اظهار جي آزادي تي پابندي ڇو؟

تحرير: حبيب ٽالاڻي

ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين اسان جي ملڪ ۾ هميشه واڳ ڌڻين جي اها ڪوشش رهي آهي ته ملڪي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪري پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق هلايو وڃي ان جواهم سبب اهو رهيو آهي ته اسان جي هن ملڪ ۾ ميڊيا عوام سان ٿيندڙ ناانصافين توڙي ظلم خلاف هميشه اول دستي جو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي پوءِ اهو اسان جي ملڪ ۾ مارشلائن واروڪارو دور هجي يا وري جمهوريت جي شڪل ۾ بادشاهت وارا دورهجن اسان جي ميڊيا هميشه اسان کي عوام ۽ جمهوريت جي پاسي بيٺي نظر آئي ميڊيا جي ان ئي ڪردار جي ڪري عوام کي ميڊيا مٿان اڄ به ڀرپوراعتماد آهي ان جو ثبوت اهو آهي ته اڄ جيڪڏهن ڪنهن غريب جو سان ظلم ٿيندو آهي ته انصاف نه ملڻ جي صورت ۾ انهن وٽ هڪڙو رستو وڃي بچي ٿو سو آهي ميڊيا عام ماڻهو ميڊيا کي پنهنجو هٿيار بڻائي پنهنجي آوازکي ڏيهان ڏيهه پڄائي انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ قانوني جنگ وڙهندو آهي ميڊيا جتي عام ماڻهو کي انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ هميشه پنهنجو ڪرادار ادا ڪندي رهي آهي اتي ميڊيا وقت جي حڪمرانن پاران ٿيندڙعوام دشمن فيصلن توڙي قانون سازي جي منفي ۽ مثبت اثرن بابت پڻ آگاهي ڏيڻ واري پنهنجي ذميواري بهتر نموني ادا ڪئي آهي پوءِ اهو ضيا جو مارشلا وارو ڪارو دور هجي يا وري مشرف وارو دورهجي ميڊيا هميشه حق سچ ۽ جمهوريت جي پاسي بيٺي نظر آئي جنهن جي قيمت پڻ ميڊيا کي ادا ڪرڻي پئي ڪڏهن بهادر صحافين جي شهادت جي شڪل ۾ ته ڪڏهن بندشن ۽ سختين جي شڪل ۾ ته ڪڏهن صحافين جو زندانن ۾ قيد ٿيڻ جي شڪل ۾.حڪمرانن پاران هميشه عوام تائين وقت سر ڄاڻ توڙي حقيقت کي پڄائڻ جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ صحافت جي قلم کي قيد ڪري سچ لکڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪڏهن زبان تالا لڳائي سچ ڳالهائڻ کان روڪڻ ته ڪڏهن ڪنن ۾ ٻڙا وجهي سچ نه ٻڌڻ ۽ وري ڪڏهن صحافت جي اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ظلم جبر ڏاڍ ۽ ناانصافي تي صحافت جون اکيون بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسانجي ملڪي ميڊيا ڪڏهن به آمرن توڙي جمهوري لباس پاتل بادشاهن اڳيان جهڪي عوامي مفادن توڙي جمهوريت پسندي کان هٿ ناهين کنئي ۽ هميشه پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي رهي آهي جيڪو ڪردار لک مشڪلاتن ۽ سختين باوجو اڄ به جاري آهي شهيد جان محمد مهر سميت ڪيترن صحافين پنهني جانن جا نظرانا ڏيئي پنهنجي رت سان انڌيرن ۾ روشنيءَ جا ڏيئاٻاري صحافت جي ڳاٽ کي اوچو رکيو پر وقت جا حڪمران اڄ به ملڪي ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مختلف بهانن سان ڪارا قانون لاڳو ڪري ميڊيا جي نڙيءَ تي لت رکي سچ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

موجوده حڪومت پيمرا ذريعي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪرائي عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن بابت تجزيا ڪرڻ ٽڪر هلائڻ توڙي اهڙن ڪيسن تي ٽي ويءَ تي بحث ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي هاڻي جڏهن ڪنهن اشوءَ تي ٽي وي شوز ۾ بحث نه ڪيو ويندو ته عام ماڻهو کي خبر ڪيئن پوي ته آّخر ملڪ ۾ ٿي ڇا رهيو آهي؟۽ ڇو ٿي رهيو آهي؟ ان جا سبب ڪهڙا آهن؟ ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ ۽ عوام مٿان ان جا ڪهڙا اثر پوندا؟ جتي هڪ پاسي حڪومت عدالت ۾ زيرسمائت ڪيسن بابت ميڊيا مٿان پابندين جا ڪاراقانون مڙهيا آهن اتي پنجاب ۾ هتڪ عزت جي نالي تي ڊرامو رچائي پنجاب اسيمبليءَ مان هڪ بل پاس ڪرايو آهي ته ڪوڙين خبرن تي سزا ڏني ويندي هاڻي انهن کي سمجهائي ڪير ته بابا اهڙا قانون ته اڳ به موجود آهن ملڪي عدالتن ۾ ڪوڙين خبرن جا ڪيئي ڪيس سامهون آيا آهن جيڪڏهن ڪا خبر ڪوڙي آهي ته ڪو به شخص عدالت وڃي سگهي ٿو ان ۾ ڪا به پابندي ناهي پوءِ نوان قانون لاڳو ڪرڻ جا آخر مقصد ڪهڙا آهن؟ اصل ۾ هن وقت حڪومت ملڪي عدليا توڙي اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ڇڪتاڻ آهي اسان کي هرروز عدالتن ۾ اهڙا ڪيس هلندي نظر اچن ٿا جن ۾ حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ خلاف عدالتن ۾سخت رماڪس ايندا آهن اهڙن رماڪسن کان بچڻ يا وري عوام آڏو ظاهر نه ڪرڻ لاءِ حڪومت پيمرا مان آرڊيننس جاري ڪرائي آهي.

اصل ۾ حڪومت استعمال ٿئي پئي، ملڪ ۾ اصل جهيڙو طاقت تي آهي اسان جو طاقتور ادارو چوي ٿو ته اسان کان وڌيڪ ڪير به طاقتور ناهين اسان کي جيئن وڻي تيئن ڪيون ۽ ملڪي عدالتون آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪن ٿيون ان ويڙهه ۾ حڪومت آئين ۽ قانون پاسي بيهڻ بدران طاقتور ڌر جي پاسي بيٺي آهي حڪومتي شخصيتون جتي عدالتن مٿان ڇوهه ڇنڊن پيون اتي هاڻي انهن ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻن پيون حالانڪه هن مهل وفاق ۾ نواز ليگ جي حڪومت پيپلزپارٽي جي سهاري قائم آهي پيپلزپارٽي توڙي نوازليگ ماضيءَ ۾ اسٽيبلشمنٽ جي عتاب هيٺ رهيون آهيون انهن جي اڳواڻن جيلن جون سختيون برداشت ڪيون ڏکيا ڏينهن ڏٺا پر اهڙن حالتن مان به انهن سبق ناهين پرايو ماضيءَ ۾انهن سياسي پارٽين مٿان آيل مشڪل وقت ۾ ملڪي عوام توڙي اسان جي ملڪي ميڊيا ذاتي مفادن خاطر اسٽيبلشمنٽ سان بيهڻ بدران عوامي ۽ جمهوري مفادن کي اهميت ڏيندي هميشه جمهوريت پسند ڌرين سان گڏ بيٺي نظر آئي پر اڄ اهڙڻ ئي جمهوريت پسند پارٽين جي دور حڪومت ۾ نه رڳو ملڪي ميڊيا کي سختين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر ملڪ اندر صحافي به محفوظ ناهن.

پيپلزپارٽي جيڪا ملڪ ۾ جمهوريت جي علامت سمجهي ويندڙ پارٽي آهي الائي جي ڇو اها پيپلزپارٽي بلڪل خاموش آهي جيڪڏهن پيپلزپارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته هڪ ڏينهن اندر پيمرا جو نوٽيفڪيشن توڙي هتڪ عزت بل ماضيءَ جو حصو بڻجي وڃن هڪ پاسي ملڪ ۾ جتي عدليا توڙي اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي اتي ٻئي پاسي پي ٽي آئي ۽ اسٽيبلشمنٽ وچ ۾ پڻ ساڳئي حالت آهي اهڙي حالتن ۾ حڪومت ميڊيا خلاف ڪاروايون ڪري پنهنجي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهي آهي جيڪڏهن حڪومت ائين اسٽيبلشمنٽ کي خوش ڪرڻ لاءِ اهڙا فيصلا ڪندي رهي ته هن حڪومت لاءِ وڏا مسئلا پيدا ٿيندا ملڪ ۾ سياسي حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون.

ان ڪري حڪومت کي اظهار جي آزادي تي پابنديون لڳائڻ بدران پنهنجي ڪردار کي جمهوريت ۽ آئين پسندي طرف وٺي وڃڻ گهرجي موجودا حڪمرانن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جنهن ملڪي ميڊيا کي آمرجنرل ضياءَ توڙي مشرف جهڙا آمر جهڪائي نه سگهيا ان ميڊيا کي اوهان ڪيئن جهڪائيندو؟ بهرحال حڪومت پاران اظهار جي آزادي مٿان لڳايل پابنديون عدالتن مان رد ڪيون وينديون صحافتي تنظيمن ڪاري قانونن خلاف عدالتن ۾ قانوني ويڙهه جي شرعات ڪري ڇڏي آهي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي حڪومت کي گهرجي ته پراڪسي وار مان ٻاهر نڪري حقيقت پسندي جو مظاهرو ڪندي لاڳو ڪيل ڪارا قانون واپس وٺي صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ته حڪومت لاءِبهتر فيصلو هوندو الائي جي ڇو حڪومت هڪ ئي وقت پي ٽي آئي عدالتن ۽ ميڊيا سان ڇڪتاڻ وڌائي پنهنجي لاءِ پاڻ مشقلاتون پيدا پئي ڪري؟ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايترا محاظ هڪ وقت کولي حڪومت پنهنجي خلاف پاڻ سازش ته نه پئي ڪري؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.