پي ٽي آءِ تي سياسي سڪرات

تحرير: رياض ابڙو 

ملڪي حالتون نه سياست جي ڪنٽرول ۾ آهن، نه رياست جو وس ٿو هلي پر اهو رينگٽ پيو ٿو هلي (۽ هلندو رهندو). ڳالھه  اها به منجهائي ٿي ته رياست کي بيروني طاقتون ٿيون هلائن يا اهي ڪرتا ڌرتا اندروني طاقتن جي هٿ وس آهن، پر ملڪي سياسي، معاشي، سماجي اندروني ۽ بيروني مسئلن کي ڏسي اهو نتيجو ڪڍجي ته هي رياست بي پيري آهي، ۽ جي چاهي ته ڪهڙي مهل ۽ ڪهڙو به قبلو مٽائي ته مٽائي ٿي سگهي، ڪو چوڻ وارو ڪونهي. هڪ ڳالھه  سجهڻ جهڙي آهي ته هن رياست سان بغاوت سياست جي وس جي ڳالھه  ناهي. ان ڪري جيڪا سياست عوامي هجي اها رياست جي عزت جو خيال رکي نه ته انهن جي عزت نه رهندي. پر ٻئي پاسي ائين لڳندو آهي ته هن رياست جو ڪو پير فقير آهي جيڪو هن رياست کي ڪنٽرول ڪيون ويٺو آهي، پر جي سڀ ائين ناهي ته آخر ڇاهي، ماڻهو ڪاڏي وڃي، يا مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا يا ملڪ خطرناڪ موڙ کان ڪڏهن اڳتي هلندو يا نڪري پوندو.

نون ليگ جي نظر ۾ اها ڳالھه  چٽي آهي ته هن رياست کي جي 9 مئي جي بريڪ نه لڳي ها ته ملڪ ملير ٿي پئي ها، ڇو ته ان کان اڳ ملڪ ۾ ڪا به بدحالي ۽ بڇڙائي نه هئي، نه ئي ڪنهن ڳالھه  جي ڪري ماڻهن ۾ ڪا بي چيني به هئي. يا ٻئي پاسي اهو به ڏسجي ته جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت 2018ع کان ڌڪي اسٽارٽ پئي هلي ته اپريل 2022ع تائين پاڪستان پيرس لڳو پيو هيو، ملڪ ۾ خوشحالي هئي ۽ عام ماڻهو خوش لڳا پيا هيا، پر 9 مئي ٿي ته ملڪ جي ترقي تي لتَ اچي وئي. رياست جو ساھ ٻوساٽجي ويو. اها ڳالھه  مڃون ٿا ته جيڪي به حڪومتي ڪرسين تي هوندا آهن اهي سدائين مخالفن کي ملڪ دشمن ڪري ڏسندا آهن ۽ جيڪي ڪرسين تي هوندا آهن انهن تي رياست مهربان هوندي آهي، وري اهي مخالف ڌر وارا اها آلجبرا به سمجهائيندا آهن ته انهن کي حڪومتي داوَ ۽ پيچَ سڀ سمجھه ۾ ايندا آهن اهي جڏهن پاڻ حڪومت ۾ هوندو آهي ته عوام مخالف فيصلا ڪندا آهن پر جڏهن پاڻ مخالف ڌر ۾ هوندا آهن ته انهن جا هوش جاڳي پوندا آهن ۽ هر اها ڳالھه  جيڪا عوام جي مفاد ۾ هوندي آهي ڪري وجهندا آهن، انهن آءِ ايم ايف جا معاهدا به ڏکيا لڳندا آهن، انهن کي ادارن جو گروي رکڻ به خراب لڳندو آهي، ادارا خانگائڻ به انهن جو ساھ منجهائي رکندا آهن، پيٽرول جون قيمتون به انهن جي ڳچي جو ڳاٽ بڻبيون آهن پر پاڻ سڀ ڪجهھ ڪري ويندا آهن جڏهن کين رڳو ڪرسيءَ جو آسرو ملي.

مثال ائين به آهي ته ”جنهن جو ربُ تنهن جو سڀ“ ائين ئي جنهن جي اسٽبلشمينٽ ان جو سمورو ملڪ، پوءِ جيئن وڻين تيئن ڪن. ان ڪري جڏهن عمران خان پاڻ هوندو هيو ته ان وقت فارين فنڊنگ ۾ پنهنجي هڪ پيشي نه ڪرايائين ۽ جڏهن لٿو ته القادر يونيورسٽي جا ڳالھه  به ڳچيءَ ۾ پئجي ويس، توشاخانا جي ڦشري ٿيس ۽ فارين فنڊنگ به ڦاهيءَ جو ڦندو بڻجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويس. وري 9 مئي ڄڻ نائين اليون ثابت ٿي، ان ڪري ته جنهن طاقت جو مظاهرو هنن پي ٽي آءِ وارن ڪرڻ چاهيو اهو ڪري ڏيکارين، هاڻي عسڪري ادارا هنن کي هڪ ڳالھه  به معاف ڪرڻ وارا ناهن ۽ ابتو وري ٿا چون ته ”ٿُو انگور کٽا“ ان ڪري جنهن فرمائشي لسٽ ۾ هنن ڳالهين جي ميز تي عسڪري ادارن کي طلبيو هيو اهي نابري واري ويهي رهيا آهن، هاڻي اهي به چون ٿا ته هنن پي ٽي آءِ وارن سان ڳالهيون نه ٿينديون، مٿان ابتو وري بريسٽر گوهر صاحب ٿو چئي ته جيڪي اسان جا ڪارڪن (يوٿيا) مئا انهن جي معافي ڪير وٺندو. انهن ٻنهي جي وچ ۾ ادارا ٽياڪڙي ڪيئن ڪن يا رياست جي زبان ڇڏي هاڻي ڪرسيءَ واري سياست هنن جي ڀرِ ڪيئن ۽ ڇو وٺي؟ ان ڪري ته هنن شخصن ڪنهن سان نه رهائي، ان ڪري پي ٽي آءِ وارن جي پنهنجي وڍي آهي جنهن جو ڊڀ نه دارون. جيئن هاڻي علي امين گنڊه پور به غنڊه پور واريون ڳالهيون ٿو ڪري، هنن بيانن ۾ اڃان تائين اها 9 مئي واري بوءِ ٿي اچي، ڇو جو هنن هاڻوڪي بيانن ۾ وري واضع ڪيو ته اهي اسلام آباد تي قبضو ڪندا ۽ عمران خان کي انصاف ڏياريندا (جيڪو پنهنجي حڪومت ۾ رهي به پاڻ کي انصاف نه ڏياري سگهيو) ۽ ائين به ناهي ته ڪورٽون ان وقت ٿڪجي پيون هيون يا هاڻي ساڻيون ٿي پيون آهن جو پي ٽي آءِ کي انصاف نه ٿيون ڏياري سگهن. پر اهي ڏينهن اهي شينهن، جڏهن نون ليگ وارن کي فيئرٽرايل نه ملندو هيو پر عمران خان جي کنڊ جا جهاز به تري پئي ويا، جهانگيرترين تي ڪٽيل ايف آءِ آر موٽرائي ويندو هيو، پاڻ تي هڪ پيشي نه آيس، پر هاڻي نون ليگ وارا ڪرسين تي ويٺل آهن ۽ سڀ جا سڀ ”ييس مين“ آهن اها ڳالھه  ناهي ته سڀ جا سڀ نون ليگ وارا کير جا ڌوتل آهن، ۽ هاڻي اهي ئي پي ٽي آءِ وارا جن جي لاءِ سمورو ملڪ اهو چوندو هيو ته پي ٽي آءِ وارا انتهائي ايماندار آهن پر هاڻي اهي سڀ سبتيون ڳالهيون ابتيون ٿي ويون آهن.

مڃون ٿا ته هڪڙي ڪال ٿي اچين ته پي ٽي آءِ وارا مست ٿي ٿا وڃن، ان کان اڳ پيپلزپارٽيءَ وارن هنن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي پر هنن سني اتحاد کي اوليت ڏني ۽ اها ڊاڙ به هنئي ته اسان ٽن پارٽين سان نه ڳالهائينداسين ۽ رڳو اسٽبلشيمنٽ سان ڳالهائينداسين، پر انهن ئي اسٽبلشمنيٽ وارن وري ڀت سان منهن هين ته اسان ڪنهن اهڙي ماڻهو سان نه ڳالهائينداسين جيڪي 9 مئي جي واقعن ۾ شامل هيا ته هاڻي پي ٽي آءِ جي ڪهڙي حيثيت رهي يا ڪير هنن جي پويان لڳندو؟ ان ڪري ته هنن کي سياست نه ٿي اچي اهي جڏهن عسڪري ادارن کان نفرت ٿا ڪن ته انهن جي ڪلهن تي چڙهي 2018ع جي اليڪشن ڇو آيا ۽ هاڻي جڏهن 9 مئي جي واقعن ۾ ڦاٿا آهن ته هاڻي ڇا ڪن؟ ساڍا ٽي سال هنن رڳو سياسي دشمني هلائي ۽ ڪجهھ ثابت نه ڪري سگهيا ته هاڻي پاڻ کي به سچو ثابت ڪيئن ڪري سگهندا. 9 مئي ته پنهنجو سال پورو ڪري چڪي پر پي ٽي آءِ اڃان به ڏچي ۾ اچي وئي ۽ جيڪي هيلا وسيلا هلي پئي سگهين اهي نه هلائي سگهيا. ممڪن آهي ته شهباز سرڪار هلي وڃي يا مدو پورو نه ڪري پر پي ٽي آءِ جي اچڻ جا امڪان نه ٿا لڳن، ڇو ته هنن کي سياسي گُرَ نه ٿا اچن. ساڍا چار هزار گرفتار ماڻهن مان پي ٽي آءِ اڃان آجي ناهي ٿي جيڪي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث هيا جنهن ۾ هنن جا اهم اڳواڻ به شامل آهن، جيڪي 9 مئي جا پاڻ مُک هيا، جن جون آڊيو ۽ وڊيو ڪلپس اڃان تائين رڪارڊ تي موجود آهن، هاڻي انهن رڪارڊ ڪيل آڊيو ڪلپس تي ڪهڙو ڪوڙ هڻي سگهندا، ان ڪري ڪو هيلو بهانو به نه هلي سگهندن، ڇو جو هيل هي ٻه ٽنگا ڦاٿا آهن ۽ جان نه ڇڏائي سگهندا، پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جا اهي وڊيوز به محفوظ پيا آهن جن ۾ هن شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي هئي، پر هاڻي انهن سڀني شين مان جان ڪيئن ڇڏائي سگهندا.

عمران خان جي سياست ۾ رڳو سول نافرماني لکيل آهي. هيل تائين هنن جيڪا به سياست ڪئي آهي اها رڳو ڪنٽينرن تي بيهي بل ڦاڙڻ آهي، جيڪا انتهائي آسان هئي. پر اصل سچي ۽ کري سياست ڪرڻ پي ٽي آءِ جي وس جي ڳالھه  ناهي. مثال کڻي مڃون به ته هي سچا آهن، جن ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي پر رياست جي بغاوت جي ڪيسن ۾ اندر ئي هوندا، ڇو جو فوج سان بغاوت معني پنهنجي سياست جو انت. نون ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وارا ڀلي ڪرپٽ به هجن پر اهي ڪڏهن فوج جي خلاف يا رياست جي خلاف بغاوت نه ٿا ڪن، اهي مهل جي سياست ڪري ڄاڻن، ۽ ڪري ويندا. فوج، اسٽبلشمينٽ، ادارا، ايوان ۽ سڀ جا سڀ سياستدان ان ڳالھه  تي بيٺا آهن ته پي ٽي آءِ وارن جيڪي به بغاوت ڪئي، اها رڳو توشاخانا، فارين فنڊنگ، عدت ۾ نڪاح، القادر يونيورسٽي جي 190 ملين پائونڊن کي لڪائڻ جي لاءِ ڪئي ته جيئن رياست ان ڳالھه  تان هٽي وڃي، پر ڪنهن به سڌريل ۽ ايماندرا سياستدان جو اهو شيوو هوندو آهي ته هو پنهنجي واري جو انتظار ڪري، مثال 2 ڊسمبر 1988 تي بينظير جي حڪومت آئي ۽ وري 6 آگسٽ 1990 تي پيپلزپارٽي جي حڪومت هلي وئي پر هنن ڪڏهن به سول نافرماني نه ڪئي نه ئي هن اسٽبلشمينٽ جي خلاف ڪا مهم هلائي، توڻي جو نوازشريف جي سرڪار ايندي ئي پيپلزپارٽيءَ تي ڪرپشن جا ڪيس هليا، وري 6 نومبر 1990 تي نوازشريف حڪومت ۾ آيو پر اهو به 18 جولاءِ 1993 تي ڪرسي تان لاٿو ويو، پر انهن به ڪا اهڙي حرڪت نه ڪئي (سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو هين پر ڳالھه  ٺري وئي هئي) وري بي بي جي حڪومت آئي وري ائين ئي سلسلا هلندا رهيا پر هنن پي ٽي آءِ وارن ته حد ڪئي جو هنن ويڙھ واري سياست ڪئي جيڪا روا ناهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.