور چڙھيا،

جتي ڍينگَ ڍريا، تتي تاري تنھنجي.

لطيف سائين پنھنجي دور جي سياسي ۽ سماجي حالتن ۽ اٿل پُٿل کان متاثر ٿي معاشي ابتري کان وٺي ڪري ڌارين حملي آورن کان خبردار پڻ ڪري ٿو ته اتي اھو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته ھيڏي ساري ڏن کان آجي وطن جي آزادي جي مزاحمتي تحريڪ کي ڪيئن ٿو وساري يا نظر انداز ڪري سگھي، اھو ممڪن ئي ناھي.

شاھ لطيف نه صرف شاھ عنايت جي صوفياڻي فڪر وحدت الوجود پر گڏيل ڪميون واري فڪر کان به متاثر ھو، نه صرف متاثر ھو پر عملي طور تي ان تحريڪ جو حصو پڻ ھو، ته پوءِ اھو ڪيئن ٿو سگھي ته لطيف ھيڏي وڏي واقعي ۽ ظلم تي نه لکيو ھوندو. لطيف سائين شاھ عنايت ۽ اننجي تحريڪ تي تمام گھڻو لکيو آھي، جنھن جا مثال سندس رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ، سُر رامڪلي، سُر کاھوڙي، سُر سھڻي، سُر ڏھر، سُر ڪيڏاري ۽ ٻين سُرن جي بيتن مان واضح ملن ٿا:

مثال طور:

سدا آھي سورَ جي،  واڍوڙين وائي،

جيڪا اَٿن مَن ۾، سَلنِ نه سائي،

اوڙَڪَ اھائي، ڳوليو لھن ڳالھڙي. (يمن ڪلياڻ)

ــ ــ ــ

رھي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽاءِ،

جن کي سُورُ سَريرَ ۾، گھَٽَ مَنجھاران گھاءِ،

لڪاءِ لوڪاءِ، پاڻھي ٻَڌَن پَٽيون. (يمن ڪلياڻ)

ــ ـــ ـــ

ڪاناريا ڪڻڪن، جنين لوھ لڱن ۾،

محبت جي ميدان ۾ پيا لال لُڇن،

پاڻھي ٻَڌن پَٽيون، پاڻھي چڪيا ڪن،

وٽان واڍوڙين، رھي اچجي راتڙي. (يمن ڪلياڻ)

ھي ڪير آھن، جن کي ڪان ٽُنبيل آھن، جن کي تلوارن جا گھاوَ آھن، جيڪي پنھنجو علاج ماڻھن کان لڪيو به پاڻ پيا ڪن، اھي ڪي جوڳي يا سنياسي نه پر شاھ عنايت جي مزاحمتي تحريڪ جا انقلابي آھن.

ڪيم ڪاپڙين جي، پھرئين ڏينھن پروڙ،

ته سگھا ساعت نه ھيڪڙي، چار ئي پھَرَ چُورُ،

ھونُ سناسيءَ ۾ سُورُ، لڪا ڀُڻن لوڪَ ۾. (سُر رامڪلي.)

اھي ڪھڙا ڪاپڙي آھن، جيڪي ماڻھن کان لڪندا وتن، جيڪي ھڪ گھڙي به سگھا ناھن، چار ئي پھر چُور ٿيل آھن، زخمي ٿيل آھن، اھي شاھ عنايت جا انقلابي آھن، جيڪي جنگ مان زخمي حالت ۾ بچي نڪتا آھن، ۽ روپوش رھي پنھنجو پاڻ پيا علاج ڪن.

يا

جھڄان پَسي جھوڪَ، آيلَ سنگھارن جي،

جَن ٿي پَھي پيارئا، مَنجھان مَٽَن موڪَ،

لڏي وڃان لوڪَ، اُٺي وئڙا اُڪري. (سُر ڏھر)

يا وري سر سھڻيءَ جو ھي بيت ڏسو جيڪو شاھ لطيف شاھ عنايت جھڙي عظيم سوشلسٽ باغي جي شھادت تي لکيو آھي:

گھڙي گھڙو ھَٿ ڪري، ٻَھون نھاري ٻَنگُ،

سر در قدم، يار فده شُد، چه بجه شُدُ، وصل اھو ئي وَنگُ،

رات جنين جو رَنگُ، الا سي اُڪارين. (سُر سھڻي)

ياد رھي اھو تاريخ جو رڪارڊ آھي، ته جڏھن ڪلھوڙا حڪمران، مغل فوج، ۽ مقامي زميندار شاھ عنايت جي تحريڪ کي مڪمل ڪچلڻ ۾ ناڪام ويا ھئا، ته انھن معزز ماڻھن ذريعي اڇو جھنڊو ۽ قرآن مجيد کڻي جنگبندي ڪرڻ جي ڳالھه ڪري شاھ عنايت کي گھرائي کيس دوکي سان گرفتار ڪري مٿس مقدمو ھلائي کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ته ان موقعي تي شاھ عنايت، صوفي سرمد جو اھو فارسي بيت شھادت کان ڪجهه گھڙيون پھرين پڙھيو ھيو ته:

سر در قدم، يار فده شُدُ، چه بجه شُڊُ،

اين بارگران، بود اده شُدُ، چه بجه شُدُ.

*

مطلب: سر يار جي قدمن تي فدا ٿيو ته سُٺو ٿيو،

اھو ڪلھي تي وڏو بارُ ھو، ادا ٿيو ته سُٺو ٿيو.

شاھ لطيف سُر سھڻيءَ ۾ ان بيت جي ھڪ سٽ ڏئي ۽ ٻه ٻيون سنڌيءَ جون شاھڪار سٽون ڏئي جيڪا پنھنجي اڳواڻ شاھ عنايت کي شھادت جي موقعي تي جيڪا ڀيٽا ڏني آھي، اھا ڪمال جي آھي، جنھن مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته لطيف سائين نه صرف شاھ عنايت جي فڪر کان متاثر ھو پر ھو ان تحريڪ جو حصو پڻ ھو، جنھن جي ثابتي شاھ لطيف جو سُر رامڪلي جو داستان ٻيو به آھي، جنھن ۾ شاھ عنايت جي انقلابين سان ھن جيڪي راتيون ۽ ڏينھن گذاريا آھن، انھن جو تفصيلي روزاني ڊائري جيان ذڪر ڪيو آھي.

اھڙيءَ ريت سُر ڪيڏاري ۾ به ڪيترائي بيت اھڙا آھن، جيڪي منظر نگاري ۽ منظر مان سنڌ جي شاھ عنايت واري تحريڪ کي ڪچلڻ واري ڪربلا بابت آھن:

ڪاري ڪڪر ھيٺ، مون جھيڙيندا ڇڏيا،

ڪارا ڪُندَ ھٿن ۾، اڙلَ وڇيرا ھيٺ،

ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽَڻ جنين ميھڻو. (سُر ڪيڏارو)

يا

ڀَڪليا ڀُوڻَن، ڌَڙَ کي گڏيو ڌوڙ ۾،

ڳالھيون ڳھلي لوڪَ سين، پَڌَر پئي نه ڪَن،

راتين رُڃ رھن، ڏينھان ڏورين ڏونگرين. (ڪيڏارو.)

ھنن مٿين بيتن ۽ تاريخي روايتن مان اھو ثابت ٿئي ٿو ته لطيف سائين نه صرف شاھ عنايت جي تحريڪ کان متاثر ھو پر ھو عملن به ان جو حصو رھيو، اھو ئي سبب ھو جو شاھ لطيف کي ميان نورمحمد ڪلھوڙي ٽي ڀيرا مارائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ھئي، ۽ سندس سئوٽ عبدالولاسع شاھ جيڪو شاھ عنايت جي قتل ۾ ملوث ھو، ان شاھ لطيف سان ناروا سلوڪ رکيو ۽ جڏھن شاھ لطيف پنھنجي تڙ ڏاڏي شاھ ڪريم بلڙي واري جي مزار ڪاشي جي سرن سان جوڙائي ۽ ان جي در تي اللطيف نالي واري سر ھڻائي ته اھا سر عبداولاسع شاھ پٽي اڇلائي ڇڏي ھئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.