راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ گذريل سال ٿيل سخت جهڙپن کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ميڊيا بريفنگ ۾ ڀارت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڀارت پنهنجي ماڻهن تي دهشتگردي ڪرائي ٿو ۽ ان جو الزام ٻين تي مڙهي ٿو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪ فوج پاڻ کان پنجوڻ تي وڏي دشمن کي شڪست ڏني.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، پهلگام واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي پر پاڪستان جيڪي سوال اُٿاريا هئا اهي اڃا تائين موجود آهن. ڀارت ٻڌائي ته ڪهڙي دهشتگرد ڪئمپ کي نشانو بڻايو ويو؟
هن چيو ته ڀارت جي آرمي پروفيشنل هئي جيڪا اڄ سياست زده ٿي وئي آهي، پاڪ فوج دشمن کي ملٽي ڊومين وار ۾ شڪست ڏني، اها ڳالهه ڀارت جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هو مڃين نٿا.
هن دهشتگردي بابت ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال آڪٽوبر تائين دهشتگردي جا واقعا وڌندا رهيا، جنهن جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج آپريشن ڪيا ۽ 1800 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو.
ان موقعي تي ريئر ايڊمرل شفاعت علي خان چيو ته ڀارت گذريل سال مئي ۾ پنهنجو ٻيڙو مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر ان کي جرئت نه ٿي جو هو اڳرائي ڪري سگهي، اسان جا بحري اثاثا مسلسل سمنڊ ۾ موجود آهن ۽ اسان پنهنجي خودمختاري تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين.
جيئن سعودي عرب لاءِ خطرو اسان لاءِ خطرو آهي، تيئن ئي سعودي عرب کي به پاڪستان جي سلامتي عزيز آهي: ڊي آءِ ايس پي آر
پريس ڪانفرنس دوران هڪ صحافي کانئس ته ”ڇا ڀارت ۽ پاڪستان جي مستقبل ۾ ڪنهن جارحيت جي صورت ۾ سعودي عرب پاڪستان جي مدد ڪري سگهندو؟ “
ان تي پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته سعودي عرب سان پاڪستان جي لاڳاپن جا ڪيترائي رخ آهن جيڪي ڏهاڪن کان قائم آهن.
سندس چوڻ هو ته حرمين شريفين هي محفاظن جو اعزاز پاڪستان جي هر شخص لاءِ تمام وڏو اعزاز آهي ته حرمين شريفين جي حفاظت لاءِ پاڪستان ۽ ان جي فوج کي چونڊيو ويو ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتي به حرمين شريفين سان جڙيل آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”جيئن اسان کي سعودي عرب جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي عزيز آهي، بلڪل ائين ئي پاڪستان جي سلامتي ۽ سيڪيورٽي سعودي عرب کي به عزيز آهي. “
پاڪستان جي سعودي عرب سان دفاعي معاهدي بابت هن چيو ته اسان الله جي حڪم موجب پنهنجو عهد پورو ڪندڙ ماڻهو آهيون ۽ جيڪو واعدو اسان ڪيو ان کي پورو ڪندڙ آهيون.
معرڪه حق ۾ جيڪو ڀارت ڏٺو اهو اسان جي طاقت جو رڳو 10 کان 15 سيڪڙو هو: ڊي جي آءِ ايس پي آر
ڊي جي آءِ ايس پي آر پاڪ فوج جي امڪاني طاقت بابت دعويٰ ڪندي چيو ته ”معرڪه حق ۾ جيڪو ڪجهه ڀارت ڏٺو اهو اسان جي ڪُل طاقت جو 10 کان 15 سيڪڙو هو.
هن چيو ته اسان تڏهن به تيار هئاسين ۽ هاڻي به تيار آهيون، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته ڄاڻي وٺي ته پنهنجي طاقت جي هڪ قسط اسان ڏيکاري آهي، هن ڀيري 14 آگسٽ تي شاندار پريڊ ٿيندي، جنهن ۾ پنهنجي طاقت جي هڪ ننڍڙي جهلڪ عوام کي ڏيکارينداسين.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ڀارت لاءِ چٽو ۽ واضح پيغام آهي ته جيڪو ڪرڻو اٿو ڪريو، پوءِ اهو روايتي هجي يا غير روايتي، اسان هتي بيٺا آهيون ۽ پوري طاقت سان جواب ڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته هي جنگ زمين، فضا، سمنڊ، سائبر ۽ ذهنن ۾ آهي، ڪو به پاڪستان تي آڱر نٿو کڻي سگهي، اسان هر قيمت تي پاڪستان جو دفاع ڪنداسين.
معرڪه حق ۾ ڀارت جا اٺ جهاز ڪيرايا ويا: ڊپٽي چيف آف ايئر اسٽاف
ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ پاڪ فوج جي ڊپٽي چيف آف ايئر اسٽاف دعويٰ ڪئي آهي ته ”معرڪه حق ۾ ڀارت جي چئن رافيل جهازن سميت اٺ جهاز تباهه ڪيا ويا ، تنهنڪري اسان چئي سگهون ٿا ته اسان جو اسڪور 8-0 آهي.“
هن چيو ته معرڪه حق ۾ هڪ ايس يو-30، هڪ مگ-29، هڪ مراج جهاز ۽ هڪ انتهائي مهانگو ملٽي رول ڊرون ڪيرايو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته 29 اپريل تي چئن رافيل جهازن ڪشمير ريجن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي اسان ترت ڪارروائي ڪندي دشمن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.