اسان جا رکوالا اسان کي قتل ڪن ته باقي ڇا بچيو!

تحرير: الياس سمون

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي مان علاج ڪرائي فيملي سميت ڪيٽي بندر واسڻ الٽو ڪار ذريعي واپس اچي رهيا هئا ته ڏينهن ڏٺي اسٽيل ٽائون پوليس جي اهلڪارن سندن گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، فائرنگ ۾ ڪيٽي بندر جي سياسي سماجي شخصيت يعقوب سمون جي ڀيڻ، پوليس اهلڪار الطاف سمون علي محمد سمون ۽ صدام سمون وارن جي والده سائره ٿڏي تي فوت ٿي ويئي ھئي. پوليس فائرنگ ۾ قتل ٿيل عورت جي ڌيءَ صغيره جو ڪراچي آغا خان اسپتال ۾ آپريشن ڪري سندس جسم مان گولي ڪڍي ويئي آهي پر سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پيئي وڃي .

اسٽيل ٽائون پوليس پاران ڏوهارين سان مقابلي دوران ڪراس ڪندڙ فيملي واري ڪار کي گوليون لڳڻ واري موقف کي وارثن سياسي سماجي ڌرين رد ڪندي ان واقعي کي پوليس گردي جو بدترين مثال قرار ڏيندي جوابدار اهلڪارن جي فوري  گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي

ٻئي طرف صوبائي وزيرن حاجي علي حسن زرداري رياض شاھ شيرازي  ايم اين اي صادق علي ميمڻ  ايم اين اي اياز شاھ شيرازي، اڳوڻي سينٽر  سسئي پليجو غلام قادر پليجو پڻ واقعي صرف رسمي مذمت ڪندي سنڌ حڪومت ۽ گهرو وزير سان رابطو ڪري ذميوار اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪرائڻ جي وارثن کي خاطري ڪرائي پر صرف دلاسو ھو جڏهن ته تڏي تي آيل اي ايس پي ملير سعيد رند وارثن کي چيو توهان جيئن چوندا تيئن ايف آءِ آر داخل ٿيندي. اتي سعيد رند کي صحافين پاران سوال ڪيو ويو ھو ته توهان جڙتو ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏيو آهي پوليس جو ته ڪنھن سان مقابلو ٿيو ئي ڪونه هو پوليس گاڏي کي ٽارگيٽ بڻايو آھي پر وارث اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي پھتا ته پوليس کتو جواب ڏئي ڇڏيو.

رپورٽون آهن ته ايس ايڇ او سراج دراني جو ناٺي آھي تنھنڪري سنڌ سرڪار ان کي بچائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪري پئي ته ايف آءِ آر داخل نه ٿئي وارثن پاران ٽول پلازه کان نيشنل ھاءِ وي ڪراچي ٺٽو بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنھن جي حمايت ۾ پوري ضلعي جي شعور ڪئي مين نيشنل ھاءِ وي ٽيھه ڪلاڪ مسلسل بند رھيو ھزارين گاڏيون رڪجي ويون. نظام درھم برھم ٿي ويو. انتظاميا اتي نيٽ ورڪ بند ڪرائي ڇڏيو پوليس مختلف حربن سان ماڻھن کي ھيسائڻ شروع ڪيو پر آخر ۾ ايم پي اي ملير ساجد جوکيو جي مداخلت تي وارثن کي ٿاڻي تي گھرائي ڳالھيون ڪيون پر نتيجو ڪو به ڪونه نڪتو. وارث پنھجي موقف تي پوليس پنھنجي موقف تي قائم رهي وارثن پوليس کان مايوس ٿي چيو ته اسان جو گھر ته اجڙي ويو پر ٻين کي وڌيڪ تڪليف ۾ ڏسي نٿا سگهون تنھن ڪري ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليون ٿا.

افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ سرڪار جو ھڪ پاور فل ايم پي اي ۽ وزير علي حسن زرداري جنھن جي تڪ جي ماڻھن سان پوليس دھشتگردي ڪئي آھي قتل ڪيو آھي سندس ووٽر روڊن تي دربدر ھئا پر پاڻ نه ويو نه ڪو حال ورتو. ٺٽو جي شيرازي برادري جنھن ۾ ٻه ايم پي اي ھڪ ايم اين اي آھن صادق ميمڻ ايم اين اي آھي رخسانه شاھ ايم پي اي آھي سندن ووٽر سندن ضلعي جي ماڻھن سان وڏو ظلم ٿيو پر مجال جو ڪير ڌرڻي تي پھتو ھجي جيڪو ماڻھو سنڌ گورنمينٽ ۾ ڪرتا درتا آھي ان جي ووٽرن سان ظلم ٿيو پر پاڻ لڙي ڪونه آيو خبر پئي ته ٺٽو جا چونڊيل نمائنده ڪيترا بيوس آھن. عام ماڻهن کي به خبر پئجي وئي ھنن جي بيوسيءَ جي.

ھاڻي وارثن پاران ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پيٽيشن داخل ڪرائي ڇڏيو آهي اسٽيل ٽائون پوليس واقعي جي پنھنجي مدت ۾ ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏيو آهي جنھن ۾ ھنن ڄاڻايو آھي پوليس ۽ ڦورن جي مقابلي دوران ھيءَ گاڏي وچ ۾ اچي وئي ھن گاڏي کي ڦورن جون گوليون لڳي ويون آھن جنھن م ھڪ عورت مارجي وئي آھي. ھڪ ايس ايڇ او کي بچائڻ لاءِ پوري سنڌ سرڪار رڌل آهي ھاڻي ظاھر ٿيو سنڌ سرڪار جئين ڪري پوليس ماڻھو ماري قتل ڪري اغوا ڪري ڪجهه ڪونه ٿيندو ڪير به انصاف جي اميد نه رکي پوليس جي دھشتگردي جاري رھندي ڪٿي به قتل ڪري ڪجهه ڪونه ٿيندو آءِ جي سنڌ سمورا ڊي آءِ جي سمورا ايس ايس پي بنا پاور جي آھن صرف ايس ايڇ او مرضيءَ جا مالڪ آھن سنڌ سرڪار کي گھرجي ته پوليس مان سياسي مداخلت ختم ڪري عام ماڻهن ۽ پوليس وچ ۾ اعتماد بحال ڪري عام ماڻهن سان انصاف ڪري

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.