ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪي تاريخ ۾ اھو پهريون اڳوڻو صدر بڻجي ويو آھي،جنهن کي سول ڪيس ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو، مليو. جيوري مٿس لڳل سمورن 34 الزامن ۾ ھن کي ڏھي قرار ڏئي ڇڏيو.اھڙو فيصلو خميس ڏينھن ٻڌايو ويو.ڊونلڊ ٽرمپ تي الزا هو ته هن اڳوڻي پورن اسٽار، اسٽورمي ڊينيئلز کي خاموش رھڻ لاءِ ڏنل رقم ۾ ھيراڦيري ڪئي.ان رقم کي ”ھيش مني“ ( يعني ڪنھن فرد جي ڪنھن راز کي ظاھر نھ ڪرڻ جي بدلي ۾ پئسا ڏيڻ)ان عمل کي لڪائڻ جي لاءِ ڪاروباري رڪارڊ ۾ھيراڦيري ڪئي ھئي.
نيو يارڪ جي شهر مين هٽن ۾ 12 رڪني جيوري ٻن ڏينهن جي ويچار کانپوءِ متفقه فيصلو ڏنو.اڳوڻو صدر بيچيني سان کيس ڏوهي قرار ڏيڻ جو فيصلو ٻڌندو رھيو.تازي فيصلي بعد ھو ھڪ ڏوھاري طور صدارتي چونڊ وڙھندو.ھن کان اڳ ملڪي تاريخ ۾ ڪڏھن پڻ ايئن نھ ٿيو آھي.
ڊونلڊ ٽرمپ هن سال نومبر ۾ ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي جو اميدوار آهي. ريپبلڪن پارٽي کيس 15 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ پارٽي جي ڪنوينشن ۾ باضابطھ صدر چونڊيندي.پر ان کان چار ڏينهن اڳ يعني 11 جولاءِ تي کيس سزا ٻڌائي ويندي. اڳوڻي آمريڪي صدر کي هر الزام ۾ هڪ سال ۽ چار مهينا کان چار سال تائين جيل ٿي سگھي ٿي.جڏهن ته هن جي عمر ۽ اڳوڻي ڏوهن جي رڪارڊ (صدر ٽرمپ کي ماضي ۾ ڪڏهن به سزا نه ڏني وئي آهي) کي نظر ۾ رکندي هن جي سزا گهٽائي سگهجي ٿي يا کيس آزاد پڻ ڪري سگھجي ٿو.
عدالت مان ٻاھر نڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊونلڊ ٽرمپ عدالتي ڪارروائي کي ”فڪسڊ“ ۽ ”شرمناڪ“ عمل قرار ڏنو آهي.هن دعويٰ ڪئي ته ساڻس انصاف نه ٿيو آهي ۽ هو آخر تائين وڙهندو. ميڊيا جي سوالن جي جوابن ڏيڻ بان ھليو ويو ۽ رڳو ايترو چيو تھ جنگ اڃا ختم نه ٿي آهي. سمجھيو ٿو وڃي اڳوڻي صدر جا وڪيلن فيصلي خلاف اپيل داخل ڪندا.ايپل ۾ وڃڻ سان حتمي فيصلي ۾ مهينا يا وري ڪئين سال بھ لڳي سگهن ٿا
فيصلي کانپوءِ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ ”ٽرٿ سوشل“ تي پنهنجي چونڊ مهم لاءِ عطيئي جي درخواست به ڪئي آهي.اڳوڻي صدر چيو ته هن ”ڪجهه به غلط ناهي ڪيو“. پاڻ کي ”سياسي قيدي“ قرار ڏيندي هن حامين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ٻيهر صدر بڻجڻ ۾ سندس مدد ڪن.
ٽرمپ خلاف فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي بائيڊن مهم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ”اڄ اسان نيويارڪ ۾ ڏٺو ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي.“
بائيڊن ۽ ڪملا هيرس جي مهم جي پريس آفيسر مائيڪل ٽائلر هڪ چيو آهي ته ”ڊونالڊ ٽرمپ کي هميشه اها غلط فھمي رهي آهي ته هو پنهنجي ذاتي فائدن لاءِ قانون ٽوڙڻ جي نتيجن لاءِ کيس منهن نه ڏيڻو. پوندو.هن وڌيڪ چيو ته ‘ڊونالڊ ٽرمپ کي صدارتي آفيس کان ٻاهر رکڻ جو صرف هڪڙو ئي طريقو آهي: چونڊن ۾ شڪست.’
پورن اسٽار اسٽورمي ڊينلئيز جو اصل نالو اسٽيفني گريگوري ڪليفورڊ آھي.جيڪا فحش فلم انڊسٽري جي اڳوڻي اداڪارا، اسڪرين رائٽر ۽ ڊائريڪٽر آهي. هن جي دعويٰ آھي ته ڊونلڊ ٽرمپ هن سان 2006 ۾ جنسي تعلق قائم ڪيو، جڏهن ٽرمپ 2016ع ۾ صدارتي اميدوار هو ته سندس وڪيل مائيڪل ڪوهن. ان شرط تي ھڪل لک 30 ڊالر ادا ڪيا ته هو ٽرمپ سان پنهنجي لاڳاپن کي ظاهر نه ڪري.ٽرمپ لاڳاپن کان انڪار ڪري چڪو آهي، پر جنھن مصيبت ۾ ٽرمپ ڦاٿو آھي اھا اسٽورمي ڊينيئلز کي رقم جي ادائيگي ناھي،ڇاڪاڻ جو اھو آمريڪي قانون ۾ ڏوهه ناهي.
پر ڊونالڊ ٽرمپ سرڪاري دستاويزن ۾ ظاهر ڪيو ته فحش اسٽار کي ڏنل رقم قانوني فيس هئي ۽ نيو يارڪ جي پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته "ڪاروباري رڪارڊ کي غلط ڪرڻ بيان ھڪ ڏوھ آهي.”
اڳوڻو صدر ٽرمپ ڪيس ھلڻ دوران ضمانت تي آهي. جيوري پاران ڏوهي قرار ڏيڻ باوجود جسٽس ھوآن مرچن پاران سزا ٻڌائڻ واري شيڊول تائين ھو آزاد ھوندو.
اهو ممڪن آھي تھ ٽرمپ گرفتار ٿئي پر ھو گھڻو وقت شايد قيد نھ گھاري.هن جي خلاف الزام، نيو يارڪ رياست ۾ هيٺين سطح جا الزام آھن،جن ۾ وڌ ۾ وڌ چار سال سزا آهي.جسٽس وٽ ٽرمپ کي گھٽ سزا جا ڪئين سبب آهن. جنھن ۾ ملزم جي عمر، ڏوهن جو رڪارڊ نھ ھئڻ ۽ هن جي خلاف ٻيا الزام غير تشدد ڏوهن ۾ شمار ٿين ٿا.جيتوڻيڪ ڏوهي رڪارڊ رکندڙ اميدوار کي صدارتي چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ جو ڪو به اصول موجود ناهي.
پر هڪ ڏوهي ھئڻ جو فيصلو،نومبر 2024 جي صدارتي اليڪشن تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو.هن سال جي شروعات ۾ هڪ بلومبرگ ۽ مارننگ ڪنسلٽ پول موجب معلوم ڪيو ته اهم سوئنگ رياستن ۾ 53 سيڪڙو ووٽرن ريپبلڪن سزا وار ھجڻ تي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آھي.
ڇا ٽرمپ اڳوڻي صدر جي حيثيت سان پنھنجي سزا معاف ڪري سگهندو؟ ان جو جواب نه آھي، نيو يارڪ ۾ ”هش مني“ڪيس هڪ رياستي معاملو آهي، مطلب ته ٽرمپ ٻيهر صدر چونڊجڻ باوجود پاڻ کي معافي نٿو ڏئي سگھي