پوليس اهلڪار ڏوهارين جا مددگار هجن ته ڇا بچيو!

ساجد علي تنيو

  ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ مقرر ڪيل پوليس جڏهن پاڻ ڏوهارين سان گڏجي وڃي ته پوءِ شهر جو امن ڪيئن بحال ٿي سگهي؟ لاڙڪاڻي ۾ ڏوهن، چوري، ڦر، منشيات ۽ جوا جا واقعا وڌي چڪا آهن، پر پوليس جي ڪمزوري ۽ لاتعلق سبب ڏوهاري کلي عام سرگرم آهن۔ انڪشاف تڏهن سامهون آيو، جڏهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو پاران ٽي پوليس اهلڪار اي ايس آءِ حاڪم علي شيخ، ذوالفقار مگھڻار ۽ امان الله سنائي خلاف پاٿاريداري ۽ ڏوهارين سان لاڳاپن جا ڪيس داخل ڪرايا ويا۔ انهن تي الزام آهي ته اهي باقائده ڏوهارين کان رشوت وٺي، منشيات ۽ چوري جي ڪمن ۾ سهائتا ڪندا هئا۔مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي ٿاڻن ۾ ساڳي صورتحال برقرار آهي، جتي ڪجهه اهلڪار ڏوهارين کي تحفظ ڏين ٿا ۽ شڪايت ڪندڙن کي ئي پريشان ڪن ٿا۔ ”جڏهن وردي وارا پاڻ ڏوهن جا ساٿي هجن ته پوءِ انصاف ڪير ڏيندو؟“

قانوني ماهرن ۽ سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو جو قدم همت افزا آهي، پر اهو رڳو شروعات آهي۔ جيڪڏهن پوليس اندر کان صفائي نه ڪئي وئي ته ڏوهن تي ڪنٽرول ممڪن نه ٿيندو۔ ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته لاڙڪاڻي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين جو لاڳاپو ڪيترن سالن کان هلندڙ مسئلو آهي، جنهن کي سياسي سرپرستي به حاصل رهي آهي۔لاڙڪاڻي جا رهاڪو هر روز نون ڏوهن جا شڪار ٿين ٿا۔ راتيون خوف ۾ گذرڻ لڳيون آهن، جڏهن ته ڏينهن ۾ به محفوظ هجڻ جو احساس ختم ٿي چڪو آهي۔ ”اسان پوليس کان بچاءُ چاهيون ٿا، پر اڄ پوليس کان ئي ڊڄون ٿا،“ هڪ واپاري جو چوڻ آهي۔لاڙڪاڻي ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول جو نعرو تڏهن ئي حقيقت بڻجي سگهي ٿو، جڏهن پوليس مان ڪرپشن، لاپرواهي ۽ ڏوهارين سان لاڳاپا مڪمل طور ختم ڪيا وڃن۔ ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي ڪارروائي اميد جو ڪرڻو ضرور آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا هيءَ روشني پکڙجي يا وري اونداهه ۾ گم ٿي ويندي؟

ھوڏانھن مارڪيٽ ٿاڻي ۾ ڏوهارين جو راڄ! پوليس منٿلي تي، عوام بي وس  ايس ايڇ او خلاف آواز اڀري ويو، سنڌ جي اهم ۽ مصروف شهر لاڙڪاڻي ۾ بدامني پنهنجي انتها تي پهچي وئي آهي۔ شهر جي دل مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ چوريون، ڦرون، منشيات ۽ ڏوهن جا واقعا ايتري تيزي سان وڌي ويا آهن، جو ماڻهو پنهنجا دڪان ۽ گهر بچائڻ لاءِ پاڻ چوڪيدار بڻجي ويا آهن، پر پوليس پنهنجو فرض وساري ويٺي آهي۔ شهر جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڏوهارين سان ڳٺ جوڙ ۾ ملوث آهي، جيڪو هر علائقي مان باقائده منٿلي وصول ڪري ٿو، جڏهن ته ڏوهارين کي کلي عام تحفظ فراهم ڪري ٿو۔ نتيجي ۾ ڏوهاري آزاديءَ سان ڦرون ۽ چورين جو جشن ملهائين ٿا، ۽ پوليس ڄڻ انهن جي سرپرست بڻيل آهي۔مقامي واپارين ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ٿاڻي جي حدن ۾ روزانو موٽر سائيڪلون چورايون وڃن ٿيون، دڪانن مان سامان چوري ٿئي ٿو، پر پوليس ڪارروائي ڪرڻ بدران متاثرن کي ئي پريشان ڪري ٿي۔ “اسين پوليس وٽ مدد لاءِ وڃون ٿا، پر اُهي اسان کان ئي منٿلي گهرن ٿا، لاڙڪاڻي جي پوليس ۾ ڪجهه اهلڪار ڏوهارين سان سڌي رشوتي لاڳاپي ۾ آهن، جنهن سبب شهر ۾ قانون جي حڪمراني ختم ٿي وئي آهي۔ مارڪيٽ ٿاڻي جا ڪجهه اهلڪار منشيات فروش، جوا خانن ۽ چورن سان گڏجي مهينا وٺن ٿا، ۽ انهن کي اڳواٽ اطلاع ڏئي بچائن ٿا۔اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي شڪايتن باوجود ڪنهن به ڏوهاري کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي۔

ڪجهه سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو واقعي ۾ ايماندار آهي ته مارڪيٽ ٿاڻي جي اهلڪارن خلاف شفاف جاچ ۽ سخت ڪارروائي ڪري۔شهر جا واپاري، صحافي ۽ سماجي حلقا سخت پريشانيءَ ۾ آهن۔ اسان کي پوليس کان بچاءُ گهرجي، پر پوليس پاڻ ڏوهارين سان گڏ آهي، هڪ ڪاروباري اڳواڻ جو چوڻ آهي۔ ڪيترن ئي شهرين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته هو احتجاجي تحريڪ هلائيندا لاڙڪاڻي ۾ امن امان جي صورتحال ان وقت سنجيده رخ اختيار ڪري چڪي آهي، جڏھن پوليس پاڻ ”چورن جي چوڪيدار“ بڻجي وئي آهي۔ ايس ايڇ او جهڙن اهلڪارن خلاف مثال بڻائيندڙ قدم کڻڻ ئي شهر جي بچاءُ جو آخري رستو آهي۔ جيڪڏهن پوليس جي منٿلي سسٽم ۽ ڏوهارين سان لاڳاپا ختم نه ٿيا، ته لاڙڪاڻو ايندڙ ڏينهن ۾ پوليس ڪرپشن زون جي نالي سان سڃاتو ويندو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.