ڇا موتمار گرمي ۾ حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏئي نٿي سگھي؟

سنڌ ۾ گرمي جي سخت لھر جاري آھي، جيڪا موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب وڌيڪ ڪيترن ئي ڏينھن تائين برقرار رھندي. گرمي جي سخت ۽ خطرناڪ صورتحال دوران به سنڌ سرڪار ۽ ضلعي   انتظاميه جو غير ذميداراڻو ۽ لاپرواھي وارو ڪردار نه رڳو افسوس پر نندڻ جوڳو به آھي، ڇو ته سخت گرمي ۾ امتحاني سينٽرن تي ڪٿي به ٿڌي پاڻي جو بندوبست ناھي ڪيو ويو، جنھن سبب سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڪيترن ئي شاگردن جي بيھوش ٿيڻ جون خبرون رپورٽ پڻ رپورٽ ٿيون آھن. خدشو آھي ته ان سخت گرمي ۾ قيمتي انساني جانين جو نقصان ٿي سگھي ٿو، ان امڪاني سانحي کان بچڻ جي لاءِ ضروري آھي ته سنڌ ۾ شاگردن کان امتحان ٿڌي موسم ۾ ئي ورتا وڃن.

سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه کي شھرن ۾ ٿڌي پاڻي جون سبيلون لڳائي عوام کي رليف ڏيڻ گھرجي ھا پر ايئن ڪٿي به ٿيندي ڏسڻ ۾ ناھي آيو جڏھن ته ڪن ھنڌن تي سماجي ۽ سياسي پارٽين پاران سبيل جون ڪئمپون لڳايون ويون آھن، سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪو ڪم عام ماڻھو ۽ سياسي تنظيمون ڪري سگھن ٿيون ته پوءِ اھو معمولي ڪم حڪومت ڇو نٿي ڪري سگهي؟

جيتوڻيڪ واپڊا وفاقي ادارو آھي، پر سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جي معاملي متعلق بجلي فراھم ڪندڙ ڪمپنين ۽ واپڊا کان سنڌ حڪومت نه ڪو پڇاڻو ڪيو آھي ۽ نه ئي احتجاج ! جڏھن ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور ڪجھه ڏھاڙا اڳ ھڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ ڳالھائيندي چيو ھو ته ڪي پي ڪي ۾ بجلي جي غير ضروري ۽ ڊگھي اکٻوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪڏھن خيبر پختوخواھه صوبي جو  ڪو به شھري بجلي جو بل ادا ڪرڻ کان قاصر آھي ته ان جي گھر جي بجلي نه ڪاٽي وڃي ۽ ان جو بل ڪي پي ڪي حڪومت ادا ڪندي.

سنڌ ۾ جنھن وقت گرمي وڌڻ لڳندي آھي ته بجلي بند ڪئي ويندي ۽ جڏھن گرمي جو زور گھٽجڻ لڳندو آھي ته بجلي بحال ڪئي وڃي ٿي، جنھن سبب اسپتالن ۾ مريض ۽ گھرن ۾ ماڻھو گرمي ۾ تڙپندا رھندا آهن، کين گرمي کان بچڻ لاءِ برف به نٿي ملي ڇاڪاڻ ته منافعي خور برف جو ھٿرادو بحران پيدا ڪري ان کي بليڪ تي وڪرو ڪرڻ لڳا آهن.

موسمياتي تبديلي انساني زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي رھي آھي، ان لاءِ ضروري آھي ته ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضو ڇڏائي ٻيلن کي ٻيھر آباد ڪري موسمن کي پاڻ تي مھربان ڪري سگھجي ٿو، جنھن ڊپ کان ٻيلا وڍائي اربين رپين جو ڪاٺ وڪرو ڪيو ويو ھو، ٻيلا نه ھجڻ جي باوجود به انھن ڌاڙيلن جو ڏھڪاءُ اڄ به ساڳيو ئي برقرار آھي، سو ڌاڙيلن وارو بھانو به وائکو ٿي چڪو آھي۔ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بنا ڪنهن ديرجي ٻيلا ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي.

پوليس جي ڪارڪردگي ۽ غير محفوظ بڻجي ويل سنڌ

سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي نهايت ئي مايوس ڪندڙ آهي، جو هتي امن و امان قائم ٿيڻ جي بدران ڏينهون ڏينهن بدامني وڌي رهي آهي. اڳ ۾ اسان ڏسندا هئاسين ته حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪرڻ جي خاطر دهشتگردي ۾ ملوث جماعتن سان ٺاهه ڪري پنهنجو وقت پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جا وڏا شهر دهشتگردن، رھزنن ۽ ڀتي خورن جي رحم و ڪرم تي هوندا هئا، جيڪي جڏهن چاهين ماڻھن جو بي رحماڻو قتلام ڪرڻ سان گڏ شهرن کي بند ڪرائڻ ، لٽي ڦري ۽ بازارون ئي ساڙي ڇڏيندا هئا.

هاڻ اهڙي طرح وري سنڌ جا پوليس آفيسر ڪري رهيا آهن، جيڪي ڌاڙيلن خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ جي بدران سکڻا بيان يا نام نهاد آپريشن ڪري پنهنجو وقت گذاري ڪنهن ٻئي هنڌ بدلي ٿي ويندا آهن. سنڌ ۾ جيڪي به قتل، اغوا يا ڦرلٽ جون وارداتون ٿين ٿيون انهن کان قانون لاڳو ادارا ڪندڙ بي خبر هجن، ايئن ٿي ئي نٿو سگهي. جيڪڏهن ادارا واقعي ئي بي خبر آهن ته انهن جي ڪارڪردگي تي ڪيئي سوال اٿاري سگهجن ٿا. تازو ئي سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو ڪلپ وائرل ٿيو آهي، جنهن ۾ ڌاڙيل ڏيڍ مهينو اڳ ڪشمور شهر مان اغوا ٿيل پورھيت نوجوان علي داد ڪلوڙ  کي زنجيرن سان جڪڙي مٿس بي رحماڻو تشدد ڪري رهيا آهن.

ان کان اڳ به ان قسم جون ڪيئي مغوين  جون ويڊيوز سڄي دنيا سوشل ميڊيا تي ڏسي چڪي آهي، مغوين ۾ معصوم ٻارڙا به شامل آهي. انهن ويڊيوز ۾ اوهان ڏٺو هوندو ته ڌاڙيلن جي تشدد دوران اڪثر ماڻهو پنهنجي وارثن سان گڏ ايس ايس پي کي پڻ اپيل ڪندا آهن ته اسان کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي. آخر انهن کان ايئن ڇو چوايو ويندو آهي ڌاڙيل مغوين کي مڪمل ريهرسل ڪرائڻ ۽ کين سمجهائڻ کان پوءِ ئي انهن جون ويڊيوز رڪارڊ ڪرائي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندا آهن ته جيئن پوليس جي دٻاءُ پوي.

ويڊيوز وائرل ٿيڻ کان پوءِ پوليس ڌاڙيلن جي دٻاءُ ۾ اچي ويندي آهي ۽ ڌاڙيلن کي ڏوهن ۾ ڇوٽ ڏيڻ سان گڏ انهن جا گرفتار ڪيل مائٽن يا سهولتڪارن کي آزاد ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انهن سان ڊيل ڪري مغوين کي بازياب پڻ ڪرائي وٺندي آهي.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڏوهارين جي ان قسم جي بليڪ ميلنگ کان بچڻ لاءِ سنڌ پوليس ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي آهي؟ جيستائين پوليس پاڻ کي ڌاڙيلن جي بليڪ ميلنگ کان آزاد نه ڪرائيندي تيستائين سنڌ ۾ امن جو قيام ممڪن ئي ناهي ۽ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي سوين سوال اٿندا رهندا.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.