محقق گل حسن ڪلمتي کي ڀيٽا

تحرير: خاصخيلي لطيف راولاڻي

ملير جي سرسبز ساوڪ جي مٽي ۾ ڪيئي ڪونڌرن ڏاھن جنم ورتو آھي. ھي ملير جي ڌرتي ڪڏھن تپي ٽانڊو ٿي پوندي آھي ته ڪڏھن برف جھڙي ٿڌي ٿي پوندي آھي. انھي زميني ڦير گھير جي ڪري نوان خيال نوان ذھن جنم وٺن ٿا. اھڙن ئي خيالن ۽ تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ تحقيق جو شاگرد گل حسن ڪلمتي به ملير جي مٽي مان ڦٽي نروارٿيو.

شاگرد واري زماني کان ادب سان دلچسپي لکڻ پڙھڻ جو شوق پيدا ٿيو. جنھن گڏاپ کان ڪراچي يونيورسٽي تائين اڻانگو سفر ڪري ضلع ڪائونسل ۾ پبلڪ رليشن جي آفيسري پوسٽ تي رھندي باقي تحقيقي سفر جاري رکيو. ضلع ڪائونسل طرفان ماھوار ماروئڙا ادبي مئگزين ۾ ٻانھن ٻيلي ٿيو ۽ ڪراچي مان نڪرندڙ ماھوار مئگزين ۽ اخبارن کي اشتھار وٺرائي ڏيڻ ۽ انھن جي مالي سھاتا پڻ ڪندو ھو ۔نوڪري مان فائدو کڻندي ضلع ڪائونسل جي ڪافي ڳوٺن ۾ لائبريريون قائم ڪرڻ لاءِ ۾ڪوششون ورتائين نه صرف بلڊنگون ٺھرائي ڏنائين پر انھن کي ھڪ ھزار ڪتاب به ضلع ڪائونسل طرفان وٺرائي ڏنائين ۔ملير جي ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ڳوٺ ۾ پروفيسر محمد ابراھيم خاصخيلي جڏھن عثمانيه لائبريري قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته ضلع ڪائونسل اتي بلڊنگ به ٺھرائي ڏني ۽ ڪتاب به ڏنا اھو سڄو ڪم گل حسن ڪلمتي جي نگراني ۽ ذاتي دلچسپي جي ڪري ٿيو. ان کان علاوه ملير جي ڳوٺن ۾ لائبريرين کي قائم ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار ۽ ڪارنامو رھيو آھي.

لکڻ سندس مشغلو رھيوھو ۔ٻارنھن کان مٿي ڪتاب شايع ٿي چڪا آھن اڃان به پنجن کان وڌيڪ ڪتابن جو مواد تيار ٿيل آھي ۔پاڻ ھڪ دفعو ڪچھري ۾ ذڪر ۽ ڳڻتي ڪيائين ته ڪتاب ته تيار آھن پر منھنجو ذاتي پبلشر کنڀجي ويو آھي ان ڪري ڪافي ڪتاب شايع ٿيڻ کان رھجي ويا آھن ۔جڏھن پبلشر آزاد ٿي موٽي آيو ته ھو ٻين قومي اڳواڻن جي آزادي جي لاءِ پيرين پنڌ سنڌ ۾ نڪري ويو جن سان ھو مختلف ھنڌن تي قيد ٿيل ڪارڪنن سان ملي آيو ھو ۽ انھي پبلشر سنڌي انعام اھو وچن ڪيو ھو ته آزادي ملڻ کان پوءِ خاموش نه ويھبو ۽ اھو وچن پورو ڪري ڏيکاريو اڄ به ھو سنڌ جي مختلف ضلعن جي پريس ڪلبن ۾ احتجاج ڪري رھيو آھي ۽ ايئن جاکوڙي تحقيقي ليکڪ جا ڪتاب شايع ٿيڻ کان رھجي ويا.

ڪراچي سنڌ جي ماروي ۽ ڪراچي جا لافاني ڪردار تاريخي ۽ تحقيقي ڪتاب آھن. پروفيسر اعجاز قريشي جڏھن ڪراچي جو ڪيس تيار ڪيو ته ان جي مھاڳ لاءِ گل حسن ڪلمتي تي ذميواري رکي وئي ته ڪتاب جو مھاڳ لکي ۔ملير ۾ ڪوبه سياسي سماجي ميڙاڪو ٿيندو ھو ته گل حسن ڪلمتي ان جو اھم حصو ۽ اڳواڻ طور تي شرڪت ڪندو ھو. ملير جي اھڙي ڪابه سرگرمي ٿيندي ھئي ته گل حسن سڀ کان اڳڀرو نظر ايندو ھو  ۔ھي ھڪ متحرڪ ڪردار ھو جنھن جي ڪري ئي ملير جا ٻيا به متحرڪ سپاھي علم ادب جا ڄاڻو شاهه جا پارکو سندس ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺا ان ۾ نالا ته گھڻا آھن پر خاص طور تي ملير بچايو اتحاد جو باني سيد خداڏنوشاهه، شاهه جو پارکو پروفيسر رخمان گل پالاري، سماجي اڳواڻ غلام رسول بلوچ سدائين سفر ۾ ٻانھن ٻيلي ھوندا ھئا. گل حسن ڪلمتي تاريخ تي لکڻ کان پوءِ سمنڊ جو رخ ڪيو ۽ اتي به تحقيق ڪرڻ جو ارادو ڪيائين سمنڊ ۾ گم ٿيل ٻيٽن جي تلاش ۾ نڪري پيو. اتي سامونڊي سونھي يونس خاصخيلي ۽ ايوب شان سمنڊ جا سڀ ٻيٽ گھمي ڦري سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ ڪتاب تيار ڪري سنڌي ادب ۾ تحقيقي اضافو ڪيو جنھن جي مقبوليت ۽ اھميت کي ڏسندي ان جو انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ڪيو. تاريخ ۽ تحقيق جو سفر جاري آھي پر ان ۾ گل حسن ڪلمتي جو خال ھميشه لاءِ رھجي ويو ۔سندس ڪيل ڪارناما ڪتاب اسان جي ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندا ماڻھو موڪلائي ويندو آھي پر ان جا ڪيل ڪم ڪارناما ھميشه لاءِ تاريخ جو حصو بنجي ويندا آھن.

ڪتاب ھڪ اھڙو جاندار جيو آھي جو ان جي ليکڪ کي مرڻ ڪونه ٿو ڏي ھو ان کي زنده رکندو آھي . پوءِ ڀلي صديون گذري وڃن ۔ڪتاب جو خالق جيئرو رھندو آھي. ان لاءِ ڪنھن جو قول آھي ته ڪنھن شخص وڏي عالم کان پڇيو ته مونکي آب حيات گھرجي جنھن جي پيئڻ سان آئون سڄي ڄمار زنده رھان . ان تي ڏاھي عالم وراڻيو ته پوءِ به تون مري ويندين آب حيات کان بھتر آھي ته دنيا ۾ اھڙو ڪم ۽ ڪارنامو ڪري وڃ جو دنيا توکي سڄي عمر ياد ڪري ۔جان جان ھئي جيئري ورچي نه ويٺي. وڃي ڀون پيٺي ساريندين کي سڄڻين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.