جمهوريت ۾ به اظهار جي آزادي جو حق حاصل ناهي

تحرير:  ساگر ميمڻ 

اظهار جي آزاديءَ جي صورتحال سموري دنيا ۾ ڪا بهتر ۽ سُٺي ناھي رھي، اُن حوالي سان تاريخ جي ورقن کي کولي پڙھون ته اسان کي قلم جي اظهار کان وٺي زبان جي اظهار تائين جي آزاديءَ تي پابنديءَ لڳائي وئي آھي- نظر ايندي، ڪتابن جي اشاعت، اخبارن جي جاري ٿيڻ تائين لکڻ ۽ ڳالهائڻ تي پابنديءَ لڳايون ويون آھن، اظهار تي پابنديءَ جو معاملو صرف لکڻ ۽ ڳالهائڻ کان روڪڻ ۽ منع ڪرڻ تائين محدود ڪونهي رھيو، پر انتهائي افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته سچ ڳالهائيندڙ کي ماري سندس زبان بندي ڪئي وئي آھي، قلم کي ٽوڙيو ويو آھي، يعني اظهار جي آزاديءَ تي پابنديءَ جي صورتحال ماضيءَ کان موجوده دور تائين مطمئن ڪندڙ ناھي رھي، اُھو سڀ طاقتور ڌريون، سرمائيدار، جاگيردار، ڦورو، فاشسٽ، عوام دشمن ۽ حڪمران طبقو ڪندو رھيو آھي، جن کي سچ کان خوف ۽ ڊپ ٿيندو آھي، انهيءَ ڪري سچ جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي ھن کي گهٽو ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ھو سچ جي زبان کي ڪهڻ جي لاءِ سدائين سازشون ڪندا اچن پيا، ڇاڪاڻ ته انهن کي سچ، حق  لکڻ ۽ ڳالهائڻ گوليءَ وانگر لڳڻدو آھي.

اسان جي ملڪ ۾ اظهار جي آزاديءَ جي صورتحال جو جائزو وٺنداسين ته ڪاري رات جهڙي نظر ايندي، جتي قانوني، انساني، سياسي، قومي، ادبي، صحافتي ۽ جهموري سميت ھر قسم جي بنيادي حقن تي ضرب لڳائي وئي آھي، ھتي سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ ڏوھه تصور ڪيو وڃي ٿو، جنهن به جهڙي به قسم جو سچ ۽ حق جو علم بلند ڪيو، ھن جي زبان بندي ڪئي وڃي ٿي، سچ جي نڙي تي گهٽو ڏئي موت جي ننڍ سمهاريو وڃي ٿو، آئون ھتي اسان جي ملڪ جي آمريتن ۽ جمهوري دورن ۾ اظهار جي آزاديءَ سميت مختلف بنيادي حقن جي حوالي سان ڪهڙي صورتحال آھي، جنهن جو مختصر ذڪر ڪندس.

جنرل ايوب خان، جنرل ضياءَ الحق کان وٺي پرويز مشرف جي دور تائين رات جا رھزن  دور ھئا، جنهن دورن جي ڏاڍ ۽ جبر جي عڪاسي ڪرڻ جي لاءِ معاوري طور چيو ويندو آهي ته انهن دورن ۾ ” پکي به پر ” ھڻي نه سگهندو آھي، سياسي، قومي سميت مختلف مڪتبه فڪر جي پارٽين جي قيادتن ۽ سياسي ۽ قومي ڪارڪنن  جيڪي آمريت دورن ۾ سياسي، قومي ۽ جهموري جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪندا ھئا، انهن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪوڙا ھنيا ويا، نظر بنديون ڪيون ويون ھيون، جن ماڻهن ھهڙي اذيت،  تڪليف ۽ آزمائش کان پوءِ پير پوئتي ڪو نه ڪيو ھو، پنهنجي سوچ، فڪر ۽ نظريي تان ڪو نه ھٽيا، انهن کي ڦاھي چاڙھيو ويو آھي، اُھي دور فاشسٽ، رھزن، سفاڪ، ڏاڍ، جبر، ھر قسم جي آزاديءَ تي راتاھا ھڻندڙ، بدمست ۽ بي لغام گهوڙي وانگر ھئا، جنهن جي پيرن ھيٺان آئين ۽ قانون سميت مذڪوره ڄاڻايل سمورن بنيادي حقن کي لتاڙيو ويو ھو، ھن ملڪ جي آمريتي دورن جي سياسي تاريخ جا ورق انساني خون سان ڀريل آھن، جنهن خون کي ملڪ جي رستن رنگن جيان ھاريو ويو آھي

آمريتي دورن ۾ جدوجهد ۽ جاکوڙ اُن اُميد سان ڪئي وئي ۽ قرباني ھن جذبي تحت ڏني وئي ته جهموريت جي صبح جي نويد عوام جي لاءِ خوشحاليءَ آڻيندي، عوام جي مرجهايل ۽ اُوجهاڻيل چهرن تي ٻيهر مرڪون موٽي اينديون، پر جنهن خواھش، اُميد ۽ جذبي تحت جدوجهد، جاکوڙ ۽ قربانيءَ ڏني وئي، اُھا ريگستان جهڙي جهموريت ثابت ٿي، جنهن ۾ عوام جون خواهشون صحرا جي سفر جهڙيون بڻجي ويون، اُميد جو جهول گلن سان بجاءِ ڪنڊن سان ڀرجي ويو، آمريتي دورن جون پاليسيون ۽ سياسي رويا جهموريت جي سيند جو سندور بڻجي ويا، اسان جڏھن آئيني، قانوني، سياسي، قومي، انساني ۽ جهموري حقن تي پابنديءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا، ته اُن وقت اسان جي ذھن جي اسڪرين تي آمريتي دورن جا ڏاڍ ۽ جبر جا اشتهار ھلڻ لڳن ٿا، پر حيرت جهڙي ڳالهه ھيءَ آھي ته جڏھن انهن دورن تي ڪيل تجزيي تان آمريت جو عنوان ھٽائي جهموريت لکنداسين، ته ڪنهن کي به اُھو فرق محسوس ڪو نه ٿيندو آھي ھيءَ آمريتي دورن تي ڪيل تجزيو آھي يا وري جهموريت جي دورن جي ڳالهه ڪيل آھي.

ھن ڳالهه جي ذريعي ھيءَ سمجهائڻ چاھيان ٿو ته جمهوريت ۾ اظهار جي آزاديءَ کي برداشت نٿو ڪيو وڃي، جيڪو به ماڻهو سچ ۽ حق جي ڳالهه ڪري ٿو، اُن ماڻهو کي اُھي ساڳيون اذيتون ملن ٿيون، جيڪي آمريت جي دورن ملنديون هيون، ڇا جهموري دورن ۾ سچ ڳالهائڻ تي پابنديءَ ڪونهي؟ چا اظهار جي آزاديءَ جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهڻ جي لاءِ ” اسيمبليءَ مان بل” پاس ناھن ڪرايا ويا؟ ڇا رياست جي اندر ھڪ ٻئي رياست ٺهيل ڪونهي؟ ھتي ننڍڙيون ننڍڙيون رياستون تڪن جي صورتن ۾ ٺاھي، عوام دشمن، ڦورو، سرمائيدار ۽ جاگيردار ۽ وڏيرڪي طبقي جي حوالي ڪيون ويون آھن، جيڪي عوام کي آمرن جي رويي ۽ پاليسي جيان ھلائي رھيا آھن، ” ڀائو وارن” جي منشا تحت عدالت، پارليامينٽ، حڪمران، سياست کان وٺي ھر اشرافيه جيءَ  حضوري ڪندي ڪنڌ نمائي  ھلي ٿي، جنهن جي لاءِ قانون به ايترو ” معتبر” ڪونهي، جيترو ” ڀائو وارا” آھن، حيرت جهڙي ڳالهه ھيءَ آھي ته ھتي قاضين کي زبان بند ڪرڻ جي لاءِ خط اُماڻيا وڃن ٿا، قومي ڪارڪنن ۽ سچ ڳالهائيندڙ صحافين جا لاش ڏنا وڃن ٿا، سوال ھيءَ آھي ته پوءِ ٻئي ڪنهن ماڻهو جو سچ ڳالهائڻ ۽ لکڻ ڪيئن برادشت ڪيو ويندو، ثابت ٿيو ته جيڪا پاليسي ۽ عمل آمريت جي سڃاڻپ آھن، اُھي جهموري دورن ۾ ٿي رھيا آھن، اَئين چئجي ته جمهوريت جي جسم ۾ آمريت جو روح واسو ڪري ٿو.

ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته اسان جي ملڪ جي حڪومتن، حڪمرانن، قاضين، قانون جي رکوالن، اسٽيبلشمينٽ ۽ اشرافيه کي سوچڻو پوندو ته دنيا جون حالتون ھاڻي تبديل ٿي رھيون آھن، اسان کان پوءِ جيڪي ملڪ آزاد ٿيا يا وري آزاديءَ حاصل ڪيائون، اُھي ترقيءَ جون منزلون سيڙھي جي ڏاڪڻ جيان تيزيءَ سان پار ڪري رهيا آھن، دنيا جون حالتون ھاڻي تبديل ٿيڻ کان پوءِ اُھي ملڪ ترقيءَ جي رستن تي گامزن آھن، اسان کي ھيءَ نه وسارڻ گهرجي ته ترقيءَ ڏاڍ، جبر، ظلم جي وسيلي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي، پر ترقيءَ قانون جي حڪمرانيءَ، عوامي حقوق جي بحاليءَ، قومن جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ ۽ قومن کي خودمختياري ڏيڻ، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا کان وٺي سوشل ميڊيا سميت ذريعه ابلاغ جي سمورن  فورمن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي بجاءِ کين قانون جي مطابق مليل اظهار جي آزاديءَ جو حق ڏيڻ سان حاصل  ڪري سگهجي ٿي، جيڪڏھن اسان چاھيون ٿا ته سياسي ۽ معاشي بحران، مهانگائيءَ، بک، بدحاليءَ، بيروزگاري، جا مسئلا حل ٿي وڃن، ته پوءِ پنهنجي اندر ۾  سچائيءَ، ايمانداري، سهپ، برادشت، ملڪ ۽ عوام دوستيءَ جا گهر ٺاهڻا پوندا، اُھو تڏھن ممڪن آهي ته جڏھن ڪرپشن جي روڪٿام جي لاءِ نظام ۾ شفافيت پيدا ڪئي ويندي، حڪومتي ۽ سياسي پاليسي ۽ اشوز مان پنهنجا ذاتي، گروھي ۽ مافيائن جا مفاد ڪڍي ڇڏبا، مذڪوره ڌرين کي پنهنجي ھاضمي جي نظام کي بهتر ڪري سچ، حق، اعتراض، مخالفت ۽ تنقيد کي برداشت ڪرڻو پوندو، تنهن کان پوءِ ھيءَ ملڪ ترقيءَ جو منزلون اَئين طئه ڪندو، جيئن ڪو ماڻهو ڏاڪڻ جون سيڙھون پار ڪندو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.