منهنجي شهر محراب پور مان عورت جي لڙهندڙ لاش کي ڇو نه ڪڍيو ويو !؟

تحرير: حميده گهانگهرو

منهنجي شهر محرابپور مان بي وسي جي حالت ۾ هڪ معصوم عورت جو لاش ڪيئن ۽ ڇو گذري ويو.

روهڙي ڪئنال ۾ لڙهندي هڪ معصوم عورت جو صرف شلوار پاتل ۽ منهن تي ڪپڙو ٻڌل بنا چولي پاتل لاش روهڙي ڪئنال جي دروازي ۾ ڦاٿل ڏسڻ باوجود پوليس، صحافين ۽ شهرين بي حسي جي انتها ڪري ڇڏي. سندن بي حسي اها هئي ته دروازي ۾ ڦاٿل لاش کي ڪڍڻ بجاءِ اڳتي روانو ڪيو ويو.

اها خبر پڙهي مون کي نسيم کرل جي ڪهاڻي ”چوٽيهون در“ اکين آڏو تري آئي. اها ڪهاڻي به ان مٿي ڄاڻايل واقعي جي عڪاسي ڪري ٿي ته جڏهن ٻن حدن جي وچ ۾ لاش ڦاٿل ڏسي ٿاڻي وارا اهو چئي لاش نه پيا ڪڍن ته هيءَ اسانجي حد ناهي. ڇا ڪنهن به هنگامي حالتن ۾ پوليس پنهنجون حدون ماپيندي آهي يا انساني زندگيءَ جي محافظ کي ان جي حفاظت ڪرڻ گهرجي.

هيءَ ڪا پاڻي ۾ لڙهندڙ مڇي نه هئي. جنهن جو جيئڻ ئي پاڻي آهي. هيءُ انسان جو لاش آهي ڀلي عورت هجي يا مرد، سمجهڻ گهرجي ته انساني رشتا ۽ قدر، تهذيب ثقافت جا معيار قومن تهذيبن، ثقافتن جي سڃاڻپ ۽ نشاندهي جون گواهه هونديون آهن. سنڌي قوم پنهنجي ثقافتي ورثي ۽ تهذيب تحت دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سڃاتي ۽ مانائتي نظر سان ڏٺي وڃي ٿي.

آخر  ڪهڙي مجبوري هئي جو قانون، انصاف ۽ تحفظ جو بيج ڪلهي تي لڳائڻ باوجود اکين ٻوٽ جو اظهار ڪيو ويو آهي. عورت جي عزت جو تحفظ ڪنهن به ٻولي، مذهب، فرقه پرستي کان تمام مٿانهون آهي، قتل صرف اهو ناهي ته ڪنهن کي گولي، ڪهاڙي خنجر يا ڳلو دٻائي ماريو وڃي. پر سڀ کان ايذائيندڙ وڏو قتل اهو آهي ته سماجي قدرن، انساني تهذيب ۽ سڃاڻپ کان بي خبر ٿي ڪنهن جي لاش جو ڪو احساس نه ڪجي، ڪا به فرياد نه ٻڌجي شهرين جي اصرار باوجود هن لاش کي محرابپور کان ڪنڊيارو ڏانهن روانو ڪيو ويو. ڪنهن مڇيءَ کي پاڻيءَ ۾ لڙهندو. ترندو ڏسي قدرتي نظام جي خوبصورتي نظر ايندي پر ڪنهن لاش کي ڪيئن پاڻي ۾ لڙهڻ ڏبو ۽ لڙهندي ڏسبو رهبو. بي حسيءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي!اکيون ڪيئن ٻوٽيون،

قانون، انصاف، عدالت ۾ اهو سوال ضرور اٿندو ته .ڇا هن عورت خودڪشي ڪئي؟ ڇا هن کي ماري اڇلايو ويو؟ ڇا هن جي پونئرن واهر ڪئي آهي يا نه؟ ڇا هن کي ڪاري ڪري ماريو ويو؟ ڇا هي واهه ڪناري پاڻي ڀريندي ترڪي ڪري پئي؟ ڪنهن هن کي ڌڪو ڏنو؟ ڇا هن معاشي، بدحالي بک وگهي پنهنجو انت آندو؟ ڇا هن جي پويان ڪي ابهم ٻار آهن جيڪي روئيندا هوندا؟ ڇا هوءَ گهرو جهڳڙن فسادن کان تنگ ٿي هئي؟ اهڙا ڪيترا هزارين سوال ذهن ۾ اڀري سگهن ٿا. آخر عورت جو لاش صرف شلوار پاتل ۽ منهن ٻڌل ڇو هو. هوءَ نيم اگهاڙي ڇو هئي؟ اها ته هڪ سوچي سمجهي سازش چئي سگهجي ٿي. پر ان سڄي صورتحال کي سمجهڻ ۽ منهن ڏيڻ جو هڪ ئي جواب آهي ته شهري، تحفظ جا ادارا ۽ سڀ کان اهم ته جان مال جو تحفظ، امن قائم ڪرڻ، دهشت گردي کي ڪنٽرول ڪرڻ، چورين، ڌاڙن جي لٽ مار کي ختم ڪرڻ ۾ پوليس کاتو اهميت رکي ٿو. پر جڏهن پوليس اهلڪارن جي موجودگي ۾ اهڙا اکين ڏٺا واقعا به اکين ٻوٽ حوالي ٿي وڃن ته ڇا اهو سمجهڻ گهرجي ته نيري ڳاڙهي پٽي سان ٺهيل ٿاڻا صرف ڏيکاءُ لاءِ آهن. ان کان اڳ به ڪيترا لڙهندڙ لاش ۽ ريل گاڏين هيٺان آپگهات ڪندڙ ماڻهن جي قانوني واهر يا جاچ ناهي ٿي. جڏهن عوام جا محافظ ئي بي لغام ٿي وڃن ۽ خاص طور معصوم بي گناهي جي سزا ڀوڳيندي ڪنهن داد فرياد جي مٽي ماءُ جي جهول ۾ لڪايا وڃن ته آخر ضمير جي عدالت جا دروازا ڪڏهن ۽ ڪيئن کلندا.

هيءَ عورت جو لڙهيل لاش صرف هڪ لاش ناهي. هيءُ لاش ڪيترن بي گناهه لاشن جو آئينو آهي ڪي ڪپي ڪسي وڍي ويرانين ۾ اڇلايا ٿا وڃن. ڪن کي اغوا ڪري لڪايو يا ماريو ٿو وڃي. اڄ به ڪيترين پريا ڪمارين، فضيلائن وغيره جهڙين نياڻين کي لڪايو ويو آهي يا وري ڪنهن مظلوم کي ندي حوالي ڪري ظالم بي آرامي ٿي وڃن ٿا.

بهرحال، ماءُ جي جهول کان ڌرتيءَ ماءُ جي جهول وڏي آهي غريب ۽ بي پهچ انسان آخر ۾ اهو حق رکي ڌرتي ماءُ جي جهول ۾ وڃي ٿو ۽ ڪي فرشتا صفت انسان هوندا آهن جيڪي اکين ٻوٽ نٿا ٿي سگهن بلڪل ايئن جيئن ڪنڊيارو جي هڪ فلاحي اداري حسوا لاش کي ڪڍي ڏيکاريو. ان جو چوڻ آهي ته تقريباً چار ڏينهن جو ٻڏل لاش پنهنجي سڃاڻپ ته ختم ڪري چڪو هو پر تڏهن به سندس مڙهه کي آخرڪار ڪجهه ساڃاهه وندن شهرين گڏجي پنهنجي هٿن جي گواهي سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو.

ڪاڏي وئي اها سياسي کيپ جيڪا عوام جي ووٽن تي پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿي؟ منهنجي هيءَ نماڻي گذار ش آهي ته پ پ شهيدن جي پارٽي اڄ ان پارٽيءَ جا واڳ ڌڻي محرابپور سٽي جو صدر حاجي جاويد ميمڻ، تعلقي جو صدر مسرور راڄپر، ايم پي اي مراد علي شاهه، ايم اين اي ابرار شاهه اهي سڀ ساڃاهه وند سياسي اڳواڻ پنهنجي سڃاڻپ ۾ وڏن جي سياسي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي ڪري هڪ نئين نسل طور اڀري آيا آهن. ضرور جڏهن انهن جي ڪن تي هڪ عورت جي بي حرمتي جي خبر پئي هوندي ته ضرور انهن ايوانن ۾ آواز اٿارڻ جي جرائت ڪئي هوندي ڇاڪاڻ ته پ پ کي جڏهن عوام جي پارٽيءَ چئجي ٿو ته معنيٰ اها سنڌ جو عوام ئي آهي.

هن لاش جو سفر سکر جي سنڌو درياهه مان نڪرندڙ روهڙي ڪئنال جي ڇولين ۾ لڙهندي محرابپور جي بي حس پوليس جي لاپرواهي کان پوءِ ڪنڊياري جي انساني حقن ۽ انساني سوچ جي هٿن ۾ اچي انت آندو. مان هيءَ سڀ ڪجهه لکندي هڪ وضاحت ڪنديس ته محرابپور ۾ روهڙي ڪئنال محراب شاخ، ڳوڌو شاخ جي ڪنارن سان ندين جو پراڻو رشتو آهي، مون کي ياد آهي ته شهر ۾ ڪا به پڪنڪ پوائنٽ نه هئڻ ڪري اسان جو بابا اسان سڀني ڀيڻن، ڀائرن، امان کي وٺي انهن ٻنهي واهن جي ڪناري گهمائي نه رڳو ننڍين شاخن ۾ وهنجڻ ۽ ترڻ جي سکيا ڏيندو هو، پر انساني ۽ هاري حقدار جي نعرن سان پلي ڪارڊ لکي، ڪاغذ ۽ ڪاٺين ۾ لڳائي ڪنارن تي لڳائيندو هو ۽ ايندڙ ويندڙ سڀ انهن نعرن کي پڙهندا هئا جيڪي جُملي هارين، مزدورن انساني حقن بابت هوندا هئا. اڄ اهي واهه ۽ ڪنارا ويران آهن ۽ اتي انساني حقن جي لتاڙ ٿئي پئي. اڄ اتي ساڃاهه وند صحافي ۽ باشعور شهري پوليس جي ڏاڍ ۽ بي حسي اڳيان خاموش هئا. آخر هن ڪيس جو تدارڪ ڪيئن ٿيندو. هاڻي حالت اها آهي ته سڄي سنڌ ناانصافين جي ور چڙهي درياءَ جي ڇولين کان وڌيڪ اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جا ڪئنال ٺاهي ڇڏيا آهن هتي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن اکين ڏٺي واقعي جي ئي جاچ نه ٿيندي ته پوءِ اڻ ڏٺل واقعن جي جاچ ڪيئن ٿي سگهندي؟!

قانون، انصاف، عدالت ۾ اهو سوال ضرور اٿندو ته .ڇا هن عورت خودڪشي ڪئي؟ ڇا هن کي ماري اڇلايو ويو؟ ڇا هن جي پونئرن واهر ڪئي آهي يا نه؟ ڇا هن کي ڪاري ڪري ماريو ويو؟ ڇا هي واهه ڪناري پاڻي ڀريندي ترڪي ڪري پئي؟ ڪنهن هن کي ڌڪو ڏنو؟ ڇا هن معاشي، بدحالي بک وگهي پنهنجو انت آندو؟ ڇا هن جي پويان ڪي ابهم ٻار آهن جيڪي روئيندا هوندا؟ ڇا هوءَ گهرو جهڳڙن فسادن کان تنگ ٿي هئي؟ اهڙا ڪيترا هزارين سوال ذهن ۾ اڀري سگهن ٿا. آخر عورت جو لاش صرف شلوار پاتل ۽ منهن ٻڌل ڇو هو. هوءَ نيم اگهاڙي ڇو هئي؟ اها ته هڪ سوچي سمجهي سازش چئي سگهجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.