پارليامينٽ اندر وڌندڙ غير پارلياماني ٻولي ۽ بدتميزي جي مذمت ڪجي ٿي

پارليامينٽ اندر پارلياماني ٻولي نه ڳالهائي وڃي، عام بازاري، بدمعاشن، غنڊن ۽ ڄٽن واري ٻولي ڳالهائي وڃي ته ان جا ڪيترائي مطلب سمجهي سگهجن ٿا. پهريون مطلب اِهو آهي ته اسيمبلين اندر جيڪي ماڻهو عوام طرفان چونڊجي وڃن ٿا سي اصولي، آئيني ۽ اخلاقي طور ان عوام ۽ پنهنجي چونڊ تڪ جي نمائندگي جا پابند هجن ٿا. اهي پنهنجي عوام ۽ علائقن جا هڪ لحاظ کان سفير هوندا آهن تنهن ڪري انهن چونڊيل اميدوارن کي ان احساس وچان پارليامينٽ ۾ ويهڻ گهرجي ته اهي پنهنجي عوام ۽ علائقن جي نمائندگي ڪن ٿا ان ڪري مٿن ڪيترن ئي معاملن ۾ مٿن ذميواريون لاڳو ٿين ٿيون. سندن مٿان رڳو اها ذميواري ناهي هوندي ته اهي پنهنجي عوام ۽ پنهنجن علائقن جا مسئلا ٻڌائين ۽ حل ڪرائين پر انهن جي سٺي اخلاق سان پيش اچڻ، سٺي ورتاءُ جو مظاهرو ڪرڻ ۽ سٺي زبان ڳالهائڻ جي به ذميواري هوندي آهي ڇاڪاڻ ته اُهي پارليامينٽ اندر رڳو پنهنجي شخصي نه پر مجموعي طور پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪندا آهن. سو جيڪڏهن ڪو اسيمبلي ميمبر پارليامينٽ اندر هڪ چونڊيل عورت اسيمبلي ميمبر سان غليظ ترين ٻولي ڳالهائيندو ته ماڻهو ان اسيمبلي ميمبر کي ته گهٽ وڌ ڳالهائيندا ئي ڳالهائيندا پر ان سياسي جماعت ۽ ووٽرن تي به تنقيد ڪندا ته اوهان ڪهڙي قسم جي ماڻهن کي چونڊي اسيمبلين اندر ٿا موڪليو جن ڪري اسيمبليون گارين، بدتميزين ۽ تذليلن جو مرڪز بڻجي ويون آهن.

انتهائي افسوس ۽ مذمت سان لکجي ٿو ته ڪالهه به هڪ عورت اسيمبلي ميمبر سان هڪ چونڊيل ايم اين اي گندي ٻولي ڳالهائي آهي جنهن سان قومي اسيمبلي جو پارلياماني وهنوار مڪمل طور تي مفلوج ٿي ويو. هن قومي اسيمبلي جو ماحول هونئن ئي صدر آصف زرداري جي صدارتي خطاب جي موقعي تي مخالف ڌر جي گوڙ ۽ احتجاج کان پوءِ لاڳيتو بدنظمي جو شڪار هو، خواجه آصف جو جنرل ايوب جو لاش قبر مان ڪڍي ان کي ڦاهي ڏيڻ وارو گفتو هجي يا بلاول ڀٽو زرداري جو مخالف ڌر کي ڏنل اهو طعنو هجي ته اوهان کي ته رڳو روڄ راڙي جي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پيرن کي پڪڙڻ جي عادت آهي تنهن اسيمبلي جي ماحول ۾ اونئن ئي نفرت، بدتميزي، تذليل جا ٽانڊا ڦهلائي ڇڏيا هيا مٿان وري پي ٽي آءِ جي زرتاج گل جي طارق بشير چيما کي ٽارگيٽ ڪرڻ ۽ جواب ۾ طارق بشير چيما جو زرتاج گل سان خراب ڳالهائڻ ٻرنديءَ تي تيل هاري ڇڏيو. عمر چيما ته واقعي به حد ڪري ڇڏي. نيٺ مخالف ڌر سراپا احتجاج بڻجي وئي ۽ ان اهو مطالبو رکيو ته جيستائين ان ايم اين اي جي ميمبرشپ معطل نه ڪئي ويندي تيستائين اسيمبلي جو اجلاس هلڻ نه ڏبو. پر پوءِ آخر ۾ رپورٽن موجب طارق بشير چيما، زرتاج گل کان معافي ورتي ۽ زرتاج گل به ذريعن موجب کيس معاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ معاملي ۾ رپورٽون آهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ٻنهي ايم اين ايز ۾ ٺاهه ڪرايو جنهن کي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب به واکاڻيو.

اها به حقيقت آهي ته پارليامينٽ اندر ڪافي عرصي کان ناخوشگوار واقعا ٿيندا رهيا آهن پر ڪجهه سالن کان عورت ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سان به غليظ انداز ۾ ڳالهائڻ جا واقعا ظاهر ٿي رهيا آهن جيڪي ظاهر آهي ته ناقابل برداشت آهن. توهان کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اوهان تي سڄي ملڪ جي عوام ۽ ميڊيا جون نظرون آهن. اوهان پارليامينٽ اندر ڇا ڪندا آهيو، ڇا ڳالهائيندا آهيو، ڪيئن ستا پيا هوندا آهيو سو سڀ عوام ڏسندو آهي ان ڪري پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار ڏانهن ڌيان ڏيو. توهان کي ڪنهن ريت به گندي زبان ڳالهائڻ ۽ خاص ڪري عورتن جي پارليامينٽ جهڙي اداري ۾ تذليل جي اجازت ناهي. ان معاملي ۾ يقينن قومي اسيمبلي جي قاعدن قانونن ۾ سخت ترين ڪارروائي جو چيل هوندو تنهن ڪري انهن قائدن ۽ قانون کي لاڳو ڪيو ته جيئن ڪنهن به پارلياماني ميمبر يا ميمبرياڻي کي هڪٻئي جي تذليل ڪرڻ جي همت نه ٿي سگهي.

اسان جو خيال آهي ته جيئن قومي اسيمبلي جي موجوده اسپيڪر اياز صادق طارق بشير چيما ۽ زرتاج گل جي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۾ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي تيئن کيس گهرجي ته قومي اسيمبلي جو پڻ مجموعي طور تي سازگار ۽ اخلاق جوڳو ماحول ٺاهڻ لاءِ غير معمولي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اسپيڪر کي گهرجي ته اهو پارليامينٽ جي سڀني جماعتن جي اڳواڻن سان خاص گڏجاڻي ڪري ۽ کين اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ته اظهار جي آزادي ۽ درست نموني پارلياماني ٻولي ۾ پنهنجو موقف رکيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن خلاف سخت ترين پارلياماني ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي.

اسان جو خيال آهي ته پارليامينٽ اندر سڀني اسيمبلي ميمبرن کي ڳالهائڻ جا آداب پڻ سيکارڻ جو خاص ڪري عورتن سان ڪيئن ڳالهائجي تنهن لاءِ سندن تربيت جو انتظام ڪيو وڃي. سينيئر ۽ سٺي ساک رکندڙ پارليامينٽرين کان ليڪچر ڪرايا وڃن ته جيئن انهن کي خبر پوي ته پارلياماني ٻولي ڇا ٿيندي آهي، پنهنجو موقف ڪيئن درست رکبو آهي، اشوز تي ڳالهائبو آهي، پرسنل نه ٿيبو آهي، تنقيد کي ڪيئن ٻڌبو آهي، ڪيئن برداشت ڪبو آهي، اظهار جي آزادي ڪيئن ڏبي آهي وغيره وغيره. اهڙي تربيت يافته پارليامينٽ ئي اسان کي گهرجي ته جيئن عام ماڻهو به پارلياماني ميمبرن کان ڳالهائڻ ۽ بحث مباحثن جا آداب سکي سگهن پر ان لاءِ لازمي آهي ته پهريون پارلياماني ميمبرن کي پارليامينٽ اندر ڳالهائڻ جا آداب سيکاريا وڃن.

اهو سڀ ان ڪري به ضروري آهي ته پارليامينٽ اندر بدتميزي جو طوفان وڌي ويو آهي. اتي ڪنهن جي به عزت محفوظ ناهي. نوان اسيمبلي ميمبر ته ٺهيو پر سينيئر ترين پارليامينٽرين به پارلياماني ميمبرن کي اها ڳالهه الائي ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته سڀني ملڪي مسئلن ۽ جمهوري حقن جو درست، آئيني ۽ قانوني مورچو پارليامينٽ ئي آهي. غير جمهوري طاقتن سان مقابلي جو به اصل ميدان پارليامينٽ آهي. پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ، ان جي بالادستي قائم ڪرڻ، ان جو وقار وڌائڻ سان ئي جمهوريت مضبوط ٿيندي. اها ڳالهه جيڪڏهن پارلياماني ميمبر ئي نه سمجهن ته افسوس ۽ حيرت جو اظهار ڪبو.

سو مهرباني ڪري پارليامينٽ ۽ پارليامينٽرين جي عزت ڪريو، پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو، ملڪ ۽ عوام جي اشوز تي ڳالهايو ۽ انهن لي صلاح مصلحت سان حل ڪريو. پارليامينٽ جي اهميت سمجهيو ان کي بدتميزي، غنڊا گردي تذليل ۽ گارين جو مرڪز نه بڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.