فرج جو ٿڌو پاڻي نقصانڪار هوندو آهي، تنهن ڪري ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته فرج جي پاڻي ۾ سادو پاڻي ملائي پيئندا ته کين ڪو نقصان نه ٿيندو پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اهو به نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو؟
اچو ته ڄاڻون اهو پاڻي ڪيئن نقصانڪار آهي.
ماهرن موجب هڌو پاڻي هضم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي، جڏهن ته گرم پاڻي تڪڙي هضم ٿي ويندو آهي، گرم پاڻي ۾ بيڪٽيريا جيئرا ناهن رهي سگهندا پر ٿڌو پاڻي گدلو ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري ٻنهي کي ملائي پيئڻ سان پاڻي جا بيڪٽيريا پيٽ ۾ هليا ويندا آهن.
توڙي جو ماڻهو مسئلن کان بچڻ لاءِ ٿڌي پاڻي ۾ سادو پاڻي ملائي پيئندا آهن پر اهو به نقصانڪار آهي ۽ ان سان بدهاضمي ٿي سگهي ٿي.
ٿڌو پاڻي پيئڻ سان پيٽ ڦوڪجي ويندو آهي ۽ غذائي جزا هضم ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي، تنهن ڪري ماهر تجويز ڪندا آهن ته سدائين هلڪو گرم يا وري سادو پاڻي پيئڻ بهتر آهي.
ڇا توهان به ٿڌي پاڻي ۾ سادو پاڻي ملائي پيئندا آهيو؟ ائين ڪرڻ کان اڳ هيءَ خبر ضرور پڙهو
You might also like