ڇا چين، پاڪستان ۾ سيڙپ ڪاري ڪندو؟

تحرير: سڪندر چنو

جيڪڏهن توهان کي لڳي ٿو ته چين هاڻي پاڪستان ۾ سي پيڪ کان به وڌيڪ ڪا سيڙپ ڪاري ڪندو يا ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته اها خوش فهمي ۾ مبتلا هجڻ کان سواءِ باقي ڪجهه به ناهي. اهڙو ڪجهه به ٿيڻ وارو ناهي ۽ نه وري في الحال ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته چين واسو ڊيم ۾ پنهنجا جڏهن 6 انجنيئر دهشت گردن هٿان مارايا ۽ ان کان به وڌيڪ اهو ته چين پاڪستان جي لاڏلن کي گهڻو ڪجهه سمجاهيو ته خدارا! پنهنجي ملڪ ۽ عوام خاطر ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو اهم قدم کڻو پر پاڪستان ناڪام ويو آهي. ان کان پوءِ چين پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي سيڙپ ڪرڻ کان مايوس ۽ لنوائي رهيو آهي.

سي پيڪ تي جيڪي به پاڪستان طرفان ميڊيا جي مارڪيٽ ۾ بيان بازي ٿئي ٿي ته اهو هڪ صرف ٽاڪ شو آهن يا حڪمرانن جي پنهنجي ذاتي خواهش هوندي صرف عوام کي آٿت ڏيڻ لاءِ يا خوشي ڪرڻ جي برابر هجي ٿو. يا حقيقت ۾ ڪجهه ٻيو ٿي رهيو آهي جيڪو عوام کان لڪايو پيو وڃي. يا حقيت لڪائڻ جو هڪ طريقو آهي. بهرحال جيتري پاڻ کي ڄاڻ ملي رهي آهي ته سي پيڪ جي بحالي لاءِ ڪجهه به ٿيڻو ناهي. جڏهن ته  چين وٽ اهڙي ڪنهن به قسم جو ذڪر في الحال نه هلي رهيو آهي. پاڪستان پاران ميڊيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان کان خبردار ۽ هوشيار رهڻ ئي گهرجي.

جيستائين توهان چين جي سرڪاري بيان کي اخبارن ۾ نه پڙهو تيستائين چين پاڪستان ۾ ڪنهن به قسم جي سيڙپ ڪرڻ کان لنوائي به رهيو آهي ۽ پاڪستان کان چين مايوس به آهي. حالانڪه چين پاڪستان جو پراڻو وفادار همدرد دوست ته آهي پر چين جا به پاڪستان ۾ وڏا مفاد آهن. چين جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کي آمريڪا جي بلاڪ مان مڪمل نجات ڏياريندي پاڪ ايران گئس پائيپ لائين منصوبي کي جلد مڪمل ڪرايو وڃي. پر پاڪستان هڪ گدڙ جيان پنهنجي پاڇي کان به ڊڄي رهيو آهي.

اهڙي صورت ۾ پاڪستان آمريڪا جي بلاڪ مان مڪمل طور نڪرڻ پنهنجو نقصان سمجهي ٿو. هونئن به موجوده پاڪستان قيادت جو آمريڪا وڏو سهارو بڻيل آهي. ڇاڪاڻ ته موجوده قيادت کي خوش رکڻ لاءِ آمريڪا سائفر معاملي ۾ عمران خان کي نه رڳو ڦاسايو آهي پر گهر به ڀيڙو ڪيو. آمريڪا کي Yes man گهرجي. جيڪا عمران خان جي نفسيات ۽ وجود ۾ سمايل ڪانهي. هن وقت پاڪستان معاشي طور ڌٻڻ مان نڪرڻ جي وڏين ڪوششن ۾ آهي. پر في الحال نڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. بهرحال چين روس ۽ ايران پاڪستان مان مايوس آهن. پر آخرڪار نيٺ پاڪستان جو ٿيڻو ڇا آهي؟ پاڪستان آمريڪا جي سهاري تي هلي رهيو آهي. جڏهن ته ايئن نه ٿيڻ گهرجي.

چين جي نفسياتي سوچ ان طرف آهي ته دنيا معاشي طور اڳڀري رهي ۽ جنگين کان لاتعلق رهي. پر آمريڪا ۽ روس چاهيندو آهي ته دنيا جنگين ۾ رڌل هجي جيئن سندن هٿيار وڪرو ٿين ۽ سندن اوطاقون ويران ٿيڻ بجاءِ هميشه آباد هجن. چين بابت جيڪو ڪجهه پاڪستان ٻڌائي ٿو ان کان اسان کي هوشيار رهڻ گهرجي. هن وقت چين رياست وٽ بيان بازي ڪرڻ لاءِ کوڙ سارا ذريعا آهن هڪ ته ظاهر آهي چين وزارت خارجه جو ترجمان آهي. پر ان کان هٽي ڪري ٻين ذريعن وٽان به بيان بازي ٿيندي آهي. پر ان جو اثر بي اثر هوندو آهي.

چين ۾ ميڊيا مڪمل طور تي حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هوندي آهي. اڪثر ڪري اخبارون ۽ انهن ۾ شايع ٿيندڙ ايڊيٽوريل ۽ ڪالم وغيره حڪومت جي حمايت ۾ هوندا آهن. ڪوبه مخالف نه هوندو آهي. چين ۾ اڪثر ڪري اهڙين خبرن جو حوال ڏنو ويندو آهي جيڪي پاڪستان پاران چين لاءِ بيان بازي ڏني ويندي آهي. پر ان بيان بازي ۾ ڪا صداقت نه هوندي آهي. بحرالحال چين هن وقت تائين سي پيڪ جي حوالي سان تمام ۽ هر لحاظ کان خاموش بڻيل آهي.

تازو چين جي خبر ڏيندڙ هڪ ايجنسي شن هوا هڪ رپورٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف سي پيڪ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي. جنهن ۾ وزيراعظم چيو آهي ته چين پاڪستان ۾ زراعت بجلي ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي جي شعبن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن چين تيار آهي ته ان کي روڪيو ڪنهن آهي؟ 2013ع ۾ چين پاڪستان ۾ سي پيڪ جو وڏو منصوبو شروع ڪيو جيڪو بلوچستان کان ٿيندي گوادر بندرگاهه چين جي صوبي سنڪيانگ ايغور جي علائقي کان ٿيندي شغر کي ڳنڍي ٿو. ۽ ان جي شروعاتي مرحلي ۾ بجلي ۽ صنعتي تعاون کي اجاگر ڪري ٿو ۽ نئون مرحلو جيڪو شروع ٿيندو اهو صوبي شعبون تائين ڦهليل هوندو.

ڳالهيون گهڻيون آهن چين پاڪستان کي خوشحال ان صورت ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ته پاڪستان آمريڪا مان جان ڇڏائي ۽ ايران کان سستو پيٽرول، گئس ۽ بجلي وٺي. پاڪستاني عوام کي غربت جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي وٺي. پر پاڪستان جي حڪمرانن کي چين جي ين ڪرنسي نه پر ڊالر گهرجن. جيستائين اسان جون عادتون تبديل نه ٿينديون تيستائين پاڪستان ڪڏهن به خوشحال ڪونه ٿيندو ۽ ائين ڪستو کڻي دنيا جي ملڪن جي در در تي وڃي پنڻ لاءِ بيهندو..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.