آخر حُڪومت ڪيستائين افغانستان ۽ افغانين جو ٺيڪو کڻندي؟

تحرير: رياض ابڙو 

پاڪستان جي حڪومت ۽ ان جا وزير اهو سمجهائڻ ۾ لڳا پيا آهن ته هنن جي لاءِ سڀ کان پهرين افغاني آهن، پر افغاني طالبان آهن جو اهي جو سڄو ڏينهن اهو ٿا سمجهائن ته پاڪستان ۽ پاڪستاني پاليسيون سڀ کان پهرين افغانين جي لاءِ ناپسديده آهن، معني جنهن ڳالھه جي لاءِ پاڪستاني هاڪار ڪندا، ان ڳالھ تي افغانين کي انڪار آهي، ڇو ته اسان جي سرڪار جو افغاني طالبان جي لاءِ سدائين سرُ ويندو آهي، ان ڪري ته جڏهن آمريڪا افغانين جي لاءِ عام معافيءَ جو اعلان ڪيو هيو تڏهن پاڪستان سڀ کان پهرين ها ۾ ها ملائي پاڪستاني صداقت ثابت ڪئي هئي، ڇو ته هنن کي افغانستان جو امن نه پر انهن طالبان سان انُس هيو ۽ ڪڏهن به بارڊر بند ٿيڻ نه ڏنن. ان ڪري به جو جڏهن افغانستان ۾ جنگي حالتون هيون تڏهن ستر هزار پاڪستاني طالبان هتان نڪري وڙهڻ لاءِ ويا هيا يا جڏهن ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙو آپريشن ٿيو تڏهن به اهي ئي طالبان وري افغانستان ۾ لڪي پناھ وٺي ويٺا رهيا. يا جڏهن جڏهن افغانستان ۾ انقلاب پرپا ٿيندو آهي تڏهن اهي مومن مسلمان (خيالي) ڀِتِ ٽپي پاڪستان ۾ يا خاص اسان جي شهرن ۾ لڪي ويهي رهندا آهن.

اسان دنيا جي واحد قوم هونداسين جن وٽ واضع موقف ناهي هوندو، جن وٽ مذهبي رواداري، معاشي پاليسي، پرڏيهي پاليسي، جنگي محاذ، امن جا ديرپا معاهدا يا اهڙا ڪي فلسفا جنهن مان گھٽ ۾ گھٽ هن قوم جي حالت سڌرندي هجي يا ان ۾ ڪا ڪوشش ۽ نيت به شامل هجي ۽ هي غريب ۽ اٻوجهھ عوام معيشت جي سَڪتي مان نڪري ٻاهر اچي سگهي. پر ابتو حڪومت وٽ اهڙيون پاليسيون ۽ نيتون ضرور آهن، جن ۾ گھٽ ۾ گھٽ افغان ماڻهن جو ڀلو ڪيئن ڪجي يا ٿئي. انهن جي حالت ڪيئن سڌارجي، انهن جي ٻارن کي ڪيئن پڙهائجي. هيءَ رياست يا خاص وقت جا حڪمران اهڙا آهن جيڪي سمجهن ٿا ته ٻين جي گهرن جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي گهر جون ڀتيون ڊاهي ڇڏيو، ڇو ته ائين ڪرڻ سان ٻيا به محفوظ ٿيندا. ٻين جي ٻارن کي پڙهائڻ جي لاءِ پهرين پنهنجن ٻارن کي اڻ پڙهيو ڇڏي ڏيو، ٻين جي معيشت سڌارڻ جي لاءِ پنهنجي معيشت جو ڏيوالو ڪڍو. ڇو ته اسان جي رياست جي اها به پاليسي آهي ته سڄي ملڪ ۾ هڪ اهڙو صوبو آهي يا ان صوبي ۾ هڪ اهڙو شهر (ڪراچي) آهي جيڪا اهڙي مشين به آهي جنهن ۾ دنيا جا يتيم، غريب، لاچار، نادار، بين القوامي اٻوجھ، دهشتگرد، وحشت پسند، بين القوامي چور لٽيرا يا لفنگا وجهندوَ ته ٻئي پاسي اها شهري (ڪراچي) مشين انهن سڀني اڻ صفتي انسانن کي هڪ بهتري، لازوال، هيرو، افلاطون ۽ آئنسٽائن (معني ٽارگيٽ ڪلي) ڪري ڪڍندي، ان ڪري جو هي شهر دنيا جو واحد شهر به ضرور آهي، جنهن ۾ اهي سڀ غير سنڌي قومن (افغانين) جا ٻار جيڪي سڄو ڏينهن ڪلهن تي پلاسٽڪ جا ٻورا ۽ پاچڪا کڻي جنهن ۾ ڪچرو ميڙيندي نظر ايندا آهن، اهي جيڪي حڪومت جي طرفان ڏنل افغان بستين يا مهاجر ڪيمپن ۾ مزي سان بنان ڪنهن ڊڄ ڊپ، ڪرائي ڀاڙي جي، ڏھ ڏھ ٻار ڄڻي اهڙن روڊن تي ڇڏي ڏيندا آهن، جيڪي ان طريقي انٽرپرونيوئر (واپاري) ثابت ٿيندا (اها ملڪ جي سڀني غيرسنڌي فلاسافرن جي ٿيوري آهي) جنهن جي ڪري ڀلي هتان (ڪراچي) جا نسل خطري ۾ پئجي وڃن. ساڳي جاءِ تي اسان جو صوبو، خاص اسان جي شهر برما به آهي، بنگلاديش به آهي، روهينگا به آهي ۽ مني افغانستان به آهي. پر اهو ملڪ جي ٻين شهرن جو فرض ناهي ته اهي به اهڙو بارُ کڻن جنهن جا متحمل اسان جا شهر آهن، پر هڪ الميو اهو به آهي اسان جي شهرن ۾ اهڙن مسلمانن سان قهر ضرور لڳو پيو آهي، جيڪي سکيا ناهن، جن جا ٻار ٻچا بکون ٿا ڪاٽن، جن جي لاءِ اهو به چوڻ آهي ته اهي اقليت هوندي به اڪثريت جي مٿان ائين ئي قابض ٿيڻ ٿا چاهن، پر ان ڪري اهڙن بين الاقوامي يتيمن کي جڏهن اسان جي شهرن مان پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺهي ملندو تڏهن اهي ئي اسان جي خلاف ووٽ به ڪندا، ۽ اسان ڌرتي ڌڻي انهن کي ائين ئي ڏسندا رهنداسين، جيڪي ڪنهن به اصول، قانون ۽ ضابطي بنا ائين ئي رهندا، ان ڪري ته انهن ويھ لک افغاني پناهگير هاڻي ان آباديءَ واري اسپيڊ سان ويهن مان پنجاھ لک کان به مٿي ٿي ويا آهن، جيڪي هاڻي پاڻ کي پٺاڻ ٿا سڏرائن يا پشتو ڳالهائي پاڻ کي پٺاڻ ڪري ڇڏيو اٿن. انهن جا شناختي ڪارڊ به هڪ ايڊريس وارا ٺهي ويا آهن ۽ ٺهن ٿا پيا (پر اسان جا مقامي ماڻهو جا شناختي ڪارڊ جيڪي ٻٽين ايڊريسن وارا هيا تن جا ووٽ ڪراچيءَ جي ووٽر لسٽن مان هيل خارج به ٿي چڪا آهن).

پر هاڻي پاڪستاني حڪومت (ڪنهن بين الاقوامي اشاري تي) جي اهو چيو به آهي ته ”افعاني بارڊر تي ڪنڊيدار تارون هڻو“ ته پاڪستاني حڪمرانن اهو چئي ۽ اعلان ڪري ڄڻ گناھ ڪيو آهي يا اهي قوتون پاڪستان کي وري ڪنهن جنگي حالتن ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ٿيون ڪن. بين الاقوامي قوتون وري اهي سڀ ڇنڊا پاڪستان جي مٿان اڇلائينديون ڇو ته افغاني طالبان ان تماشي ۾ پاڪستان کي تماشو بڻائيندا، ان ڪري جو اسان جو ملڪ آسان آهي، يا اهو به آهي ته پهرين آمريڪا پاڪستان کان اڏا وٺندو هيو ته اهي انهن پاڪستاني يا افغانستاني برانڊ جي طالبان تي بم ڪيرائن، پر هاڻي جون جنگي اسٽريٽجون وري ٻيون آهن، ان مان به ظاهر آهي ته هاڻوڪي بارڊر واري ڪنڊيدار تارون به ڪو جھيڙو ۽ جنگي اشارو کڻي اينديون، ڇو ته افغاني طالبان پاڪستاني طالبان کي مڃن ئي نه ٿا، يا جنهن طريقي سان اهي آءِ ايس آءِ سان يا ”وليم جي برنر“ (آمريڪي سي آءِ اي جو اڳواڻ) سان پاڻ ٿا ملن، ۽ انهن گڏجاڻين ۾ غيرافغاني به شامل ناهن هوندا، پر ڳڻتي اها ضرور آهي ته هي افغاني انقلاب دنيا جي اهڙن انقلابن مان ضرور آهن، جيڪي دنيا جي سمجهھ ۾ نه ٿا اچن، يا جن جي اسلاميت ۾ ڪو اهڙو جز ۽ عنصر ناهي، جيڪو سعودي عرب سميت ٻين علمبردار اسلامي ملڪن جي ضمير کي به جنجھوڙيندو هجي. جيڪي ان ڳالھ جا به هجن ته افغاني واقعي اسلامي انقلابن جا اڻ ڌُريا مجاهد آهن، ان ڪري دنيا جا مسلمان ۽ ”نيوم سٽي“ جا خلقڻهار ان ڳالهھ کي به سمجهن ته طالبان به پاڻ کي اسلام جي لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن يا اسلام کي قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن؟ اهو فلسفو اهي مجاهد ممبر تان گھڙي کن لهي سمجهائن ته جيئن مسلم  امت ان ڳالهھ تي بيهي ته افغان انقلاب به اسلامي انقلابن منجهان هڪ آهي.

اسان جي سرڪار جو افغاني طالبان جي لاءِ سدائين سرُ ويندو آهي، ان ڪري ته جڏهن آمريڪا افغانين جي لاءِ عام معافيءَ جو اعلان ڪيو هيو تڏهن پاڪستان سڀ کان پهرين ها ۾ ها ملائي پاڪستاني صداقت ثابت ڪئي هئي، ڇو ته هنن کي افغانستان جو امن نه پر انهن طالبان سان انُس هيو ۽ ڪڏهن به بارڊر بند ٿيڻ نه ڏنن. ان ڪري به جو جڏهن افغانستان ۾ جنگي حالتون هيون تڏهن ستر هزار پاڪستاني طالبان هتان نڪري وڙهڻ لاءِ ويا هيا يا جڏهن ضرب عضب ۽ ردالفساد جهڙو آپريشن ٿيو تڏهن به اهي ئي طالبان وري افغانستان ۾ لڪي پناھ وٺي ويٺا رهيا. يا جڏهن جڏهن افغانستان ۾ انقلاب پرپا ٿيندو آهي تڏهن اهي مومن مسلمان (خيالي) ڀِتِ ٽپي پاڪستان ۾ يا خاص اسان جي شهرن ۾ لڪي ويهي رهندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.