ميرپور خاص ۾ 56هون نيشنل مينگو ۽ فروٽ فيسٽول

تحرير: قائم سولنگي

وادي مهراڻ جي خوبصورت سرزمين ۽ سنڌ جو چوٿون وڏو شهر ميرپورخاص پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت، ٿڌين هوائن، ساين نمن ۽ انبن جي حوالي سان منفرد حيثيت رکي ٿو، هتي ٽن ڏينهن جو انبن ۽ فروٽ  جو سالانه ميلو مينگو فيسٽيول آبادگارن، ضلع جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي ڪهڙيون خوشيون مهيا ڪندو اميد  ته انب سنڌ جي ميون جو مهندار چيو وڃي ٿو جنهن جي ننڍي کنڊ جي ملڪن ڀارت ، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ اٽڪل 6 هزار سالن کان پوک ٿي رهي آهي. مغربي ملڪن ۾ انب جي پوک 1959 ڌاري ڪلوريڊا کان شروع ٿي. پاڪستان ۾ انبن جون 296جنسون پوکجن ٿيون، ان ۾ سنڌ جو سنڌڙي ، پنجاب جو چونسووڌيڪ مشهور آهن.
آڳاٽي زماني ۾ عربستان ۽ ايران جي ماڻهن سنڌ ۾ انب ميوو کاڌو هو. جنهن بعد انب جو نالو سندن ٻولي عربي ۾ ’’ انبج ‘‘ ۽ فارسي ۾ ’’انبه‘‘ رائج ٿيو. لفظ انب سنسڪرت ٻولي ’’آم‘‘ مان ورتو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ “عطيو” آهي. قديم چيني سياح هيو سانگ 732ع ڌاري هندستاني انبن کي متعارف ڪرايو . ميرپورخاص ۾ انبن جي پهرين نمائش 1965 ۾ روٽري ڪلب بلڊنگ ۾ ٿي هئي.جنهن جو افتتاح ان وقت جي گورنر اولهه پاڪستان ملڪ امير محمد خان عرف نواب آف ڪالا باغ ڪيو ، تڏهن کپرو ، عمرڪوٽ  ۽ ضلع ٿرپارڪر ، هاڻوڪي ميرپورخاص به شامل هئا.

دنيا ۾ مڃيل ’’مينگو  سٽي‘‘ طور 33 ملڪن مان پاڪستان 5 نمبر ۽ فلپائن 10هين نمبر ٿي تسليم ڪيا ويا. اهو فيصلو 1987 ۾ انٽر نيشنل مينگو فيسٽيول جيڪا ڀارت جي شهر ’’مولتون‘‘ ۾ ٿي هئي ۾ ڪيو ويو. ساڳي طرح 1994 ۾ اولڊ مينگو نمائش جنهن ۾ سائوٿ ايشيا جي ملڪن به حصو ورتو شهر ’’رتنا‘‘ ۾ منعقد ٿي ان ۾ بنگلاديش 4 ۽ پاڪستان 2 نمبر  حاصل ڪيو. 1932۾ ساوٿ انڊيا کان گرافڪ قلم آندا ويا ، اهي قلم هتي ديسي ٻوٽن تي پيوند ڪيا ويا ، اهي پيوند ٻوٽا 1940 تائين تيار ٿيا. موجوده هارٽيڪلچر ميرپورخاص جو پراڻو نالو ايگريڪلچر ريسرچ اسٽيشن هوندو هو تڏهن 1941 ۾ ڪميٽي اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ اهي ٻوٽا آباد گارن کي وڌائڻ لاءِ ڏجن، جو پوءِ مرحوم خان صاحب دين محمد جوڻيجو انهن پيوند ٻوٽن کي پنهنجي باغ ۾ وڌايو ۽ جيڪا جنس لذيذ ، وڻندڙ پيدا ٿي ان انب جو نالو ’’سنڌڙي‘‘ رکيو. سنڌڙي انب جو وڻ في پيداوار 260ڪلوگرام ڏي ٿو ۽ وڌ ۾ وڌ في ايڪڙ پيداوار 9700ڪلوگرام رڪارڊ ڪيل آهي. سال 2014۾ انبن جي پيداوار 52079 في ٽن يعني 368066ٽن حاصل ٿي ۽ پاڪستان جا انب 38 ملڪن ۽ ايڪسپورٽ ٿيا. اهڙي طرح 2014انبن جي بين الاقوامي نمائش اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۾ منعقد ٿي هئي . انب مرزا غالب کان وٽي علامه اقبال تائين ڪيترن ئي باذوق شخصيتن جي ڪمزوري رهيا آهن. ليڊي ڊائنا کي سنڌڙي انب ميرپورخاص جي برک زميندار محمد رفيع ڪاڇيلو لنڊن ۾ تحفي ۾ پيش ڪيا هئا. ان کانپوءِ هو هر سال شوق سان انب گهرائيندي هئي. هيستائين ريسرچ ڪري انبن جون 140 جنسون متعارف ڪرايون ويون آهن ۽ پراونشل سيڊ ڪارپوريشن ۾ سنڌڙي انب رجسٽرڊ ڪرائڻ بعد 2018 ۾ چونسو انب رجسٽرڊ ٿيو آهي جنهن سان عالمي مارڪيٽ ۾ کپت وڌي آهي.

پاڪستان ۾ جتي اٽڪل 2 لک 47 هزار 8 سو ايڪڙ ن تي باغ پوکيل آهن سنڌ ۾ ميرپورخاص پهرين نمبر تي انب جي اپت ڏيندڙ ضلعو آهي، 1906کان ميرپورخاص تحقيقاتي اسٽيشن کي وڌائي هارٽيڪلچر ريسرچ اسٽيٽيوٽ درجو ڏنو ويو. 1932 ۾ انب جي جنس لنگڙي جا قلم حاجي پور (بنارس انڊيا مان آندا ويا) اهي قلم هارٽيڪلچر ريسرچ ميرپورخاص ۾ ديسي ٻوٽن تي لڳايا ويا اهو ايڪسپيرمنٽ جو سلسلو 1940 تائين رهيو ۽ هڪ ڪمپني جي ذريعي هن کي زميندارن جي فيلڊ تي وڌايو ويو. ساڳي طرح هن ريسرچ انسٽيٽوٽ مرچن جي ورائٽي ۾ ’’ نگينه ‘‘ جو تجربو ڪري مختلف ضلعن ۾ وڌايو آهي هنن جو رنگ وڻندڙ وڌيڪ ڪڙاڻ جي ڪري گروورس وٽ نگينه مرچ ڪامياب آهي هن اداري جي ڪاوشن سان بصرن ۾ ’’نصرپوري‘‘ ، ڀينڊن مان ’’سب پري‘‘ ۽ ’’بينظير‘‘ ورائٽيون مقبول  ٿيون آهن. ياد رهي ته انگريز دور ۾ ميرواه گورچاڻي ويجهو باغانوالي ۾ سيٺ نارائڻ ۽ سيٺ خوبچند لوهاڻه نرسري قائم ڪري انبن جون ڪافي جنسون متعارف ڪرايون هيون. اهڙي طرح ڪاڇيلو صاحب بمبئي کان انبن جون اهي جنسون به پنهنجي باغ ۾ لڳايون جيڪي سڄو سال انب ڏيندڙ آهن.

2011 ۾ ميرپورخاص ضلعي ۾ طوفاني ٻوڏ (ڊيزاسٽر) ۾ انبن جا باغ  وڏي تعداد ۾  متاثر ٿيا ۽ سوين ايڪڙن جي ايراضي ۾ پوک جي لحاظ کان باغ اوترو مقدار نه ڏيئي سگهيا ڇو ته انبن جي ميون تي ماحوليات (ڪلائيمينٽ) جو وڏو اثر ٿئي ٿو. جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ انبن جا باغ لڳائيندڙ آباد گارن کي ڀاڻ دوائون وغيره جي مد ۾ ڪو خاص پيڪيج ۽ رليف ملڻ کپي ها . ليڪن باغ لڳائيندڙ آباد گار پنهنجي همت ۽ شوق سان انبن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪوشان آهن ته جيئن ميرپورخاص جي نالي ’’مينگو سٽي‘‘جو ڀرم برقرار رهي سگهي. ٽي سال اڳ سنڌ ۾ باغات بابت ڪيل سروي موجب ميرپورخاص ضلع ۾ 12196 هيڪٽرن تي، سانگهڙ ۾ 8339، عمرڪوٽ ۾ 4132، ٽنڊوالهيار ۾ 9998، ٿرپارڪر ۾ 183، حيدرآباد ۾ 7307، مٽياري ۾ 4731، ٽنڊو محمد خان 450، دادو 100، ڄامشورو 232، شڪارپور112، نوابشاهه 3012، گهوٽڪي 289، سکر ۾ 186، لاڙڪاڻي ۾ 171، نوشهروفيروز 2598، ٺٽو 198 ۽ ڪراچي ۾ 262 هيڪٽرن تي باغ پوکيل آهن.

جڏهن انب مارڪيٽ ۾ ايندا آهن ته مال پڙين ۾ چوپائي ما ل جو اگهه ڪري پوندو آهي ۽ ڀاڄين جو واهپو زياده نه هوندو آهي. ان مان انب جي اهميت جي اندازو ڪري سگهجي ٿو، ڏٺو وڃي ته مينگو فيسٽيول جي موقعي تي اهو مطالبو به ٿيندو رهيو آهي ته انبن جي جنس کي عالمي مارڪيٽ ۾ سٺي اگهه تي وڪڻڻ لاءِ ڪولڊ اسٽوريج جو هئڻ ضروري آهي.

هوڏانهن زرعي کاتي جي حلقن جو چوڻ آهي ته حڪومت منظور ٿيل مينگو پروسيسنگ اينڊ گريڊنگ يونٽ ميرپورخاص مان ڪراچي منتقل ڪيو ويو جيڪو هن وقت سبزي مارڪيٽ لڳ هائي ويز ڀرسان آهي اهو گريڊنگ يونٽ ميرپورخاص ۾ جڙڻ سان انب ڪراچي کان لاهور بدران ميرپورخاص مان ڪوالٽي وائز پراسيس ٿي پرڏيهي مارڪيٽ ۾ پهچڻ لائق ٿيندو ، فارمي انبن جي اها خصوصيت آهي جو انهن ۾ ڄارو يا ريشو ڪونه ٿئي بلڪ ڳر وڌيڪ ۽ ڪوئلو ننڍو ٿي ٿو. ميرپورخاص مان سڀ کان پهرين سرولي ۽آخر ۾ نيلم تيار ٿئي ٿو. جڏهن ته زردالو انب ٻه ڀيرا لڳاتار ڦر ڏيندو آهي۽ ڏهين مهيني تائين هلندو آهي. انب مڪمل قوت بخش غذا آهي. هن ۾ وٽامن سي ڪافي مقدار ۾ ٿئي ٿو ، پر هن جو مزاج گرم آهي. ان ڪري پورو سارو کائجي ۽ اهو به چڱي طرح ٺاري نه ته پيٽ جي خرابي، رٿ ڳڙيون، آرايون، قبضي ۽ جلاب ٿي پوندا آهن ، انبڙيون ڀڃي انهن جي رس ۾ جيرو ۽ ڪارا مرچ ٻرڪي لوڻ ۽ کنڊ ملائي چٽائجي ته بدن جي گرمي کي ٺار اچي ويندو دل ڪچي ٿيڻ بند ٿي ويندي ساڳي ريت انب ککڙي جي پتي مان وري ’’ انب چور ‘‘ ٺاهبو آهي. جيڪو مصالحي طور به ڪم اچي ته معدي جي تڪليف يا گيس کي ختم ڪرڻ ۾ آساني ڏي ٿو تيئن انب جا پن ۽ ٻور زهريلن اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ فائدو  ڏيندا آهن.

اهو به وقت هو جڏهن ميرپورخاص ۾ انبن جي نمائش گلستان بلديه پارڪ ۾ ٿيندي هئي ۽ هڪ ايونٽ ’’زرعي سيمينار‘‘ لائبريري هال ۾ ٿيندو هو .اهو دور ڊي سي محمد هاشم ميمڻ ۽  چوڌري ضياء الاسلام جو هو ۽ بعد ۾ ڊي سي مسعود عالم رضوي انهيءَ کي وڌايو ۽ ثقافتي نمائش ، مشاعري  جا پروگرام شامل ڪيا ، جنهن لاءِ آرگنائيزر (راقم الحروف) رهيو ۽ اهو سلسلو ڊي سي شفيق الرحمان پراچه تائين رهيو 2004 کان 2007 تائين سيد ممتاز علي شاهه موجوده چيف سيڪريٽري سنڌ جنهن موصوف کي ڊي سي او ميرپورخاص جي حيثيت ۾ اهو به ڪريڊٽ وڃي ٿو جو سندس ڪوشش سان ٻه سئو ساله جشن ميرپورخاص 2006ع ۾ منعقد ٿيو ۽ پاڻ مون ‘قائم سولنگي’ تي اعتماد ڪندي آخري رات “موسيقي پروگرام ” آرگنائيز ڪرڻ جي ذميواري سونپي.  عبدالرحيم سومرو ڊي سي او جي حيثيت ۾ “ملاکڙو” ايونٽ به شامل ڪيو. خوشي جي ڳالهه ته هارٽيڪلچر فروٽ فارم وٽ بينظير ڀٽو ايئر ڪنڊيشنڊ هال ٺهي راس ٿيو . اڳتي هلي ڊي سي نديم الرحمان ميمڻ انهي فيسٽيول ۾  ويتر اضافو ڪري “ڪوڏي ڪوڏي” راند شامل ڪئي. ميرپورخاص لاءِ جڏهن انچارج ڊي سي رشيد احمد زرداري ٿي آيو ته مينگو فيسٽيول کي گولڊن جوبلي ڪري ملهائڻ جا جتن ڪيائين ڪمشنر ميرپورخاص ڊويزن شفيق احمد مهيسر  جن جي ايام ڪاري سان مينگو فيسٽيول جي رونقن ۾ ويتر اضافو ٿيو ، بعد ۾ اهو  فيسٽيول ڊپٽي ڪمشنر سيد مهدي علي شاهه جي سرپرستي ۾  منعقد ٿيو مرحوم پروگرامن ۾ ويتر رنگ ڀري ڇڏيا ،هن  اي ڊي سي عبدالحفيظ لغاري کي ڪو چيئرمين بنائي سڀئي پروگرام ڪامياب ڪيا.  مرحوم زاهد حسين ميمڻ ڊي سي طور چارج سنڀالي ته انبن جي نمائش رمضان شريف  ۾ اچي ويئي جنهن ڪري ٻيا پروگرام ساڳيا رهيا البته موسيقيءَ جي بجاءِ نعت خواني جي مجلس رکي وئي جنهن جي آغاز ۾ درگاهه شاهه ڀٽائي جي راڳي فقيرن انور فقير ۽ گل محمد فقير کي ٻه عارفانه وايون پيش ڪرڻ لاءِ سڏايو ويو هو. ٻه سال ملڪ ۾ ڪرونا وبا جي ڪري اهو فيسٽيول ملتوي ڪيو ويو. گذريل سال 2023ع ۾ جڏهن ڊي سي زين العابدين ميمڻ ڏيپلائي انهي سال پروگرام جهڙو ٿيو تهڙو نه ٿيو. ڪهڙا ڪارڻ هئا، ان جي هن وقت وضاحت ضروري ناهي.

البته هن سال 2024ع ۾ ڊويزنل ڪمشنر فيصل احمد عقيلي جن جي دلچسپي سان مينگو فيسٽيول 31 مئي کان 2 جون تائين منعقد ٿي رهيو آهي. خوش آئينده ڳالهه ته تازو مئنيجمنيٽ ڪميٽي جو چيئرمين عارف خان ڀرڳڙي کي نامزد ڪيو ويو آهي، ازنسواءِ وزير ثقافت، سياحت ۽ نوادرات سيد ذوالفقار علي شاهه پڻ ڀرپور سهڪار ڪري رهيو آهي. اميد آهي ته هن سال مينگو فيسٽيول جي پروگرامن ۾ ٿيندڙ اوڻايون دور ڪري بهتري طرف وڌڻ ٿيندو ۽ ميرپورخاص جو هي يادگار ميلو يادگار بڻائڻ ۾ سڀئي حصو وٺندا.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي منڊين ۾ انبن جي وڪري لاءِ آبادگارن کي پروسيسنگ زون گريڊنگ پيڪنگ ۽ جديد ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي ته جيئن اهي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي پنهنجي انبن کي عالمي منڊيءَ تائين رسائي، پنهنجي لاءِ ناڻو ڪمائي سگهن ۽ ايڪسپوٽرن کي نمائش ۾ آڻي فوڊ ٽيڪنالاجي جي مقصد لاءِ ڏنل مشينري کي زنگ لڳڻ  کان بچائجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.