روسي صدر ولاديمير پيوٽن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين پهچي ويو آهي، جتي چيني صدر شي جن پنگ سندس شاندار آجيان ڪئي آهي. پنجون ڀيرو روس جي صدر چونڊجڻ کانپوءِ ولاديمير پوتن جو هي پهريون بين الاقوامي دورو آهي.
روس ٻه سال اڳ يوڪرين تي حملو ڪيو هو ۽ ان وقت کان وٺي چين صدر پيوٽن جو اهم اتحادي بڻجي سامهون آيو آهي. چين يوڪرين ۽ روس جي جنگ جي مذمت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ روس سان واپار جاري رکيو آهي.ياد رهي ته روس ھن وقت بھ آمريڪا ۽ يورپي يونين پاران پابندين کي منهن ڏئي رهيو آهي. پر صدر پيوٽن جي چين جي دوري کي ڏسندي لڳي ٿو ته کيس بيجنگ مان وڌيڪ اميدون آهن. پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته چيني صدر شي جن پنگ، پيوٽن جي جنگ جي لاءِ ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي؟
پيوٽن جي روس جي پنجين ڀيري صدر چونڊجڻ بعد پهرين بين الاقوامي دوري لاءِ چين جي چونڊ ڪرڻ حيرانگي واري ڳالھھ نھ آھي.صدر پيوٽن چين جي سرڪاري ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هن وقت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن. جتي هڪ طرف صدر پيوٽن چين سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌائي پيش ڪري رهيو آهي، تھ ٻئي طرف صدر شي جن پنگ شايد ڪجهه ڳڻتي ۾ ورتل ٿي سگھي ٿو. آمريڪا تازو ئي بيجنگ ۽ هانگ ڪانگ ۾ قائم بينڪن ۽ ڪمپنين تي نيون پابنديون لاڳو ڪيون آهن. انھن بئنڪ ۽ ڪمپنين تي روس سان ڪم ڪرڻ ۽ ان کي پابندين کان بچائڻ جا الزام آهن. چين روس کي هٿيارن تھ نه ڏئي رهيو آهي، پر آمريڪا ۽ يورپي يونين جو خيال آهي ته بيجنگ ماسڪو کي اھڙي ٽيڪنالوجي ۽ سامان فراهم ڪري رهيو آهي جيڪو جنگ دوران ڪم اچي ٿو.
يوڪرين تي روسي حملي کان ڪجهه ڏينهن اڳ، چيني ۽ روسي صدرن "لامحدود” پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو.چين اھو مڃي ٿو ته آمريڪا جي اڳواڻي ۾ جڙندڙ ‘نيو ورلڊ آرڊر’ جي خلاف روس جو ھڪ مرڪزي ڪردار آهي.ان کان علاوه چين سستي روسي تيل ۽سائبيريا ۾ پائيپ لائين ذريعي ايندڙ گيس مان ڀرپور فائدو وٺي رهيو آهي، ان ھوندي روس ۽ چين جو اتحاد ’لامحدود‘ نظر نٿو اچي. بي بي سي جي تجزئي موجب چين جي سرڪاري ميڊيا ۾ ھاڻي لفظ ’لامحدود‘ استعمال نه ٿي رھيو آھي. ھڪ مبصر موجب چين روس سان پنهنجي لامحدود پارٽنرشپ جي اهميت کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.سندس چوڻ هو ته چين ڄاڻي ٿو ته روس جي غير مشروط حمايت سان چين جي ساک کي نقصان پهچندو.ان ڪري چين حڪمت عملي تبديل ڪري رهيو آهي. جئين ان کي عالمي سطح تي قبوليت ملي سگھي.
يورپ جي پنهنجي تازي دوري دوران، وقت چيني صدر جو چوڻ ھو تھ هن جي ملڪ نه اهو تڪرار پيدا ڪيو ھو ۽ نه ئي هن تڪرار ۾ ڌر آھي. لڳي رھيو آھي تھ روس ۽ چين جي ”لامحدود“ لاڳاپن ۾ عوامي سطح تي ڏار پئجي رھيا آهن. ھڪ اسڪالر فينگ يوجان پنهنجي تازي مضمون ۾ لکيو آهي ته يوڪرين ۾ روس جي شڪست يقيني آهي. چيني صدر شي جن پنگ اشارو ڏنو آهي ته هو امن آڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو.مارچ ۾ روس وڃڻ کان اڳ، صدر شي جن پنگ يوڪرين جي صدر کي ٽيليفون ڪيو ۽ چيو ھو ته چين "هميشه امن سان گڏ بيٺل رھندو.” چين جو 12 نڪتن جو پلان بھ سامھون آيو ھو.جنھن ۾ ايٽمي ھٿيارن جي استعمال جي مخالفت بھ شامل ھئي.ان جي باوجود صدر پيوٽن اڃا تائين چين ۾ آهي ۽ ان جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو پيو وڃي.
روس ۽ چين جي اتحاد تي يورپ جو صبر جو پئمانو ڇلڪي رھيو آھي.۽ صدر شي جن پنگ جون امن قائم ڪرڻ جون اميدون به اڃان حقيقت نھ بڻجي سگھيون آهن.اهڙي صورتحال ۾ صدر شي جن پنگ کي سوچڻو پوندو ته ڇا کيس صدر پيوٽن سان گڏ بيهڻ گهرجي يا نه.