لاڙڪاڻي ريڊيي جا ابتدائي انجنيئرَ ۽ ”چاچي چڀڙَ جِي محفل“

ياسر قاضي

پوئين هفتي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جِي 31هين سالگرھه گذري. جنھن ساڻ منھنجي ريڊيو ڪيريئر کي به 31 ورهه مڪمل ٿيا. ان موقعي تي ريڊيو لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل اڪيچار واقعا ذهن تي ترِي آيا. هن ريڊيو اسٽيشن جي ابتدائي آوازن منجهان هئڻ ۽ اتي پنھنجي ريڊيي ڪيريئر جا ابتدائي 7 سالَ گذارڻ سبب اتي پيش آيلَ ايڏا تکا مٺا واقعا منھنجي يادن جي خزاني جو حصو آهن، جو جيڪڏھن ريڊيو لاڙڪاڻي جي يادگيرين تي الڳ لکڻ لڳان ته شايد اهو ڌار پستڪ لکجي وڃي.

ريڊيو پاڪستان سان واڳيل هر ڪارڪن کي خبر هوندي ته هتي پروگرامنگ ۽ انجنيئرنگ جي شعبي جو پاڻ ۾ خدا ڪارڻ وير ھوندو آهي. حالانڪه انهن ٻنهي شعبن جي گڏيل سھڪار کانسواءِ ڪوبه پروگرام ڪاميابيءَ سان نشر نٿو ٿي سگهي، پر اها ريڊيو پاڪستان جي پراڻي ڪُريت رھي آهي ته هتي هر اسٽيشن تي انجنيئرنگ ۽ پروگرامنگ وارن جِي پاڻ ۾ سرد جنگ پئي هلندي آهي ۽ انجنيئرنگ جي ڪنھن ڪارڪن جي پروگرامنگ جي ڪنھن ڪارڪن (پروڊيوسر يا ميزبان) سان شل نه دشمني ٿئي، پوءِ ان پاران سندس پروگرامن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي آهي. هي ته شڪر آهي جو ايف ايم جي انقلاب اچڻ کانپوءِ هاڻي گهڻن تڻن پروگرامَن ۾ ميزبان ’پئنل‘ پاڻ آپريٽ ڪندا آهن ۽ پنھنجا گيت وغيره پاڻ وڄائيندا آهن (جيتوڻيڪ ريڊيو پاڪستان تي اهو رواج اڃا عام ڪونهي ٿيو!)، نه ته اڳي جيڪڏهن ڪو انجنيئر ڪنھن ڪمپئر يا پروڊيوسر سان ڪونه ٺھندو هو ته ڄاڻي واڻي اها حرڪت عام جام پئِي ٿيندي هئي ته ڪمپئر هڪ گيت جو اعلان ڪندو ته انجنيئر ان جي جاءِ تي ٻيو گيت نشر ڪري ڇڏيندو هو. پوءِ ڪمپئر پيو ڦڪو ٿيندو هو ۽ آن ايئر معذرتون پيو ڪندو هو. هڪ ئي پروگرام ۾ بار بار غلط گيت نشر ٿئي ته ٻڌندڙ تي اهو تاثر پوندو هو ته اڄ ميزبان تياريءَ سان ناهي آيو ۽ غلطين مٿان غلطيون پيو ڪري.

آءٌ جڏھن ابتدائي ڏينھن ۾ ئي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان وابسته ٿيس ته ان وقت اسانجي شروع واري انجنيئرنگ اسڪواڊ ۾ 3 انجنيئر شامل هئا. انجنيئر اسلم شيخ صاحب، سينيئر براڊڪاسٽ انجنيئر، جڏهن ته حبيب الله هڪڙو صاحب ۽ شاھنواز واهوچو صاحب براڊڪاسٽ انجنيئر طور پنھنجيون خدمتون انجام ڏيندا هئا. ان ئي سٿَ، اسلام آباد مان آيل انجنيئرنگ ٽيم سان گڏجي ايف ايم جو نئون ٽرانسميٽر لڳرايو هو. آخري ٻئي دوست هاڻي اسان ۾ ناھن رھيا. شاھنواز واهوچي جو گهڻا سالَ اڳ جوانيءَ ۾ ئي هڪ روڊ حادثي ۾ لاڏاڻو ٿي ويو، جڏھڻ ته انجنيئر حبيب الله هڪڙو صاحب ’ڪووڊ ــ 19‘ جي لھر ۾ اسان کان وڇڙي ويو.

 مونکي سڀني کان وڌيڪ حبيب الله هڪڙو صاحب ڀائيندو هو. منھنجي انهن ئي ڏينھن ۾ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ٿيڻ تي هو بيحد خوش هو ۽ چوندو هو ته ’اسانجي ڪلب ۾ هڪ ٻئي انجنيئر جو اضافو ٿيو!‘ هو مونکي پيار مان شُڌُ لاڙڪاڻي واري لھجي ۾ ’شودا شوڪرا‘ (ڇوڪرا) چوندو هو. سندس شخصيت ۾ به نفاست هئي ته پئنل آپريٽ ڪرڻ ۾ به! هُو پنھنجي لباس تي هڪ گُهنج به نه سھندو هو. منھنجي خواھش هوندي هئي ته جڏھن مان پروگرام ڪيان ته مونسان گڏ پئنل آپريٽ ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪوئي نه، بلڪه حبيب الله صاحب ئي ويھي. ان اڻ ڄاڻائيءَ ۽ گهٽ تجربي واري دؤرَ ۾ ڪڏھن ڪڏھن کيس باقي ٻن انجنيئرن جي سامھون چئي به ايندو هئس ته ’منھنجي پروگرام ۾ پئنل اوهان آپريٽ ڪجو!‘ جنھن تي ٻين انجنيئرن کي مَٺيان لڳندي هئي. ڪڏھن ان تي ماٺ رھندا هئا ۽ ڪڏھن ان ڳالهه تي ارهائيءَ جو اظھار ڪري به ڇڏيندا هئا. هڪ دفعي انهن ابتدائي ڏينھن ۾ ئي هڪ عيد شو دؤران حبيب الله هڪڙي کان عيد بابت تاثرات وٺڻ کان اڳ سندس تعارف ڪرائيندي چيم ته: ”اچو ته ان  انجنيئر سان ڳالهايون، جيڪو پئنل تي سڀني کان وڌيڪ مستعد ۽ ’ايڪٽِو‘ رھندو آهي. اهو آهي حبيب الله هڪڙو!“ اها ڳالهه ٻين ساٿي انجنيئرن کي نه وڻي ۽ ان شو جي ريڪارڊنگ کان ڪجهه ڏينھن پوءِ موقعو ملندي ئي اسلم شيخ صاحب مونکي چئي ڏنو: ”تَنھن جِي معنيٰ ته ٻيا انجنيئر پئنل تي ويھي ننڊ ڪندا آهن!؟ سجاڳ رڳو حبيب الله هوندو آ!؟“

ڳالهه ڪيون هن ريڊيو اسٽيشن تان نشر ٿيندڙ پھرين مزاحيه پروگرام جِي ته، ٽي ويءَ ۽ فلم سان گڏ مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان به مختلف مزاحيه پروگرام پيش ٿيندا رهيا آهن، جن کي ٻڌي ريڊيو جا سامعين کلي کلي کيرا ٿيا. 1995ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي نشريات شروع ٿي ته ان ئي سال ”چاچي چڀڙ“ نالي هڪ مزاحيه ڪردار تخليق ٿيو، جيڪو سينيئر انائونسر نُور محمّد خاصخيلي ڪرڻ لڳو ۽ ان سان سلهاڙيل پروگرام هن اسٽيشن جو پھريون مزاحيه پروگرام بڻيو. ”چاچي چڀڙ“ جي ڪردار جو تخليق ٿيڻ  به هڪ اتفاق هو. اهو ڪردار بنا ڪنھن رٿابنديءَ جي تخليق ٿي ويو. تن ڏينھن ۾ جمعي جي موڪل ٿيندي هئي ۽ موڪل ڏينھن صبح جو مان ريڊيو لاڙڪاڻي تان ”ماڻڪ موتي“ نالي هڪ پروگرام ڪندو هئس، جنھن ۾ سامعين پاران موڪليل قول، شعرَ، معلومات ۽ ٻيو مواد شامل هوندو هو، جنھن کي ترتيب ڏئي نشر ڪيو ويندو هو. هڪ ڏينھن اهو پروگرام ڪندي نور محمّد خاصخيلي صاحب مون سان اسٽوڊيو ۾ اچي ويھي رهيو ۽ اوچتو ڪنھن پوڙهي جي آواز ۾ مونسان آن ايئر ڳالهائڻ شروع ڪيائين: ”ابا ياسر! ڇا پيو ڪرين!؟ ڇا جا خط کولي ويٺو آهين!؟“ مان ذهني طور تي ان سوال لاءِ تيار ڪونه هئس، پر سندس سُرَ ۾ سُر مِلائي کيس جواب ڏنم ته ”اسانجا مھربانَ ٻڌندڙ اسانکي خط لکي مختلف سٺيون ڳالهيون موڪليندا آهن، اهي پيو شامل ڪريان!“ ۽ پوءِ ايئن ڪي پنج ست منٽ اسانجي ڳالهه ٻولهه جاري رهي، جيڪا ڪافي مزيدار هئي. مون ان گفتگوءَ دؤران ئي کيس مخاطب ٿيڻ لاءِ اوچتو ذهن ۾ آيل نالو اچاري ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌائي ته ”چاچا چڀڙَ! تُون ڪيئن اوچتو اڄ اسان وٽ اچي نڪتو آهين!؟“ مون سمجهيو ته اها ڳالهه بس ان پروگرام تائين محدود هوندي، پر ان پروگرام کانپوءِ ٻڌندڙن خط لکي اصرار ڪيو ته هر پروگرام ۾ چاچي چڀڙَ کي گُهرايو، سو ايئن اوچتو بي ساختگيءَ سان تخليق ڪيل ان ڪردار جي شھرت کي ڏسندي اسان ان ئي ”ماڻڪ موتي“ پروگرام ۾ ”چاچي چڀڙ جِي محفل“ نالي هڪ سئگمينٽ شروع ڪري ڇڏيو، جنھن لاءِ سامعين ڌار مزيدار سوال موڪليندا هئا، جيڪي سندن نالن سان چاچي چڀڙ کان پڇيا ويندا هئا ۽ هُو انهن جا مزيدار جواب ڏيندو هو. آهستي آهستي کائنس پڇجندڙ سوالن جو تعداد ايڏو وڌندو ويو جو اسانکي ”چاچي چڀڙ جِي محفل“ نالي ڌار ڏينھن تي هڪ ڌار پروگرام شروع ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته اهي سوال ايڏا گهڻا هوندا هئا، جو انهن کي شامل ڪرڻ کانپوءِ ”ماڻڪ موتي“ پروگرام جي ٻين سئگمينٽس لاءِ ٽائيم ئي ڪونه بچندو هو. ”چاچي چڀڙ جي محفل“ نالي شروع ٿيندڙ ان ڌار پروگرام جِي به پھرين مون ئي ميزباني ڪئي، پر پوءِ ڪردار جي شھرت ڏسي ڪجهه ٻين ڪمپئرن ان پروگرام تي قبضو ڪري ورتو. وڏي عرصي تائين ٻڌندڙن کي اهو معلوم ڪونه رهيو ته چاچو چڀڙ، نور محمّد خاصخيلي آهي. وڏي عرصي تائين چاچي چڀڙَ جو ڪردار اڪيلو هو. هڪ ڏينھن ايئن ئي بي ساخته سندس گهر واريءَ ”ناني نُوريءَ“ جو ڪردار به وجود ۾ آيو، جيئن پاڻ چاچي چڀڙ جو ڪردار!

هڪ عيد شو جِي ريڪارڊنگ دؤران ريڊيو لاڙڪاڻي جو سمورو عملو اسٽوڊيو ۾ هو ۽ مون ۽ تصوّر ناز، ان عيد شو جِي ڪمپئرنگ پئي ڪئي. ان عيد گڏجاڻيءَ جو پروڊيوسر آغا محمّد علي صاحب مرحُوم به اسٽوڊيو ۾ موجود هو، جنھن سان اسين عيد جي مناسبت سان ڳالهه ٻولهه به ڪري چُڪا هئاسين. پر جنھن وقت اسان ٻئِي ميزبانَ، چاچي چڀڙ جي ڪردار سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئاسين، ته ان وقت آغا محمّد عليءَ کي تخليقي طور الائي ڇا سُجهيو، جو هن اوچتو لقمو ڏيندي ڪنھن پوڙهِي عورت جي آواز ۾ مخاطب ٿيندي چاچي چڀڙ کي چيو: ”اڙي ماريا! مان سڄو ڳوٺ ڳولي ٿڪي آهيان، تون هي عيد ڏينھن چلڪڻا ڪپڙا پائي، هتي ريڊئي وارن سان ويٺو ٿو ٽھڪ ڏين! مان اتي گهر ۾ ويٺي ٿِي سَڙان!“ مون ان اوچتي حملي کي اڳ جيان جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ”ناني! تون ڪير!؟“ ته آغا صاحب ان ئي آواز ۾ وراڻيو: ”اهو تون هن پوڙهي کان پُڇ!“ چاچو چڀڙ خاموش هو. بس ايترو چيائين: ”تون وري ڪٿان آئينءَ !؟“ ان تي ٻنهي جي وچ ۾ جهيڙي نما في البديھه مڪالمو شروع ٿي ويو. ٻَئِي ريڊيو جا سينيئر ماڻهو هئا، سو سندن تڪيلَ توريلَ گفتگو پوري نشاني تي پئي وئِي. مون وري وچ ۾ سوال ڪيو: ”پر ناني! تُنھنجو نالو ڇاهي!؟“ ته آغا محمّد عليءَ وراڻيو: ”نُوري!“ مُون چيو ”ناني نُوري! توهان معنيٰ چاچي چڀڙ جي شريڪِ حيات آهيو!“ ته چيائين: ”هائو ابا، اهو ڦاهو منھنجي ئي ڳچيءَ ۾ ڦاٿل آ…“ وري چيائين: ”ڇوڪرا، تون پنھنجيُون نانيون وڃي ٻيون ڪي ڳول! مونکي تون نوري چئه نُوري…!!“

ايئن ان ڏينھن چاچي چڀڙ جِي جوڙيوال ”ناني نوريءَ“ جو ڪردار به تخليق ٿيو ۽ پوءِ اڳتي هلي ”چاچي چڀڙ جِي محفل“ نالي پروگرام ۾ ٻئِي (نور محمّد خاصخيلي ۽ آغا محمّد علي) گڏ ويھي ٻڌندڙن جي سوالن جا جواب ڏيڻ لڳا. ڪڏھن ڪڏھن نانِي نُوري (آغا محمّد علي صاحب) مصروفيت سبب پروگرام ۾ شريڪ نه ٿي سگهندو هو ته چاچو چڀڙ (نُور محمّد خاصخيلي) ٻڌندڙن جي پڇڻ تي اهو بھانو ڪري ڇڏيندو هو ته: ”نُوري وئي آهي پيڪين گُهمڻَ!“

You might also like