آئيني حدن جو قضيو ۽ سنگين بحران ڏانھن ويندڙ ادارا

تحرير: سيد مجاھد علي

ملڪ ۾ آئين جي بالادستي جو معاملو هڪ سنگين بحث جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، پر ڏسجي ٿو تھ  ان نعري کي سياسي ايجنڊا طور استعمال ڪيو پيو وڃي. ٻين لفظن ۾ آئين کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ لاءِ ڪو به سياسي اتفاق نظر نٿو اچي، بلڪھ اقتدار کان محروم پارٽيون پنهنجي محروميءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ آئين جي تحفظ جي ڳالهه ڪري رهيون آهن.

پاڪستان ۾ جيڪو پارلياماني نظام حڪومت  آھي ان ۾آئين موجب پارليامينٽ بالادست آهي. ايوان ۾ اڪثريت رکندڙ پارٽين يا اتحادين کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ جنهن کي ايوان جو ليڊر چونڊيو ويندو آهي ان کي وزيراعظم سمجهيو ويندو آهي. چونڊجڻ باوجود وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا هر معاملي تي پارليامينٽ آڏو جوابده ھوندي آهي. سڀني اهم فيصلن جي منظوري به پارليامينٽ کان ورتي ويندي آھي.تنھنڪري سمورين حڪمران پارٽين کي پارليامينٽ ۾ موجود ٻين سڀني ميمبرن کي بھ عوام جا نمائندا  سمجھڻ گھرجي.

پاڪستان ۾ ڏٺو ويو آهي ته چونڊيل گروپ اپوزيشن جي چوڻ تي ڌيان نه ٿا ڏين ۽ اپوزيشن به حڪومت جو ساٿ ڏيڻ بدران حڪمران پارٽين لاءِ رنڊڪ وجھڻ ۽ روڪڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪري ٿي. سياسي پارٽين وچ ۾ بي اعتمادي سبب هن وقت اھا صورتحال سنگين ٿي چڪي آهي. حڪومت مخالف ڌر جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪندي آئين جي حفاظت جو نعرو هڻي رهي آهي ۽ مخالف ڌر مسلسل آئين کي خطري جي ڳالهه ڪري رهي آهي.

 

تحريڪ انصاف جي دور ۾صورتحال وڌيڪ خراب ھئي ڇاڪاڻ ته عمران خان جي سياسي نعري موجب اپوزيشن جون سموريون پارٽيون ڪرپٽ ماڻهن تي مشتمل هيون جن سان ڪنهن به قسم جي مفاهمت يا ڳالهه ٻولهه ممڪن نھ ھو، اهو طريقو آئيني تقاضائن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙيءَ برابر هو پر جيستائين تحريڪ انصاف جي حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هئي، مخالف ڌر کي گوڙ مچائڻ ۽ الزام هڻڻ کان سواءِ سياسي معاملن ۾ حصو وٺڻ جو موقعو ئي نه ڏنو ويو. ان تڪرار سبب اپريل 2022ع ۾ عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ منظور ٿي. اسٽيبلشمينٽ عمران خان کان پاڻ کي پري ڪري وئي، ان ڪري مخالف پارٽين عمليت پسندي جي نالي تي اقتدار سنڀالڻ غلط نه سمجهيو ۽ ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي.

اندازو ھو ته چونڊن کانپوءِ اها صورتحال تبديل ٿي ويندي ۽ عوام جا چونڊيل نمائندا ملڪ کي معاشي ۽ سياسي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ هڪ موثر ۽ مضبوط حڪومت ٺاهي سگهندا. پر چونڊن ۾ ڪنهن به پارٽيءَ کي واضح اڪثريت نه ملي ۽ تحريڪ انصاف چونڊن کي ڌانڌلي قرار ڏيندي مسلسل احتجاج ڪيو. جنھن سان حڪومت جي اعتماد سان گڏ ان جو اختيار بھ گھٽجي ويو. فيصلن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي برتري نظر آئي ۽ اقتدار کان محروم پارٽين کي هاڻي آئين سخت خطري ۾  نظر اچي رھيو آھي. جيتوڻيڪ گذريل حڪومتن ۾ به لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال هئي، پر هن ڀيري اقتدار جي تبديلي ۽ پارٽين جي اقتدار کان ٻاهر ٿيڻ سبب وڌيڪ پريشان ڪندڙ صورتحال آهي.

 

 

ان مسئلي مان نڪرڻ جو هڪ طريقو سياسي پارٽين ۾ تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ڪو فارمولو ٿي سگھي ٿو. پر اهو ممڪن نه ٿي سگھيو. عمران خان  ذاتي مقبوليت ڪري سياسي مفاهمت کي ”ڪرپٽن“ سان هٿ ملائڻ قرار ڏئي رهيو آهي ۽ اقتدار تي پنهنجي پارٽي جي دعويٰ کي تسليم ڪرڻ لاءِ فوج کان مدد گهري رهيو آهي. پر 9 مئي جي واقعن سبب تحريڪ انصاف ۽ فوج ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب تازو  فوج جي ترجمان ’معذرت‘ جي شرط تي تحريڪ انصاف سان رابطو ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو، پر عمران خان ان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چيو تھ ھو مقبول اڳواڻ آھي ان ڪري پنهنجي شرطن تي ڳالهائيندو، فوج ان دعويٰ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

 

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سياسي اڳواڻ فوج جي مدد سان مخالفن کي شڪست ڏيندا رهيا آهن ۽ جيڪڏهن موقعو نھ  مليو ته هو گڏجي سياسي پليٽ فارم کي مضبوط ڪندا رهيا آهن. عمران خان پنهنجي شرطن تي فوج سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو. حالتن مان اندازو ٿئي ٿو تھ ھو  فوج کي شهباز شريف کي هٽائڻ ۽ عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ جو مطالبو ڪري رهيو آھي.  تحريڪ انصاف جا ڪجهه سادڙا اڳواڻ به سمجھن ٿا تھ عمران خان جيل کان سڌو وزيراعظم ٿي، اقتدار سنڀاليندو.

جيستائين کڙتيل نڪري تيستائين تحريڪ انصاف کي ملڪي  آئين  خطري ۾ نظر ايندو رھندو. اهو هڪ سياسي نعرو آهي جنهن ۾ ننڍين پارٽين هڪ متوقع سياسي ”بونس“ لاءِ تحريڪ انصاف سان گڏ هلڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ آئين جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ جي نالي سان هڪ اتحاد به ٺاهيو ويو آهي. پر ملڪ ۾ نه ته آئين معطل آهي ۽ نه ئي حڪومت ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري آھي. پر سياسي آزادين، اڳواڻن ۽ راءِ جي اظهار تي پابندين جي غير جمهوري حڪمت عملي ذريعي آئين جو ضرور مذاق اڏايو پيو وڃي. تحريڪ انصاف عدالتن کان رليف حاصل ڪري سگهي ٿي ۽ ڪيترائي ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ کڻي بھ وئي آهي، پر عمران خان جي شدت پسندي بيانيئي ۾ رڳو اهي جج آزاديءَ سان فيصلا ڪري سگهن ٿا، جيڪي تحريڪ انصاف  يا عمران خان جي درخواست کي قبول ڪين، ان روش عدالتن ۾ به بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

 

جيتوڻيڪ هن بحران کي عدالتي آزاديءَ جو نالو ڏنو پيو وڃي پر ان ۾ پڻ سياسي رنگ نمايان آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط سان معاملو وڌيڪ سنگين ٿي ويو آھي، ڇاڪاڻ ته اهي ان جي جاچ جي طريقي تي اتفاق نه ٿي سگھيو،سپريم ڪورٽ ان تي پاڻمرادو نوٽيس ذريعي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي پر اها اڃا تائين منطقي انجام تي نه پهتي آهي. بهرحال، اهو به واضح آهي ته سپريم ڪورٽ کي ڪنهن به فوجداري ڪيس جي جاچ ڪرڻ جو سڌو سنئون اختيار ناهي ۽ ملڪ جي اپوزيشن حڪومت طرفان نامزد ڪيل ڪنهن به ڪميشن کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي.

ان کان علاوه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڪجهه ججن گم ٿيل ماڻهن جي ڪجهه ڪيسن ۾ سخت ريمارڪس ڏنا. انهن کي رد ڪندي وفاقي وزيرن جي بيانن ان تاثر کي سگھھ ڏني آهي ته سياسي پارٽين کان علاوه عدالتون به آئين جي بالادستي واري سياسي بحث ۾ پارٽي بڻجي رهيون آهن. اهڙيءَ طرح ان معاملي جي سنگينيت ۾ اضافو نوٽ ڪيو پيو وڃي.

 

سينيٽر فيصل واوڊا عدليه تي پريس ڪانفرنس ڪندي پڳڙين کي فوٽ بال ۾ تبديل ڪرڻ جهڙو اعتراض جوڳو جملو چيو ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله کيس پراڪسيز ذريعي ڌمڪائڻ جو عمل قرار ڏنو.  سپريم ڪورٽ  فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال کي به توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي طرف فيصل واوڊا جسٽس اطهر من الله خلاف سينيٽ ۾ استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

اهڙيءَ طرح آئين جي بالادستي، عدالتن جي آزادي ۽ قانون موجب ڪم ڪرڻ جو منظم طريقو سياسي، پارلياماني ۽ عدالتي فورمن تي بحث هيٺ اچي ٿو. آئين جي بالادستي تي اتفاق ڪرڻ کان پوءِ، هن بحث ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني ڌرين آئين جي پنهنجي من پسند تشريح پيش ڪئي. جيئن ته عدليه به ان بحث جو حصو بڻجي چڪي آهي، تنهن ڪري اها اميد نٿي رکي سگهجي ته في الحال عدالت جو ڪو به فيصلو حتمي طور قبول ڪيو ويندو. اهڙي صورت ۾ آئين جي بالادستي جو احترام ڪيو وڃي اهو معاملو آئيني حد بندي واري مسئلي ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي اهم سوال اهو آهي ته ڇا هر ادارو پنهنجي حقن تي اصرار ڪندڙ ٻين ادارن جي دائري جو احترام ڪرڻ لاءِ تيار هوندو؟ ان تڪرار ۾ هاڻي نه رڳو فوج پارٽي آهي پر پارليامينٽ، سياسي پارٽيون ۽ عدليه به ان تڪرار ۾ شريڪ ٿي چڪا آهن.

اهڙي صورتحال ۾ هڪ ٻئي جي ڳالهه کي ٻڌڻ ۽ هڪ ٻئي کي ٿوري عزت ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. خاص ڪري عدليه کي تڪراري بڻائڻ سان ملڪ جي آئيني ڍانچي جي وکرڻ ۾ گهڻو وقت نه لڳندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.