علاج لاءِ دربدر ٿيندڙ مريض ۽ اسپتال عملي جون سفاڪيون

تحرير: منصور نائچ

ٿيو ايئن جو منهنجي وڏي ڀيڻ کي پتي ۾ پٿري جي تڪليف ٿي ۽ آپريشن ڪرائڻو پيو جنهن جو حل صرف آپريشن ئي آهي ۽ اسان حيدرآباد جي ڪنهن پرائيويٽ هسپتال مان آپريشن ڪرايو ۽ پتي کي ڪڍي ڇڏيو۔ پر اهو آپريشن ڪامياب نه ٿيو ۽ جنهن جي ڪري ڀيڻ جي زندگي خطري ۾ اچي وئي ۽ حيدرآباد واري سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ اعلاج شورع ڪيو ويو پر ڪجهه ڏينهن حيدرآباد واري اسپتال ۾ رهڻ کان پوءِ انهن ڪراچي ريفر ڪيو ڇو جو مريض جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي هئي.

اسان بنا دير ڪراچي طرف ايمبولنس ذريعي نڪري آياسين ۽ ۽ ٻه ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ ڪراچي جي سول اسپتال پهتاسين ۽ ايمرجنسي ۾ ويا۔ سول اسپتال ۾ مريض کي ڏسي چيو ويو ته جناح اسپتال هليا وڃو هتي اسان وٽ وقت صفا ناهي ۽ اسان بنا دير جناح اسپتال پهتاسين ۽ ايمرجنسي وارڊ ۾ هليا وياسين اتي پهچڻ کان پوء جيڪا حالت هئي اها ڪنهن قيامت کان گهٽ نه هئي وارڊ جي چئني طرف کان رڳو مريضن جون دانهون ۽ تڪليف مان نڪرندڙ آهون هيون ڪي اهڙا مريض جيڪي گولين جو کاڄ بڻيل ڇو جو ڪراچي جا رستا هر وقت موت جو کوهه بڻيل آهن وري ڏس ته حادثاتي مريض الڳ ڪنهن جو مٿو ڦاٽل ته ڪنهنجي ڄنگهه ڀڳل ته ڪنهنجي قميص رت ۾ رنگيل اهڙي ماحول ۾ اسان پنهنجي مريض کي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو پر اتي به اسان اهو ساڳيو جواب مليو جيڪو سول اسپتال مان مليو ۽ اسان کي واپس سول اسپتال ۾ موٽڻو پيو ڇو جو جناح اسپتال مان اهو چئي موٽايو ويو ته اهڙا ڪيس هوندا ئي سول اسپتال جي ٽراما سينٽر جا ڊاڪٽر ڏسندا آهن ۽ اسان کي سول اسپتال اچڻو پيو وري اسان ان ساڳي ڊاڪٽر سان ملياسين جنهن مريض جو شروع ۾ چيڪپ ڪيو ۽ ان اهي ڪاغذ ڏسي ۽ جناح اسپتال جو نوٽ ڏسي وارڊ نمبر 4 ۾ موڪليو جيڪو هيو ئي او پي ڊي ۽ او پي ڊي آچر جي ڏينهن بند هوندي آ ۽ اتان به اسان کي جواب مليو ۽ اسان لاچار ٿي اچي ٻاهر ويٺاسين.

مون سميت جيڪي مريض سان گڏ منهنجي امڙ وڏو ڀاءُ ۽ ادي جو گهر وارو سڀئي پريشان ۽ من ۾ قيامت سڳرائو جهڙو ماحول لڳو پيو ۽ بيوس ويٺا هئاسين ۽ اتي هڪ همراه جيڪو ايمبولنس وارو هيو جيڪو اچي اسان جي پويان پيو ۽ اسان نوان ان جي ڳالهين ۾ اچي وياسين ۽ هو اسان کي هڪ خانگي اسپتال وٺي ويو ۽ چيائين ته هيءَ اسپتال سستي ۽ سٺي آهي ۽ اسان پنهنجي مريض کي ان ڪمال اسپتال جيڪا صدر ۾ هئي اتي داخل ڪيوسين ۽ صرف 18 ڪلاڪن ۾ ان اسپتال جي اسٽاف ۽ ڊاڪٽرن اسان کان 46 هزار خرچ ڪرايا  ان ۾ اهو اندازو ٿيو جهڙي اسان جي مريض جي ڪنڊيشن هئي ته 12 کان 15 لک جو خرچو ٿي وڃي ها پر اسان ان ڪوس گهر کان بچي وياسين۔ جهڙي ريت ان خانگي اسپتال ۾ مريض هئا ته اسان جي ڀيڻ بلڪل ڊڄي وئي ڇو جو اتي مريض ئي وينٽيليٽر پيا هئا ۽ مريض سڄي ڏينهن ۾ هڪ دفعو ملاقات جي اجازت هئي اهي حال ڏسي ڀيڻ دل لاهي ويٺي ۽ مايوس ٿي پئي.

خير جيئن اسان کي ساهي ملي ته اسان رابطا شروع ڪيا. جناح جي سرجيڪل وارڊ جي ڊاڪٽرن جا ڪانٽيڪٽ مليا ۽ ريفرنسز مليا نه ته جناح ۾ ڪنهن واسطي يا ڪنهن وڏي ماڻهون جي چوڻ کان سواءِ داخلا نه ملندي ۽ جيئن ئي سومر جي ڏينهن اسان جناح اسپتال وياسين ته او پي ڊي ۾ ڊاڪٽرس کان چيڪ اپ ڪرايو ته ان ڏينهن ئي داخلا ملي ۽ ان ڏينهن کان پوءِ اسان جو مريض پورو مهينو داخل هيو جنهن ۾ آپريشن کان وٺي هر روز جي بنياد تي ٽيسٽ ۽ رت جي چڪاس ۽ هر روز انجيڪشن لڳنديون هيون .

ان مهيني ۾ مون گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ سمجهيو ڇو جو اتي هر قسم جو ماڻهو ۽ هر قوم جو ماڻهو علاج جي لاءِ اچي پيو ۽ اسپتال ۾ عملو به هر قوم جو فرد هيو ۽ مٿئين اسٽاف ۾ زياده سنڌي هيا يعني ڊاڪٽرس ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽس ۽ مٿئين پوزيشنس تي سنڌي گهڻي مقدار ۾ هيا بنسبت ٻين قومن جي ۽ قومن جي فردن جا رويا به ڏٺا ته ڪهڙي قوم جو ماڻهون ڪيئن ٿو سوچي ۽ ٻي قوم جي فرد سان ڪهڙو رويو ٿو رکي ۽ ڪهڙي طريقي سان ٿو ڳالهائي۔ جناح اسپتال جيڪا هلي فنڊ تي ٿي جنهن ۾ فنڊنگ ڪرڻ وارا اڪثر بزنس ٽائيڪونس ۽ انهن جي فيملي ۽ ڪجهه مڙئي حڪومت طرفان به ڏنو وڃي ٿو۔ جناح ۾ سواءِ ڊاڪٽرس کان باقي سڄو هيٺيون عملو يعني نرسز ۔ سوئيپرز ۔ چوڪيدار ۔ لفٽ آپريٽر يا ميڊيڪل ٽيڪنالاجي سان واسطا رکندڙ ٽيڪنيشنس يا گارڊس جنهن ۾ گهڻي مقدار رٽارئيڊ فوجي شامل آهن سڀئي خانگي اپائينٽ ٿيل آهن جن کي خانگي طور ھائير ڪيو ويو آهي۔ هر وارڊ ۾ هڪ رينجرز جو افيسر موجود آهي اهو اتي ڇو آهي اهو هڪ ان کي خبر ٻيو ان اتي اپائنٽ ڪرڻ واري کي خبر ۽ ٽيون الله کي خبر ته اهو هر وارڊ ۾ ڇو آهي.

اسپتال جي اسٽاف ۾ هر قوم جو ماڻهو هيو خاص ڪري گارڊز ۾ سڀئي يعني سنڌي مهاجر پٺاڻ بلوچ وغيره سڀئي ۽ اتي هڪ قانون به آهي ملاقات جو مقرر ٿيل آهي پر منهنجو يا منهنجي مائٽن جو رويو اسٽاف سان محبت وارو هيو مطلب سهڻي طريقي سان ڳالهائڻ نه گهڻو رعب ان حوالي سان اسٽاف به اسان سان سٺو هيو پر هڪ ڏينهن منهنجو ڪزن آيو ۽ اسان جئين ئي وارڊ وٽ پهتاسين ته هڪ سنڌي گارڊ بيٺو هيو ۽ چيائين ته توهان جو وارڊ ۾وڃڻ منع آهي اسان چيو ته هر روز ويندا آهيو ٻيا اسان کي ڇڏيندا آهن تو ڇو ٿو روڪين ته هو جزباتي ٿي ويو ۽ اردو ۾ گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ٿي ويو ته سارنگ پڇيس ته ڪير آهين جو ايترو ڳالهائين پهريان چپ رهيو پو سنڌي ۾ ڳالهائين ته سارنگ چيس ته ٻيا گارڊ اسان سان ڪئين ٿا هلن. تون سنڌي ٿي ڪري ڪئين ٿو ڳالهائين پنهنجي قوم جو به خيال نٿو ڪرين ۽ گهٽ وڌ ٿو ڳالهائين شابس هجئي پو ان کي سمجهايو ته اسان ته توسان ڳالهائڻ جهڙا آهيو پر جيڪڏهن اتي سفا اٻوجهه سنڌي هجن انهن سان اوهان غيرن کان وڌيڪ زهريلا آهيو .

مون جناح اسپتال ۾ سياسي لهر به ڏٺي جناح نه صرف اسپتال پر هڪ تعليمي ادارو پڻ آهي ۽ اتي سياسي تنظيمن جو شاگرد ونگ به پر صرف ٻه جيڪي مون ڏٺيون هڪ پي ايس ايف جيڪا پيپلز پارٽي جي شاگرد ونگ آهي ۽ ان ۾ منهنجو هڪ دوست به ميمبر آهي جنهن سان اتي اوچتي ملاقات ٿي پوءِ ان سان ملاقات ٿيندي رهي چار پنج دفعا ۽ جڏهن ان سان سياست تي ڪچهري ٿي ته ان کان پڇيم ته هتي اوهان سياست ته ڪيو ٿا پر پنهنجي ميمبر کي سياسي شعور به ڏيو ٿا يا نه ته هن چيو اسان جا ميمبر هتي جام آهن ۽ پاور رکون ٿا ڪينٽين تي بل اڌ ڀريون ٿا ۽ هر وارڊ ۾ پنهنجي دٻ دٻو آ جيڪا مدد کپئي ٻڌائي جان ٿي ويندو ۽ مان ان سان ٻيهر سياسي بحث ئي نه ڪيو ۽ جناح ۾ ٻي سياسي تنظيم اسلامي جميعت جي شاگرد ونگ هئي جنهن جو الڳ ئي ليول هيو اهي اهو ن جتائيندا هيا اسان جميعت سان واسطو رکئون ٿا بس موقعي تي پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪري ويندا هيا۔ ان ٻن تنظيمن جا پاڻ ۾ ٻه يا ٽي دفعا جهيڙا مون اکين سان ڏٺا پر هنن جو جهيڙو ڪو حق خاطر نه هيو پر پنهنجو پاڻ کي پاورفل ثابت ڪرڻ هيو ۽ جهڙي ۾ عام ماڻهون کي تڪليف گهڻي ڏيڻ جو اولين حق آهي.

اهو سڀ ڪجهه مون هڪ مهيني ۾ رهي ڪري ڏٺو ۽ اڃا گهڻيو ڳالهيون آهن جيڪي ڪجن پر اهم مثال بيان ڪيا۔ زندگي ۾ اگر ڪنهن کي ڪجهه سکڻو سمجهڻو آهي يا تڪليف ڏسڻي آهي ته اوهان اسپتال جو رک ڪيو هر ماڻهون ۽ ان جي الڳ ڪهاڻي اوهان کي هڪ نئي باب جو سبق ڏيندو هڪ نئين ڪهاڻي ڏسڻ وٽان ملندي ڇو جو اتي هر شخص ڪهاڻي آ.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.