اڄڪلهه امن امان جي بگڙيل حالتن سبب ماڻهو ڪيش بدران اي ٽي ايم ڪارڊ استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي ڪٿان به مشين مان رقم ڪڍي وٺندا آهن.
پر ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو ڪارڊ وجهڻ کانپوءِ جڏهن واهپيدارن رقم ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ٽيڪنيڪي خرابي يا نيٽ ورڪ جي مسئلي سبب رقم مشين ۾ ڦاسي پوندي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو پريشان ٿي ويندا آهن ۽ کين خدشو هوندو آهي ته سندن رقم ضايع نه ٿي وڃي پر گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، ڪجهه آسان قدمن سان توهان پنهنجا پيسا محفوظ رکي سگهو ٿا.
جيڪڏهن ٽيڪنيڪي خرابي سبب رقم مشين ۾ ڦاسي پئي ته ڪجهه منٽ انتظار ڪيو، ڇو ته سرور درست ٿيندي ئي رقم ڪڍي سگهجي ٿي، اڪثر اهو مسئلو 10 کان 15 منٽن ۾ حل ٿي ويندو آهي.
جيڪڏهن پوءِ به رقم نٿي نڪري ۽ اڪائونٽ مان ڪٽوتي ظاهر ٿئي ٿي ته ٽرانزيڪشن سلپ محفوظ رکو، ڇو ته اها شڪايت داخل ڪرائڻ ۾ بنيادي ثبوت جو ڪم ڪندي آهي، ان کانپوءِ لاڳاپيل بينڪ جي ڪسٽمر ڪيئر سان رابطو ڪيو يا ويجهي برانچ وڃي شڪايت داخل ڪرايو.
عام طور تي بينڪ انتظاميا 24 ڪلاڪن اندر رقم پاڻ ئي واپس واهپيدار جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪري ڇڏيندي آهي پر جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته لکت درخواست ذريعي شڪايت داخل ڪرايو، بينڪ ان معاملي جي ٽيڪنيڪي جاچ کانپوءِ عام طور تي 7 ڏينهن اندر رقم واپس ڪري ڇڏيندي آهي.
You might also like