ڀوتار ماءِ فوٽ: نصرالله گڏاڻي جي شھادت سنڌ ۾ تحريڪ کي ڪيئن جنم ڏنو ؟

تحرير: حسن مجتبيٰ

21 مئي تي سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي جي علائقي ميرپور ماٿيلو ڀرسان ڪورائي ڳوٺ ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن سنڌ جي مشهور صحافي ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ نصرالله گڏاني جي جسم ۾ ڪيئن گوليون ھڻي، کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو. ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن رتوڇاڻ ٿيل نصرالله گڏاڻي کي ميرپور ماٿيلو جي سرڪاري اسپتال پهچايو. سندس حالت نازڪ ڏسندي ايمرجنسي ونگ جي ڊاڪٽرن کيس ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد سنڌ صوبي جي سرحد سان لڳ پنجاب جي ضلعي هيڊڪوارٽر رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال موڪليو. رحيم يار خان جي شيخ زيد اسپتال جي ڊاڪٽرن به نصرالله گڏاڻي کي  ھوائي ايمبولينس ذريعي ڪراچي منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو. ساٿي صحافين ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام جي ميمبر، سنڌ حڪومت کي نصرالله گڏاڻي کي ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ اپيلون ڪندا رهيا، پر انهن ٻوڙن ڪنن ھڪ بھ نھ ٻڌي.آخرڪار نصرالله گڏاڻي جي هڪ دوست کيس ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ايئر ايمبولينس جو خرچ پنھنجي ھڙان ڏنو.ڊاڪٽرن جي زخمي گڏاڻي جي حياتي بچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي.پر 24 مئي تي گھڻين گولين جو گھائل صحافي بچي نھ سگھيو.

مقتول صحافي نصرالله گڏاڻي جي ماءُ جو چوڻ آهي ته ”منهنجي پٽ کي خانن ۽ ڄامن قتل ڪيو آهي“ نصرالله  جي مڙهه کي سندس ڳوٺ کڻي ويندڙ ايمبولينس تي ڄامشورو ڪئمپس جي شاگردن سميت ماڻهن جي ميڙن گلاب جي گلن  جي ورکا ڪئي.ماڻھو ھن جي آخري جهلڪ ڏسڻ لاءِ سپر ۽ نيشنل هاءِ ويز تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا.

سنڌي روزاني عوامي آواز جو رپورٽر، ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب جو صدر ۽ سوشل ميڊيا جو سرگرم ڪارڪن نصرالله گڏاڻي،علائقي ۾ هڪ طاقت ور اداري جي صنعتي ڪامپليڪس جي ساز باز سان غلبو رکندڙ جاگيرداري ۽ قبائلي علائقي جو هڪ  نادر ماڻهو هو،جيڪو صحافتي ڪم ۾ اڳڀرو ھو.

گهوٽڪي ضلعي ۾ پنجن يا ڏهن ميلن بعد ڪنهن سردار، جاگيردار يا پير جي جاگير يا سرداري شروع ۽ ختم ٿئي ٿي.جن ۾ مهر، لُنڊ، پتافي، چاچڙ، شر قبيلن ۽ ٻين ڪيترن ئي بااثر پيرن جهڙوڪ ڀرچنڊي جا پير، پير آف سوئي، پير پاڳارو ۽ هالا ۽ ملتان جي مخدومن جو پڻ  تمام گهڻو اثر رسوخ آھي. ڪيترن ئي سردارن ۽ پيرن جا مريد قبيلي جا ميمبر مختلف لباس جي انداز، ٽوپي، ڏاڙهي ۽ مُڇن ۾ فرق سان سڃاتا ويندا آهن.

ٻئي طرف ھتي وڏا صنعتي پلانٽس جھڙوڪ اينگرو، پاڪ سعودي فرٽيلائيزر، فوجي فرٽيلائيزر، ماڙي انڊس گيس، ۽ قادرپور گيس فيلڊ (جيڪي مقامي ماڻهن کي معمولي روزگار فراهم ڪن ٿا) وڌي رهيا آهن، جن ۾ هزارين ايڪڙ زرعي زمين سويلين سيٽلرزآبادگارن کي الاٽ ڪئي وئي آهي. انھن ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ملٽري آفيسرز ،سنڌ جي اڳوڻي ڪور ڪمانڊر  جنرل نصير اختر سميت ڪئين ٻيا شامل آھن.

اھڙي ريت گھوٽڪي ۽ ان جي سرحد سان لڳندڙ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۽ سکر ضلعي جي درياهه سان  ھزارين ايڪڙ ڪچي جي سرڪاري زمين تي جاگيردارن ۽ قبائلي سردارن جو غيرقانوني قبضو آھي،ان ڪچي جي گھاٽن ٻيلن ۾ غيرروايتي عسڪري ھٿيارن سان ليس ڌاڙيلن،اغوا ڪارن ۽ ھٿياربندن ۽ جنگي  سردارن جا ڪئين ٽولا سرگم آھن،جن جو ئي ھتي  حڪم ھلي ٿو.

ميرپور ماٿيلو (ضلعي گهوٽڪي جو هيڊ ڪوارٽر) جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ گڏاڻي برادري جي غريب ترين خاندان مان نصرالله گڏاڻي، علائقي  جو متحرڪ ڪردار ۽  بي آواز ماڻهن  جو اڪيلو آواز هو. نصرالله گڏاڻي جي شھادت بعد ڪاٺ جو فوٽو فريم ٺاھيندڙ ڏھاڙي ڪاريگر  جو چوڻ ھو تھ ”ھاڻي غريبن جو ڇا ٿيندو ؟ “ جڏهن گراهڪ ڪاريگر کان پڇيو ته ڇا هو کيس سڃاڻي ٿو،جنھن تي هن  جواب  ” جڏهن پوليس مون سان زيادتيءَ ڪئي تھ ھن منھنجو پاسو کنيو ھو”. نصرالله نھ رڳو پنهنجي ضلعي پر سنڌ ۾ جتي به ظلم ٿيو تھ ھن مظلومن  جو ساٿ ڏنو، نھ صرف انسان سان پر جھنگلي جيوت ۽ وڻن ٽڻن جي حقن جي لاءِ بھ آواز بلند ڪيو.

هو عوامي حقن لاءِ ۽ ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ميدان ۾ موجود صحافي هو.منهنجي پسنديده ڏکڻ ايشيائي صحافي ڪنڊا ڊڪشٽ شايد گڏاڻي جي رپورٽنگ کي تز ۽ تيز”ڪاوڙ  واري صحافت“ سڏي. ھن جي آخري سرگرمي ميرپور ماٿيلو  ٽائون لائبريري جي بندش خلاف احتجاجي ريلي جي قيادت  هئي، جنهن ۾ شهري ۽ اسڪول جا ٻار شريڪ هئا. انهن شهرن ۾ جاگيردارن جو پهريون ڪم  لائبريرين کي ناس۽ ويران ڪرڻ ، انهن کي رولو گڏھن جي آکاڙي ۾تبديل ڪرڻ ھوندو آھي. هن جي ھن جي يوٽيوب جي تازي  برادڪاسٽ ۾ ھن  طاقت ور ادارن تجارتي رٿائن کي موضوع بڻايو ھو.جنھن ۾هن انھن جي صنعتي ادارن جهڙوڪ فوجي فرٽيلائيزر، عسڪري سيمنٽ ۽ شادي هال جو ذڪر ڪندي طنزيه انداز ۾ چئي ڏنو ھو ته ”اها  ملڪ جي عوام لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ڪري سگهي ٿي“. هن هڪ نئين قسم جي اسپاٽ رپورٽنگ کي متعارف ڪرايو ،جنھن ۾ ھو موٽر سائيڪل ھلائندي لائيو ٿي ڳالهھ ڪندو ھو.

سال 2022  جي ٻوڏ دوران هن ڳوٺ جي گهٽين ۾ سيلابي ۽ برساتي پاڻي مان موٽرسائيڪل هلائيندي چيو ته” اي شهر جا لوڪ توھان پنهنجي چونڊيل نمائندن جا چھرا هن گدلي ۽ بيمارين پکڙجندڙ پاڻي ۾ ڏسي سگھو ٿا“. ھن جي موٽرسائيڪل جي پٺيان  رجسٽريشن نمبر پليٽ بدران ”ڀوتار مائي فوٽ“ (سنڌ ۾ هاري ۽ عام ماڻهو پنهنجن جاگيردارن ۽ سردارن کي ”ڀوتار“ چوندا آهن، جنهن جي لفظي معنيٰ ”آقا“ آهي)

اخبارن ۽پنھنجي چئنل جي نشريات ٻنهي ميڊيم ۾ رپورٽنگ ۾ هو اختيارين، مقامي طاقتور جاگيردارن ۽ قبيلائي سردارن تي ڇوھ ڇنڊيندو ھو. هن جارحاڻي انداز ۾ پوليس اسٽيشنن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ داخل ٿي پوليس جي ظلم ۽ بيوروڪريسي جي ڪرپشن کي وائکو ڪيو. ڪڻڪ جي فصل لھڻ  بعد بارداڻي  (حڪومت پاران هارين کي ڪڻڪ جي ذخيرو ڪرڻ لاءِ فراهم ڪيل جوٽ ڳوڻيون) جي لوڊ ٿيل ٽرڪ  جو پيڇو ڪندي ھو ھڪ کان ٻئي صوبي ڏانھن وڏي پئماني تي اسمگل ٿيندڙ ڪڻڪ جي ڪرپشن کي آن لائن بي نقاب ڪيو.

هو سنڌ جو واحد صحافي هو، جنهن ٻيلن  جي تباهي خلاف موسمياتي تبديلي جي انصاف لاءِ جدوجهد ڪئي. ھن جي علائقي ۾ لکين ايڪڙ سرڪاري زمين تي طاقتور جاگيردارن، سردارن ۽ سياستدانن جو ناجائز قبضو ڪيل آهي، اتي ئي ظالم ڌاڙيلن  جا ٽولا، ويڙهاڪ قبيلا ۽ ٽمبر مافيا متحرڪ آھي،جن سان ٻيلي کاتي جون اختياريون مليل آهن.ھو، سنڌ جي تجربيڪار صحافي ڪامريڊ زين دائودپوٽو سان ٻيلن کي بچائڻ لاءِ جوڙيل ”سنڌ ٻيلو بچايو ڪميٽي“  ۾ سرگرم ھو.دائودپوٽو ڪميٽي جو چيئرپرسن ۽ نصرالله ان جو سيڪريٽري جنرل هو. ڪميٽي ٻيلن جي زمينن تي غير قانوني قبضن خلاف پنهنجو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيو آهي. هن جو هڪ جرئت وارو ڪم مقامي جروار ٻيلي کي طاقت ورن جي  قبضي کان آجو ڪرائڻ  هو.

هن پنهنجي علائقي ۾ مقامي ججن جي ڪرپشن کي به بي نقاب ڪيو، نتيجي ۾ کيس مئي 2023ع ۾ سخت ترين مينٽيننس آف پبلڪ آرڊر آرڊيننس تحت گرفتار ڪيو ويو، کيس سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ڪيو ويو، بدترين سلوڪ ۽ لڳ ڀڳ تنھائي ۾ رکيو ويو، نيٺ جسٽس رٽائرڊ رشيد  اي رضوي هن جي نظربندي کي غلط قرار ڏنو.

ھن جو ھڪ ٻيو جرئت وارو عمل، جيڪو عوام جي ذهنن ۾ تازو  ھوندو، جنهن  ۾هو، پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سردار خالد احمد لنڊ جي پٽ شهباز لنڊ سان گڏ گڏ،ھوءَ ھڪ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي سفر ڪندي  پنهنجي سيل فون تي لائيو هلي رھيو ھو. هڪ هٿ ۾ موبائل فون جي ڪئميرا جهلي  ٻڌائي رهيو هو ته ڪيئن  هڪ سردار جو پٽ شهباز لنڊ ٽي سال اڳ پوليس جي وڏي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول مان لطف اندوز ٿيو هو.جنھن کي اھڙي سھولت ملڻ لاءِ ڪو عھدو يا رتبو نھ ھو.ان لائيو نشريات ۾ شهباز لنڊ جي لينڊ ڪروزر سان ويندڙ موٽرن جو ريورس ڪرڻ ۽ نصرالله گڏاڻي تي بندوق سان فائرنگ ڪندي رڪارڊنگ اچي وئي آھي،جنھن مان ھو ذري گھٽ بچي ويو، اهو واقعو يوٽيوب تي وائرل ٿي ويو. علائقي ۾ عام تاثر پڪو آهي ته نصرالله گڏاڻي کي.پ پ پ جي ،ايم اين اي لنڊ سردار خالد احمد جي چوڻ تي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته لنڊ سردار ان الزام کي رد ڪري ٿو.

نصرالله گڏاڻي جي جنازي ۾ علائقي مان بي مثال انگ سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، سندس قتل اڳوڻي ايم اين اي عبدالحق عرف ميان مٺو جي اکين ۾ ڳوڙها به آڻي ڇڏيا، جنهن علائقي ۾ هندو ڇوڪرين جي جبري مذهب مٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. جنازي ۾ شرڪت کان پوءِ ميان مٺو مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته ”هو غريب هو پر پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪندڙ هو. هن منهنجي خلاف به لکيو، پر هن جهڙو بهادر انسان مون کي سڄي سکر ڊويزن ۾ نٿو ملي. نصرالله گڏاڻي پنھنجي علائقي ۽ باقي سنڌ ۾ هندو ڇوڪرين جي جبري مذهب مٽائڻ خلاف به آواز اٿاريو.

صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڏينھن ڏٺي ۾ ٿيل قتل ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي ۽ نه ئي پوليس ڪا ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي (پوليس نامعلوم ملزمن خلاف ايف آءِ آر  داخل ڪئي آھي )مقتول صحافي جي ماءُ ۽ دوستن پاران پوليس خلاف احتجاج جاري آھي.

نصرالله گڏاڻي جو قتل سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺاڻن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين خلاف جاري قتل ۽ تشدد جي جاري تسلسل جي ھڪ ڪڙي آهي. گڏاڻي جي قتل کان اڳ نوشهروفيروز ضلعي جي ڪنڊيارو واري علائقي ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ۽ طاقتور سيدن جي ظلمن خلاف رپورٽنگ ڪندي هڪ ٻئي صحافي عزيز ميمڻ جو لاش هٿ آيو هو. سکر ۾ صحافي اجي لالواڻي کي قتل ڪيو ويو هو، ڇاڪڻ جو ھن ھڪ اسٽوري شايع ڪئي ھئي تھ  پيپلز پارٽي جي بااثر قيد اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه کي نيب جي قيد دوران، جيل اختيارين ۽ ڊاڪٽرن  جيل جي سيل بدران جيل جي اسپتال ۾ سهولت ڏني پئي وئي. صحافين ساحل جوگي ۽ نديم بوزدار کي اختيارين پاران سخت نتيجا سھڻا پيا،نديم بوزدار کي پنو عاقل مان ڦاسايو ويو، ڪئين ڪلاڪن تائين پوليس وين ۾ رکي ڪري ۽ پنجاب جي پاڙيسري  ٿاڻي ڪوٽ سبزل  مان آزاد ڪيو ويو. دي نيوز  ۾ ڪم ڪندڙ سنڌ جي تحقيقي صحافي امداد سومرو کي ڪيترائي ڀيرا ڌمڪيون ڏنيون ويون، حملو ڪيو ويو ۽ سندس گهر ۾ ڦرلٽ ڪئي وئي.

صحافي، تجزيه نگار ۽ سنڌي شاعر اظهار سومرو چوي ٿو ”صحافين  مٿان انھن پرتشدد ڏوهن ۽ قتلن جا سڀ ڏوھاري ۽ سازش سٽيندڙ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سنڌ جي حڪمران پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکن ٿا. سنڌ جو صوبو هنن کي ليز تي ڏنو آھي،جيڪو ڪو ٻيو نھ پر آصف علي زرداري آھي.جيڪو ٻيو ڀيرو پاڪستان جو صدر بڻيو آهي ۽ وفاقي حڪومت تي گوليون به ھلائي  رهيو آهي ۽  ايئن سنڌ ڀوتار جي بيڊ گورننس جو شڪار آھي“

پر صحافي نصرالله  گڏاڻي جي رت وهائڻ بعد سنڌ جي شھرن جون  ديوارون سندس نعري”ڀوتارماءِفوٽ“سان رنگجي ويون آهن. مقتول صحافيءَ جو اهو نعرو سنڌ ۾ جاگيردارانه اقتدار ۽ سرداري نظام خلاف هڪ تحريڪ ۾ تبديل ٿي رھيو آهي.

( ”دي فرائيڊ ڊي ٽائمز “ جي ٿورن سان )

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.