ڪشمور ضلعي مان هندن جي لڏ پلاڻ !

تحرير:غلام حسين جوڻو

گذريل ڪيترن سالن کان وٺي، سنڌ ۾ اقليتي برادرين کي تنگ ڪيو پيو وڃي. هيسايو ۽ ڊيڄاريو پيو وڃي. انهن جي نياڻين کي اغوا ڪري، زبردستي مذهب مٽرائي شاديون ڪيون پيون وڃن. هندن کي اغوا ڪري چندي وٺڻ جو سلسلو به هلندڙ آهي. هندن سان اهڙو ورتاءُ ۽ سلوڪ سڄي سنڌ ۾ ٿئي پيو. جنهن کان هر هڪ ماڻهو بخوبي واقفيت رکي ٿو. خاص ڪري سنڌ جي اتريئن علائقن ۾ ڄاڻايل طبقي لاءِ زمين تپي ٽامون بڻجي ويئي آهي. امن و امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿيندي پئي وڃي. ڌاڙيل اڳئين کان به مضبوط ٿي رهيو آهي. اهي ايتري قدر ته طاقتور ۽ سگھارا آهن جو، پوليس به ڪجهه ڪري نه ٿي سگھي. پوليس جا ڪجهه اهلڪار زخمي به ٿيا آهن. مطلب ته، حڪومت امن و امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪي آهي. ڌاڙيل، حڪومت جي پڪڙ ۾ ڪونه پيا اچن. ماڻهو ڊپ ۽ خوف ۾ ورتل آهن ماڻهن جو ڪاروهنوار متاثر ٿي رهيو آهي. حالتون انتهائي خراب ٿينديون پيون وڃن.

اهڙي اونداهه ۽ انڌوڪار واري ماحول ۾ ماڻهن لڏ پلاڻ ڪرڻ شروع ڪئي آهي. پنهنجا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي، ڪاروبارن کي بند ڪري، ملڪيتون ۽ گھر ڇڏي محفوظ ٺڪاڻن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. اباڻا ڪَکَ ڇڏڻ ڪو سولو ڪم ڪونه آهي. پر، مجبوري ۾ اهي ڇڏي رهيا آهن. خاص ڪري اقليتي برادري جيڪا ٿورائيءَ ۾ آهي. سا، لڏ پلاڻ ڪري ملڪ کي ئي ڇڏي هندوستان طرف وڃي رهي آهي. هتي انهن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن. آئون عرض ڪري آيو آهيان ته، ڌاڙيلن جي ظلم جي ڪري ڪيترائي هندو خاندان پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏي سنڌ کي خدا حافظ چئي رهيا آهن ۽ انهن مان گھڻا تڻا ته پرڏيهه وڃي رهيا آهن خاص ڪري پاڙيسري ملڪ هندوستان ڏانهن وڃڻ کي ترجيح ڏين پيا. پنهنجا سر بچائي، ٻارٻچا وٺي روئيندي، رڙيون ۽ دانهون ڪندي ملڪ جي حدن مان نڪري اسان کان هميشه جدا ٿي رهيا آهن. سندن جدائي هڪ وڏو خال پيدا ڪيو آهي. جيڪو ڀرجڻ مشڪل آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ ۾، اتر سنڌ جي علائقي ڪرم پور مان ٻه هندو ڪٽنب ڀارت لڏي ويا آهن. اجئه ڪمار بالاڻي ۽ سندس سئوٽ جتيندر ڪمار خاندان سميت واگهه بارڊر لاهور رستي ڀارت هليا ويا. ڀارت روانگيءَ وقت اجئه ڪمار بالاڻي سنڌ ڌرتي کي سجدو ڪري سنڌ سان بيحد محبت جو اظهار ڪري پوءِ ڪوچ ۾ وڃي ويٺو هو. ان وقت اهو انتهائي جذباتي ۽ ڏکوئيندڙ منظر هو ڌرتي سان محبت جو اظهار ڪرڻ جو هڪ طريقو هو. ان وقت هن صاف لفظن ۾ چيو هو ته، ڪيترائي ٻيا هندو ڪٽنب به ويزا جي انتظار ۾ ويٺا آهن. اهي به الوداع چوڻ وارا آهن. اهي نه چاهيندي به پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ٿيندا پيا وڃن. سندس اهو بيان ذهن جي اسڪرين تي ڦري رهيو هو ته، اوچتو اخبار ۾ آيو آهي ته “ڪشمور ضلعي ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ وڌندڙ بدامني سبب وڌيڪ هڪ خاندان پنهنجي ماتر ڀومي کي ڇڏي روئندو ڀارت هليو ويو. رپورٽ موجب ڪنڌ ڪوٽ شهر جي مکي پاڙي جو رهواسي ديوان ششپال داس پنهنجي ڪٽنب سوڌو پنهنجي ڌرتي ماتا کي هميشه لاءِ الوداع ڪري ڀارت هليو ويو. ان موقعي تي سندس ڪيترائي دوست ۽ عزيز کيس الوداع ڪرڻ، مين بس اڏي تائين آيا، سنڌ کي الوداع ڪرڻ مهل ديوان ششپال داس ڏکاري لهجي ۾ ميڊيا کي ڪارڻ ٻڌايو ته، علائقي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڪاروبار ٺپ ٿيڻ سبب سخت پريشان هئس. ٻار ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ويا ۽ اسان گھرن ۽ دوڪانن تي به محفوظ ناهيون ته پوءِ اهڙي جيئڻ کان لڏڻ ڀلو سمجهيو. هن وڌيڪ چيو ته، نهايت ئي درد محسوس ڪري ماتر ڀومي ڇڏي وڃان پيو.

مٿئين ڄاڻايل خاندانن کان سواءِ، اڳ ۾ به سنڌ مان ڪيترائي هندو خاندان لڏي هليا ويا آهن ۽ اڃا به ڪي لڏڻ جون تياريون ڪن پيا. اقليتي برادري جا ماڻهو اڳ ۾ ٿورڙائي ۾ آهن اهي هن ڌرتي جا وارث ۽ اصلي رهاڪو آهن. سنڌ جو اساسو آهن. سندن پنهنجي ڌرتي ڇڏي وڃڻ هڪ سٺو سنوڻ ۽ عمل ڪونه آهي. پر، هڪ وڏو داغ آهي. ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي. هو امن پسند شهري آهن. سڀئي مختلف ڪاروبارن سان واڳيل آهن. سندن ڪاروبار جي پئسي مان اسان جي معيشيت مضبوط ٿئي ٿي. معاشي استحڪام اچي ٿو جنهن سان ملڪ کي فائدو ٿئي ٿو ۽ معاشري تي هاڪاري ۽ مثبت اثر پون ٿا. اسان خوشحالي جي طرف گامزن ٿيون ٿا. ڄاڻايل طبقي جي ڪوششن سان ملڪ ترقي ڪري ٿو. نوجوانن کي روزگار ڪرڻ ڪا وجهه ۽ موقعا به ملن ٿا. جنهن مان انيڪ فائدا آهن. اقليتي برادري کي تنگ ڪرڻ سان، ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪون ۽ رڪاوٽون پئجن ٿيون.

ياد رهي ته، مون اڄ ڏينهن تائين سندن ڪوبه جهيڙو جهٽو ۽ دنگ وفساد ڪونه ٻڌو آهي. هو، اسان جي هر ڏک ۽ سک ۾ برابر جا شريڪ آهن. ڪڏهن به هنن اسان کي ڌار نه سمجهيو آهي. پوءِ، انهن سان بيجا سلوڪ ڪيو پيو وڃي. انهن کي ستايو ۽ رنجايو پيو وڃي. انهن جي راهن ۾ رنڊڪون وڌيون پيون وڃن. ان عمل جي ڪيتري به مذمت ڪجي سا بلڪل ٿوري ۽ نه هئڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن انهن کي امن وامان سان رهڻ ڏنو وڃي ته آئون يقين سان چوان ٿو ته هو ڪڏهن به ڪونه لڏيندا ۽ نه وري اهڙي سوچ به ڪندا.

آئون، پنهنجي گذريل ڪالم ۾ لکي چڪو آهيان ته، اقليتي برادريون اسان جي ديس جو سرمايو ۽ اثاثو آهن. جيڪو اسان هٿ وٺي وڃائي رهيا آهيون. انهن کي امن سان رهڻ ڏنو وڃي ۽ لڏ پلاڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي. ايئن نه ٿئي جو سندس لڏي وڃڻ کان پوءِ اسان رڳو سندن ڳالهيون ڳائيندا رهون ۽ ياد ڪندا رهون. ڇو ته اهي سنڌ جو سپوت آهن تن کي هرگز وساري نه ٿو سگھجي جنهن ڪري انهن لاءِ وڌيڪ حالتون خراب نه ڪيون وڃن. حالتن تي ضابطو آڻڻ جي اشد ضرورت آهي. مذڪوره طبقي جي هر فرد کي تحفظ ڏنو وڃي. اها حڪومت جي اولين ذميواري آهي جيڪا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گھرجي. حڪومت اها ذميواري نڀائڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي ويئي آهي. ائين ٿو محسوس ٿئي ته حڪومت نالي ڪابه شيءِ موجود ڪونه آهي. هتي ته قصو ابتو لڳو پيو آهي. اصل ڌرتي ڌڻين کي مجبور ڪري لڏرايو پيو وڃي ۽ ڌارين کي آڻي آباد ڪيو پيو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ڌارين جي آبادڪاري وڌندي رهي ٿي وڏيرا ۽ سرمائيدار ڌارين جي آبادڪاري ۾ سهولتڪار آهن سنڌ حڪومت به خاموش آهي جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته حڪومت به راضي آهي ته ڌاريا ڀلي هتي آباد ٿين. سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿين. اهو هڪ وڏو الميو ۽ ظلم آهي. سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي هڪ گهري سازش آهي. جنهن لاءِ سنڌي قوم کي خدشات ۽ تحفظات آهن. خاص ڪري قومپرست ڌرين کي سخت ڳڻتي ۽ فڪر آهي هو، ان جي خلاف احتجاج ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجو آواز بلند ڪندا رهن ٿا. پر، سندن ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونه آهي. اسان جا چونڊيل نمائندا به ان سلسلي ۾ چُپ آهن انهن مڪمل خاموشي اختيار ڪئي آهي. جيڪي چونڊيل نمائندا اسيمبلي ۾ يا سياسي جلسن ۾ وڏيون جذباتي تقريرون ڪندا آهن. انهن ڪڏهن به ان باري ۾ هڪ لفظ به ڪونه ڳالهايو آهي. هندن سان ٿيندڙ بيواجبين ۽ ظلمن جي خلاف آواز ڪونه اٿاريو آهي. هاڻ، ڏتڙيل عوام ڪنهن در تي دانهن ڏيئي، ڪٿي فرياد داخل ڪرائي. جڏهن ته ڪير به ٻڌڻ وارو داد ۽ تدارڪ ڪرڻ وارو ڪونه ٿو سجهي. جڏهن ڪو ٻڌڻ وارو نه هجي ته ان صورت ۾ ماڻهو لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيو پون ٿا. جيئن هاڻ ٿي رهيو آهي.

آخر ۾، هن مختصر ڪالم جي ذريعي وس وارين اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته، ڌاڙيلن کي مڪمل ختم ڪرڻ ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ڌاڙيلن جي سهولتڪارن ۽ پاٿاريدارن کي به سيکت ڏني وڃي. انهن کي به هرگز معاف ڪرڻ نه گھرجي پوءِ ڇو نه هو طاقتور ۽ بااثر هجن. ڪنهن به اقليتي برادري جي ماڻهو يا خاندان کي لڏي وڃڻ نه ڏنو وڃي لڏي وڃڻ کان اڳ ۾ سندس ڏک درد دور ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وڃي. مطلب ته انهن کي مڪمل طرح تحفظ فراهم ڪيو وڃي. تانته هو، پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڪيڏانهن به نه وڃن ۽ پنهنجي ڪاروبار کي برقرار رکن. ائين ڪرڻ سان اسان جي معيشيت مضبوط ٿيندي. اها حقيقت آهي ته هو سنڌ ڄاوا آهن. انهن کي سنڌ سان بيحد پيار آهي. اهڙن انسانن جو قدر ڪرڻ گھرجي. ياد رهي ته جيڪي هندو خاندان سنڌ مان لڏي ويا آهن انهن جو واپس اچڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پر، ڪو اتفاقي واپس اچي ٿو ته اها وري به خوشي جي ڳالهه آهي. باقي اچڻ وڃڻ لاءِ وڏيون دشواريون ۽ ڏکيايون ٿين ٿيون. سرحدن تي سخت پُڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ٿي ويزا جا مسئلا آهن. مطلب ته ڪيترن ئي قانوني پيچيدگين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهن ڳالهين کان بچڻ لاءِ بهتر آهي ته لڏ پلاڻ نه ڪئي وڃي. نيٺ ته امن وامان قائم ٿيندو. سدائين اهي حالتون ڪونه رهنديون. هڪ سج ٻه پاڇا ٿيندا آهن. نا اميد نه ٿيڻ گھرجي. اقليتي برادرين کي ڪوبه فيصلو تڪڙ ۽ جذبات ۾ نه ڪرڻ گھرجي تڪڙا ۽ جذباتي فيصلا هميشه ڏاڍو نقصان ڏيندا آهن ۽ غلط ثابت ٿيندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.