آسمان سان ڇھندڙ موجوده مھانگائي ءَ جي دور ۾ جيڪا گذريل ڇھن سالن کان لاڳيتو هلندڙ آهي، تنهن زندگيءَ سان واسطو رکندڙ طبقن مان سڀ کان وڌيڪ پينشنرز کي متاثر آهي. عمراني حڪومت جي شروع ٿيڻ کان وٺي ھن وقت تائين مھانگائي ءَ ۾ راڪيٽ جي رفتار جيان اضافو ٿي رھيو آھي،جيڪو ٽيڻ چئوڻ تي وڃي پھتو آھي. نواز شريف جي آخري دور ۾ سال 2018 ۾ ڪڻڪ جو اٽو 50 رپيا ڪلو،کنڊ 55 رپيا ڪلو، کاڌي جو تيل ۽ گيھه 175 رپيا ڪلو، باسپتي چانور 90-100 رپيا ڪلو، پيٽرول – 85-80 رپيا في ليٽر، بجلي جو بل وچولي طبقي لاءِ 2500 رپيا ماھوار ھيو، اِھي سڀ ضرورياتِ زندگيءَ جا ائٽمَ ھاڻي ٽيڻا چئوڻا ٿي ويا آهن. ان کان علاوه رپئي جو ملھه به گهٽجي ٽئين حصي تي بيٺو آھي، يعني ان ڏينھن جو ھڪ ڊالر 110 رپيا وارو اڄڪلهه 280 رپين ۾ ملي ٿو.
ان آسمان تي پھچندڙ مھانگائي ءَ پينشنرن جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي. ڇو جو 400-300 سيڪڙو مھانگائي ءَ جي مقابلي ۾ سنڌ گورنمينٽ گذريل پنجن سالن ۾ پينشن ۾ فقط %57.5 اضافو ڪيو آھي. جھڙوڪ سال 2019 ۾ 15 سيڪڙو، سال 2020 ۾ 10 سيڪڙو، سال 2021 ۾ 10 سيڪڙو، سال 2022 ۾ 05 سيڪڙو،.. ۽ 2023 ۾ 17.5 سيڪڙو يعني ته 400-300 سيڪڙو مھانگائي ءَ جي ڀيٽ ۾ فقط 57.5 سيڪڙو پينشن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، جڏھن ته فيڊرل گورنمينٽ ان ۾ 52.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ھو.
گورنمينٽ آف سنڌ گذريل سال 2022 ۾ فقط 05 سيڪڙو اضافو ڪيو ھو، جڏھن ته فيڊرل گورنمينٽ 15 سيڪڙو اضافو ڏنو ھو. سبب اھو ڄاڻايو ويو ھو ته. 18 هين ترميم جي ڪري سنڌ جي پينشنرز کي فيڊرل گورنمينٽ کان وڌيڪ اضافو ڏنو ويو هو. انھن ڏينھن ۾ سنڌ حڪومت سياسي فائدو حاصل ڪري چڪي ھئي. ھر طرف واھ واھ ٿي وئي ھئي، سيد جي سخاوت ۽ ٻروچ جي فراخ دليءَ جو ھر صوبي ۾ چرچو ھيو. هاڻي پراڻي حساب ڪتاب کي ايڊجسٽ ڪرڻ انھن جي شان ۽ مان جي ڳالهھ نه آھي،ڏيئي، واپس وٺڻ به سٺي ڳالهھ نه آھي، اسان جو مذھب به اھڙي قسم جي اجازت نٿو ڏئي.
پيپلز پارٽي ته ماضيءَ ۾ ھميشه فراخ دلي جو مظاهرو ڪيو آهي. جڏھن 10 سال اڳ آصف علي زرداري صدر مملڪت ھيو، انھن ڏينھن ۾ گورنمينٽ جي ملازمن جي پگھار ۽ پينشنرز جي پينشن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو هو. وزير اعليٰ سنڌ جي خدمت ۾ ھيءَ مدبانه گذارش آهي ته ھو صاحب سال 2022 رڪيل ۽ رھيل 10 سيڪڙي وارو اضافو ھن ايندڙ بجيٽ 25-2024 ۾ پھرين جو لاءِ 2022 کان پينشنر کي ڏيڻ فرمائي. کيس سنڌ جا لکين پينشنرز دعائون ڏيندا.
مٿي ذڪر ڪيل مھانگائي جيڪا گذريل ڇھن سالن ۾400 -300 سيڪڙو ٿي چڪي آهي ۽ پينشن ۾ فقط 57.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو اٽي ۾ لوڻ جي برابر به نه آهي. ان کي مدِ نظر رکندي جناب پرائيم منسٽر آف پاڪستان ۽ چيف منسٽر آف سنڌ جي خدمت ۾ دردمندانه گذارش آهي ته ايندڙ بجيٽ 2025-2024 ۾ گھٽ ۾ گھٽ 80 سيڪڙو پينشن ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن پينشنرز به ھن ڳاٽي ڀڳي مھانگائي ءَ ۾ سک جو ساھ کڻي سگهن.ان کان علاوه ميڊيڪل الائونس جيڪو پينشنرز کي ڏنو وڃي ٿو ان جو تعارف سال 2010 ۾ پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڪيو ويو هو، جنھن جو تناسب گريڊ وائيز پينشن جو 25-20 سيڪڙو ھو. بعد ۾ سال 2015 دوران مسلم ليگ (نواز) ان ۾ 25 سيڪڙي جو اضافو ڪيو. پينشن ۽ پگھار ۾ ته سال 2010 کان مھانگائي جي ڪري مسلسل اضافو ڪيو ويو آھي پر گذريل 9 سالن کان ميڊيڪل الائونس ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو ويو آهي. حالانڪِ ان دوران دوائن جون قيمتون اندازن 300 سيڪڙو وڌي چڪيون آھن. ان کان علاوه جيڪي ملازم سال 2010 کان اڳ رٽائر ٿي چڪا آهن، ان دور ۾ پگھارون ٿوريون ھئڻ جي ڪري موجوده رٽائرڊ ملازمن جي مقابلي ۾ انھن جو ميڊيڪل الائونس ٽيون حصو به نه آهي.
سو انصاف جي تقاضا آهي ته جيڪي سال 2010 کان اڳ جا پينشنرز آھن انھن جي ميڊيڪل الائونس ۾ 50 سيڪڙو، سال 2010 کان سال 2020 وارن پينشنرز کي 100 سيڪڙو ۽ سال 2020 کان بعد وارن پينشنرز جي ميڊيڪل الائونس ۾50 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي.