وزيراعظم شهباز شريف جو عدليا خلاف بيان : ن ليگ ۾ ڦڙڦوٽ

تحرير: غلام حسين لغاري

اطلاع آهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وزيراعظم جناب ميان محمد شهباز شريف خلاف هڪ لاهور واسڻ سماجي اڳواڻ توهين عدالت جي هڪ درخواست داخل ڪئي آهي جيڪا ٻڌڻي لاءِ  سنگل بئنچ منظور ڪري ورتي آهي۔هن درخواست ۾ موقف پيش ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم عهدي جو ناجائز فائدو وٺندي عدليه جي ججن خلاف توهين آميز تقرير ڪئي آهي جنهن سان عدالت ۽ ججن جي وقار کي وڏو ڌڪ لڳو آهي ۽ هو وزيراعظم جهڙي عهدي تي رهڻ جي قابل ناهي۔لاهور ڪورٽ درخواست کي باقائدي ٻڌي ٿي يا ان تي اعتراض واري رد ڪري ٿي اها الڳ ڳالهه آهي۔وزير اعظم يوم تڪبير جي موقعي ۽ ن ليگ جي صدارت ميان محمد نوازشريف حوالي ڪرڻ جي موقعي تي سخت لهجي ۾ چيو هو ته سندن خلاف ضمانتن جي درخواستن تي سالن جو انتظار ڪرايو ويندو هو تڪڙيون سزائون ڏنيون وينديون هيون جڏهن ته هن وقت جج ضمانتن تي تڪڙا فيصلا ڏين ٿا ۽ سزائون به ٻڌايون نٿيون وڃن جيڪو وڏو فرق ۽ ججن جي ناانصافي آهي جيڪو نه هجڻ گهرجي

وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي اهڙي توهين آميز بيان تي سياستدانن عوام عدليه ۽ وڪيلن سخت خدشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي اهڙي عدليه ۽ ججن مخالف بيان ته سخت موقف جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي شريف ڀائر رڳو پنهنجي حق ۾ ٿيندڙ فيصلن جي آجيان ڪندا ۽ ججن کي انصاف پسند ۽ آزاد عدليه تصور ڪندا آهن پر هنن کي اهو وقت ۽ اهي فيصلا ياد ناهن جڏهن ساڳين عدالتن ۽ ججن ميان محمد نوازشريف جي جلاوطني ختم ڪري واپس اسلام آباد پهچڻ تي سالن جون سزائون منٽن ۾ ختم ڪيون هيون جن جي نتيجي ۾ هو عام چونڊن ۾ آزادانه طور حصو ورتو ۽ ٻيهر ن ليگ جو صدر منتخب ٿيو۔وڪيلن جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ججن خلاف اهڙو بيان ڏئي توهين وارو عمل ورجايو آهي جنهن جي کيس واقع قرار سزا ملڻ گهرجي ۽ سپريم ڪورٽ اهڙي بيان جو سخت نوٽيس وٺي۔ٽيون ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي هڪ ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس مندوخيل ۽ جسٽس اطهر من الله جا به ريمارڪس آيا ته ججن کي ڪاريون رڍون چيو وڃي ٿو۔اٽارني جنرل پنهنجي وضاحت ۾ چيو ته اهو بيان موجوده عدليه يا موجوده ججن خلاف نه هو۔جسٽس اطهرمن الله ته ايتري قدر اهڙي بيان تي ڪاوڙيل نظر آيو جو هن اٽارني جنرل کي وڃڻ وقت چيو ته وزيراعظم کي وڃي چئو ته جج ڪاريون رڍون ناهن۔سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ وڪيلن جي بيانن مان لڳي ٿو ته وزيراعظم پنهنجي اهڙي عدليه مخالف بيان تي جلد قانوني ڪٽهڙي ۾ وڃڻ وارو آهي ۽ سندس نااهلي به ممڪن آهي۔وزيراعظم جي اهڙي عدليه ۽ ججن مخالف بيان تي ن ليگ توڙي پ پ پ ۽ حڪمران اتحادي ڌڙا خاموش آهن۔پ پ پ قيادت آصف علي زرداري ۽ سندس فرزند بلاول ڀٽو جو به هن ڏس ۾ ڪو واضح بيان سامهون ناهي آيو جڏهن تي پي ٽي آءِ ۽ سندس اتحادي شهباز شريف جي اهڙي بيان تي پنهنجي حڪمت عملي تيار پيا ڪن۔     عدليه ۽ ججن خلاف پرتشدد بيان ۽ ڪاروايون ڪي پراڻيون ناهن۔عدليه ۽ جج آمراڻي دور حڪومت ۾ به سختيون سهندا نظر آيا آهن۔ساڳي ن ليگ جي دور حڪومت سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ ن ليگ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن گهڙي وڃي ججن کي يرغمال ڪيو ايتري قدر جو وقت جي سنڌي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه کي ججن جي  اقليتي فيصلي وسيلي زبردستي هٽايو ويو۔جنهن کان پوءِ  به جن ججن بشمول ثاقب نثار شريف خاندان خلاف پنهنجا فيصلا ڏنا تن خلاف به مهم هلائي کين رسوا ڪيو ويو۔مارشل لا جي دورن ۾ به ججن کي برطرف ڪيو ويو جنهنڪري به عدليه ڪمزور ٿي۔گذريل سال به جي يو آءِ ۽ ن ليگ جي وفاق جو حصو هئا ۽ سندن حڪومت هئي گڏجي  سپريم ڪورٽ جو گهيراءُ ڪيو ججن کي خوفزده ڪيو ويو۔اهڙي طرح مخالف ڌر نه هجڻ سبب  پارليامينٽ مان وڏي انگ ۾ آئيني ترميمون پاس ڪرائي مخالف ڌر جي رستا روڪ ڪئي وئي جيڪا بعد ۾ به جاري رهي.۔ججن ۽ عدليه جي ڪمن ۾ رڪاوٽون وجهي کين من پسند فيصلا وٺڻ جون ڪوششون ٿيون۔من پسند فيصلن وسيلي خود پ پ پ سربراهه آصف علي زرداري ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن رهيا سندن خلاف هڪ نه پر ڪيئي ڪيس داخل ٿيا کين سزائون مليون اها الڳ ڳالهه آهي جو هن وقت مفاهمتي ٺاهه هيٺ پ پ پ ۽ ن ليگ تارازي جا ٻه پڙ آهن ڪڏهن هڪ پڙ وزني ته ڪڏهن ٻيو پڙ وزني۔هن وقت به ٻئي اتحادي آهن پوءِ  ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته پ پ پ وزيراعظم ميان شهباز شريف جي بيان کي تنقيد جو نشانو بڻائي جو پ پ پ وفاقي حڪومت جو حصو ٿيڻ وڃي رهي آهي

سرڪاري ادارن مان ته عوام کي انصاف ملڻ آڳاٽو بند ٿي چڪو هو باقي وڃي عدالتون بچيون هيون تن کي به ڪمزور ڪيو ۽ خوفزده ڪيو پيو وڃي جنهن سان ن ليگ ۽ سندس اتحادين جو پاڙون ته مضبوط ٿي سگهنديون پر جمهوريت سميت عدليه ۽ عوامي ادارا  ڪمزور ٿيندا ۽ ڪنهن به انصاف جي اميد شايد ئي نظر اچي جنهن لاءِ  ن ليگ ۽ سندس اتحادين کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي

يوم تڪبير واري تقريب ۽ ميان محمد نواز شريف ن ليگ جو ٻيهر صدر منتخب ٿيڻ ۽ وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف جي عدليه ۽ ججن مخالف تڪراري بيان بعد ن ليگ ۾ ڦڙڦوٽ پئدا ٿي چڪي آهي جنهن سان ملڪ جي سياسي صورتحال به تبديل ٿيڻ وڃي رهي آهي۔وزيراعظم اهو بيان جذباتي انداز ۾ ڏنو يا کيس هٿ وٺي ڏياريو ويو جنهن جا به آثار نظر پيا اچن ۔اهي به امڪان آهن ته سپريم ڪورٽ به اهڙي بيان جو ازخود نوٽيس وٺي يا مخالف ڌر ڪا درخواست دائر ڪري  ۽ وزيراعظم صاحب ڪنهن امڪاني ڪارروائي کي منهن ڏئي۔ وزيراعظم لاءِ  اهي به افواهه آهن ته توهين عدالت جي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ  خود به ڪا قرباني ڏئي جهڙي طرح صدارت واري ڪرسي جي قرباني ڏني اٿس.

۔ اهڙي طرح ن ليگ جي صدر ميان محمد نوازشريف کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ڪرايو وڃي جنهن لاءِ  پيپر ورڪ هلي پيو۔خود ميان صاحب 28 مئي واري پنهنجي خطاب ۾ اشارو ڪري ڇڏيو هو ته سال اڌ صبر ڪريو، هن حڪومت جي آخري سالن ۾ ملڪ ۾ وڏي خوشحالي اچڻ واري آهي عوام کي رليف ملندو۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.