ڪشميرين جو احتجاج جائز هو، حب الوطني کي گار نه بڻايو

تحرير:حامد مير

اسان جي نالي وارن سياسي اڳواڻن ۽ وڏن وڏن دانش ورن جو سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته انهن کي پنهنجي تاريخ جي جو علم ئي ناهي. جيڪڏهن ڪو گستاخ انھن کي تاريخ ياد ڏياري ۽ ڪنهن وعدي خلافي يا غلط بياني جي نشاندهي ڪري، ته انھن کي غدار قرار ڏيڻ ۾ دير نٿا ڪن.آزاد ڪشمير ۾ شھري حقن جي تازي تحريڪ سان بھ ايئن ئي ٿيو.

1961ع ۾ جڏهن آزاد ڪشمير ۾ منگلا ڊيم جي اڏاوت شروع ٿي ته ميرپور ۽ ڊڊيل جي 250 ڳوٺ ۽ علائقا ٻڏي ويا. لکين ڪشميري بي گهر ٿي ويا، ڪن کي پاڪستان حڪومت معاوضو ڏنو ۽ گھڻن کي معاوضو نه مليو. ان وقت جنرل ايوب خان جي حڪومت آزاد ڪشمير جي عوام سان واعدو ڪيو هو ته هو اوھان کي سستي بجلي ڏينداسين، پر جڏهن ڊيم ٺھي ويو ته واعدو بھ وساريو ويو. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 257 مطابق آزاد ڪشمير ۽ والاريل ڪشمير  ھڪ تڪراري علائقو آھي ۽ ان تڪرار جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ٿيڻو آهي.

ڪجهه سال اڳ جنرل قمر باجوه گلگت بلتستان کي آزاد ڪشمير کان ڌار ڪري ڇڏيو،تھ  گلگت  بلتستان جي ماڻھن جي لاءِ ڪجهه رعايتن جو اعلان ڪيو ويو. ان علائقي کي ڪافي عرصي کان رعايتي اگهه تي اٽو ملندو هو. آزاد ڪشمير جي عوام به اها سهولت گهري هئي پر کين اها سهولت نه ملندي ھئي. آگسٽ 2023ع ۾ پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪرڻ بعد بجلي جا اگهه وڌائي ڇڏيا، جنهن تي آزاد ڪشمير جي علائقي راول ڪوٽ ۾ بجلي جي بلن کي ساڙي ھڪ تحريڪ شروع ڪئي.جنھن جو مقصد  پاڪستان جي حڪومت کي ان جا پراڻا واعدا ياد ڏيارڻا ھئا.جيڪي منگلا ڊيم جي اڏاوت دوران ڪشميرين سان ڪيا ويا ھئا.  آزاد ڪشمير جون اڪثر سياسي پارٽيون  پنهنجي روايتي اقتداري سياست ۾ مصروف رهيون.انھن سستي بجليءَ جي ھلندڙ تحريڪ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، ان تحريڪ جي قيادت وچولي طبقي جي پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ اچي وئي ۽ تحريڪ جي مطالبن جي فھرست وڌي وئي. مئي 2024ع جي ٻئي هفتي ۾ ان تحريڪ ٻيهر زور ورتو ته جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي ميمبرن جو تعلق هندستان سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن اها حڪمت عملي ڪارگر ثابت نه ٿي ته لٺين ۽ گولين جو استعمال ٿيو.جنھن سان خونريزي جنم ورتو ۽ چيو ويو ته آزاد ڪشمير ۾ اهڙا منظر ڪڏهن به نه ڏٺا ويا. جڏهن صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي وئي ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا مڃيا ويا، جنهن بعد هڙتال ۽ احتجاج ختم ڪيو ويو، پر 14 مئي جي رات ان تحريڪ ۾ سرگرم شاعر احمد فرهاد کي سندس گهر مان کنڀي گم ڪيو ويو. . ان واقعي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مطالبا تھ مڃيا ويا پر رياست اندر موجود رياست اهڙن ڪمن کان باز نه ايندي جنهن ڪري ماڻھن ٻيھر روڊن تي اچي سگھن ٿا.

سڀ کان پهرين ته رياست اندر موجود رياست کي اھو سمجهي ڇڏڻ  گهرجي ته آزاد ڪشمير جي سياسي اشرافيه سندن ڪنهن به ڪم جي نھ رھي آھي. اها اشرافيا تھ خود  پنهنجن بزرگن جي تاريخ وساري ويٺي آهن، نه ته اھي ماڻھو اسلام آباد جي اختيارين کي ٻڌائين ها ته آزاد ڪشمير کي پنهنجي ڪالوني نه سمجهيو وڃي، ڇو ته هتي لٺين ۽ گولين جي سامهون بيهڻ جي روايت تمام گھڻي پراڻي آهي. پاڪستان جي حڪمران طبقي کي ڄاڻڻ گهرجي ته 1947ع ۾  آزاد ڪشمير جو موجود علائقو ڪشميرين خود  مهاراجا هري سنگهه جي فوج کان آزاد ڪرايو ھو ۽ رضاڪارانه طور تي پنهنجو انتظامي ڪنٽرول پاڪستان جي حوالي ڪيو. مهاراجا هري سنگهه جي فوج جي هڪ مسلمان آفيسر ڪرنل مرزا احسن خان  1946ع ۾ پنهنجن ساٿين سان گڏجي بغاوت جي رٿابندي ڪئي هئي، جنهن ۾ سردار ابراهيم خان کي به شامل ڪيو ويو . انهن سڀني ٻي عالمي جنگ جي رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ سپاهين سان گڏجي ڪري ڊوگرھ فوج کي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان مان نيڪالي ڏني. اھا بغاوت پونڇ کان شروع ٿي ھئي، بعد ۾ قبائلي پختون به ان بغاوت ۾ شامل ٿي ويا ھئا۽ اهڙي طرح پاڪستان ۽ هندستان جون فوجون آمهون سامهون ٿيون ۽ جنگ شروع ٿي وئي، جنهن کي روڪڻ لاءِ هندستان گڏيل قومن جو رخ ڪيو. پاڪستاني فوج جي پهرين نشان حيدر ڪيپٽن محمد سرور شهيد جو مقبرو اڄ به والاريل ڪشمير جي اوڙي علائقي ۾ موجود آهي، ڪشميرين پاڪستاني فوج سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي  هر جنگ ۾ حصو ورتو ،پر 1948ع کانپوءِ ڪشمير جا سياسي اڳواڻ هڪ ٻئي سان ويڙهڻ لڳا.سردار ابراهيم خان آزاد ڪشمير جو پهريون صدر هو ۽ مسلم ڪانفرنس ۾ اندروني اختلافن سبب کيس صدارت تان هٽايو ويو تھ پونڇ ۾ بغاوت ٿي وئي. 1955ع ۾ ان بغاوت کي دٻائڻ لاءِ پنجاب ڪانسٽيبلري کي آزاد ڪشمير موڪليو ويو ۽ ان جي 150 سپاهين کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن اها بغاوت ٻين علائقن ۾ پکڙجي وئي ته طاقت جو استعمال بند ڪيو ويو.

1958ع  ۾ قائداعظم جي ساٿي چوڌري غلام عباس ۽ ڪي ايڇ خورشيد ڪشميري قيادت کي متحد ڪيو ۽ جنگ بندي لائن ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. 28 جون 1958ع واري ڏينھن راولپنڊي کان چناري تائين لانگ مارچ ڪندڙ ڪشميري قيادت کي گرفتار ڪيو ويو. ڪجهه وقت کانپوءِ پاڪستان ۾ مارشل لا لڳي ۽ اها تحريڪ ختم ٿي وئي. 1968ع ۾ مقبول بٽ شهيد سرينگر جيل مان ٽوڙي آزاد ڪشمير واپس اچي ويو ته کيس مظفرآباد جي قلعي ۾ ٻيھر قيد ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. جڏهن ڪشميرين مقبول بٽ جي گرفتاري خلاف احتجاج شروع ڪيو ته کيس آزاد ڪيو ويو. 1971ع ۾ ھندوستاني جھاز اغوا ڪرڻ جي الزام ۾ مقبول بٽ ۽ سندس ساٿين کي گرفتار ڪري لاهور جي شاهي قلعي ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو. ان ظلم ۽ بربريت جا زخم اڄ به ڪشميرين جي روح تي موجود آهن. جنرل ضياءَ جي دور ۾ مقبول بٽ کي دهلي جي تهاڙ جيل ۾ ڦاهي ڏني وئي. اسان جا سياستدان ۽ دانشور اهو وساري ويٺا آهن ته مقبول بٽ جي ساٿين 11 فيبروري 1992ع تي جنگ بندي لائن ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو، تھ هزارين ماڻهن جي قافلي تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ ست ڪشميري شهيد ٿيا. ڪشميري ۽ بنگالي رضاڪاراڻي طور پاڪستان ۾ شامل ٿيا. پھرين بنگالين کي غدار قرار ڏنو ويوهاڻي ڪشميرين جي تحريڪ جي پويان ھندوستان جو هٿ ڳوليو پيو وڃي. آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ وارن کي پاڪستان جي هڪ اهڙي حڪومت جا وزير مشڪوڪ قرار ڏئي رهيا آهن، جيڪي  خود ھندوستان  سان واپار ڪرڻ  لاءِ بيتاب  آهن.

سو هن حڪومت کي ڄاڻڻ گهرجي ته پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ وارن کي ھندوستاني ايجنٽ قرار ڏئي خاموش ڪرائڻ ممڪن ناهي. ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ڏينهن ماڻهو روڊن تي نڪرندا ۽ پنهنجون ڇاتيون آڇيندا ۽ چوندا تھ  اچو  اسان کي گوليون هڻو، اسين سڀ غدار آهيون. خدارا قائداعظم جي پاڪستان تي رحم ڪيو، غداري کي تمغو  ۽ حب الوطني کي گار نھ بڻايو.

سو هن حڪومت کي ڄاڻڻ گهرجي ته پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ وارن کي ھندوستاني ايجنٽ قرار ڏئي خاموش ڪرائڻ ممڪن ناهي. ان ڏينهن کان ڊڄو جنهن ڏينهن ماڻهو روڊن تي نڪرندا ۽ پنهنجون ڇاتيون آڇيندا ۽ چوندا تھ  اچو  اسان کي گوليون هڻو، اسين سڀ غدار آهيون. خدارا قائداعظم جي پاڪستان تي رحم ڪيو، غداري کي تمغو  ۽ حب الوطني کي گار نھ بڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.