پاڪستان ۾ نرم مارشل لا لاڳو آهي: ايمل ولي خان

پشاور (م ڊ) پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اي اين پي جي مرڪزي صدر ايمل ولي خان چيو ته پاڪستان ۾ نرم مارشل لا لاڳو آهي، اهڙين حالتن ۾ سياست ڪرڻ مشڪل آهي پر اسان همت نه هارينداسين، اسان غلامي قبول نه ڪنداسين ۽ پختونستان نه پر پاڪستان کي آزاد ڪرائڻ چاهيون ٿا. اي اين پي 18هين ترميم جي تحفظ لاءِ آخري دم تائين بيٺل رهندي ۽ سمورا ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن. پريس ڪانفرنس دوران ايمل ولي  خان سان گڏ مرڪزي سينيئر نائب صدر دائود خان اچڪزئي، سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد سليم خان، اي اين پي پختونخواهه جي صدر ميان افتخار حسين ۽ ٻين مرڪزي ۽ صوبائي ڪابينا جا عهديدار ۽ ٻيا ميمبر پڻ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.