فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو معاملو

آئرلينڊ، ناروي ۽ اسپين 28 مئي تي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي ردعمل  ۾ اسرائيل  آئرلينڊ ۽ ناروي مان پنهنجا سفير واپس گهرائي ورتا آھن،جڏھن تھ اسپين مان بھ پنھنجو سفير واپس گھرائڻ جو ارادو رکي ٿو.اسپين جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو نه ته "اسرائيل جي خلاف” آهي ۽ نه ئي "حماس جي حمايت ۾” آهي، پر اهو امن جي حق ۾ آهي.ان جي جواب ۾ اسرائيلي پرڏيهي وزير اسرائيل ڪاٽز چيو ته ٽنهي ملڪن جو اهو فيصلو ”مسخ ٿيل قدم“ آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”دهشتگردي توهان جي لاءِ فائديمند آهي“.

ياد رهي ته 140 ملڪ اڳ ئي گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪري چڪا آهن پر آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين ملڪن ان کي سرڪاري طور تي تسليم ناهي ڪيو.هن وقت تائين جن 140 ملڪن گڏيل قومن ۾ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪيو آهي.انھن ۾ 22- عرب ليگ جا ملڪ 57 تي ٻڌل  اسلامي تعاون  تنظيم۽ 120- نان الائنڊ موومينٽ  جا ملڪ پڻ شامل آهن.تازو آسٽريليا پڻ اشارو ڏنو آهي ته اھو ٻھ رياستي حل جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ فلسطين کي رياست طور تسليم ڪري سگھي ٿو.اسرائيل جي پرڏيهي وزير اسرائيل ڪاٽز جو چوڻ آھي تھ ھو، آئرلينڊ ۽ ناروي کي واضح پيغام ڏئي ٿو ته اسرائيل انهن ماڻهن خلاف پوئتي نه هٽندو جيڪي ان جي خودمختياري ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجھي رھيا آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ان تي خاموش نه رهندو ان جا وڌيڪ سنگين نتيجا نڪرندا.

جيڪڏهن اسپين فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو ارادو نه بدلايو ته ان خلاف به اهڙو ئي قدم کنيو ويندو،جنھن جي جواب ۾، اسپيني وزير اعظم پيڊرو سانشيز چيو ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نتن ياهو "اڃا تائين ڪن نھ ڌري  رهيو آهي. ھو  اڃا تائين بھ اسپتالن ۽ اسڪولن تي بمباري ڪري رهيو آهي ۽ عورتن ۽ ٻارن کي بک ۾ رکي سزا ڏئي رهيو آهي“.ھن اھو بھ چيو تھ ”ان جو ٻه رياستي حل خطري هيٺ آهي ڄڻ ته اهو ڪڏهن   موجود ئي نھ هو”هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ذميواري آهي ته ايڪشن وٺون جيئن اسان يوڪرين تي ڪيو ۽ ٻٽي معيار کي اختيار نھ ڪريون .

دنيا جا ڪجهه ملڪ فلسطين کي هڪ رياست تسليم نٿا ڪن ڇو ته انهن جو خيال آهي ته مسئلو اسرائيل سان ڳالهين ذريعي حل نه ٿو ٿي سگهي.لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس سان لاڳاپيل پروفيسر فواز جرجس جو چوڻ آهي ته آمريڪا اڪثر زباني چوندو آهي ته فلسطين کي هڪ رياست بڻائڻ جي ضرورت آهي پر اهو به اصرار آھي ته اسرائيل ۽ فلسطين ان بابت سڌيون ڳالهيون ڪن، جنهن جو مطلب آهي ته فلسطين جي آزادي جي اميدن تي اسرائيل کي ويٽو پاور ڏنو پيو وڃي.فلسطين ۽ اسرائيل ۾ امن ڳالهيون 1990ع ۾ شروع ٿيون ۽ آخرڪار مسئلي جو ٻه رياستي حل تجويز ڪيو ويو.

بهرحال، امن عمل 2000 جي ڏھاڪي ۾ سست ٿي ويو ۽ پوءِ 2014 ۾، اسرائيل-فلسطين ڳالهين واشنگٽن ۾ ناڪام ٿي ويون.اهي اسرائيل سان سٺا لاڳاپا رکندڙ ملڪ سمجھن ٿا ته فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ سان اسرائيل ڪاوڙ جي ويندو.اسرائيل حامي ملڪن جو چوڻ آهي ته فلسطين 1933 جي مونٽيويڊيو ڪنوينشن تي پورو نٿو لھي انڪري، ان کي رياست طور تسليم نٿو ڪري سگھجي.آئرلينڊ جي وزير اعظم سائمن هيرس موقف اختيار ڪيو آهي ته اسرائيل-فلسطين مسئلي جو ٻه رياستي حل ئي امن جو ”قابل اعتماد رستو“ آهي.سعودي عرب سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ اسرائيل جي پراڻي خواهش هئي پر 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملن اهو معاهدو روڪي ڇڏيو.

بي بي سي جي سفارتي نمائندي جيمز لينڊيل موجب دنيا جا اڪثريتي ملڪ فلسطين کي رياست جي حيثيت سان تسليم ڪري چڪا آهن. هلندڙ مهيني گڏيل قومن جي 193 مان 143 ملڪن فلسطين کي گڏيل قومن جو ميمبر بڻائڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو.ھن جو خيال آهي ته اهي ملڪ نه رڳو فلسطين جي علامتي حمايت جو اعلان ڪري رهيا آهن پر انهن جي فيصلي سان جنگبندي لاءِ شروع ڪيل سياسي عمل کي به مدد ملندي.ڪيترن ئي عرب ملڪن جو چوڻ آهي ته هو جنگبندي کانپوءِ غزه جي نگراني ڪندا ۽ ان جي تعمير ۾ مدد ڪندا، پر هو چاهين ٿا ته اولهه فلسطين کي بدلي ۾ هڪ رياست تسليم ڪيو وڃي،ان حوالي سان ناروي، آئرلينڊ ۽ اسپين جي ان فيصلي کي سفارتي قدم طور ڏسي سگهجي ٿو پر ان سان غزه جي موجوده صورتحال ۾ ڪا تبديلي نه ايندي.

گڏيل قومن ۾ فلسطين جي حيثيت غير ميمبر مبصر جي واري آھي. 2011ع ۾ فلسطين گڏيل قومن جو مستقل ميمبر ٿيڻ لاءِ ٺهراءُ کي سلامتي ڪائونسل جي حمايت ملي سگهي.انڪري فلسطين گڏيل قومن ۾ بحث  ۾ حصو وٺي سگهي ٿو، پر ووٽ ڏيڻ جي اجازت نھ آهي.2012ع ۾ گڏيل قومن فلسطين کي ’غير ميمبر مبصر رياست‘ طور قبول ڪيو  ھو،پر اسرائيل ۽ آمريڪا گڏيل قومن جي فيصلي تي تنقيد ڪئي ھئي.گڏيل قومن جي ان فيصلي کانپوءِ فلسطين کي ڪيترن ئي عالمي ادارن جو ميمبر بڻجڻ جي اجازت ڏني وئي.لنڊن ۾ اسڪول آف اوريئنٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز سان لاڳاپيل پروفيسر گلبرٽ اچڪر جو چوڻ آهي ته فلسطيني اٿارٽي کي گڏيل قومن جي مستقل رڪنيت جو ڪو به فائدو نه ٿيندو.”اها صرف هڪ علامتي فتح هوندي،”.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.