روڊ حادثن ۾ واڌ ۽ اجڙي ويل گھرن جو نوحو !

تحرير: قاسم خاصخيلي

عيد ڏهاڙي شاه نوراني تي ويندڙ زائرين سان ڀريل ٽرڪ جي حادثي ۾ ڪيئي اجڙي ويل گهرن جو سوچي دل رت جا ڳوڙھا هاري ٿي ته ان کان ٿيل مختلف هنڌن تي روڊ حادثن ۾ ضايع ٿيل ڪيتريون ئي انساني جانيون مائٽن کي ڪيترين آزمائشن جي ور چاڙھي ويون آھن جيڪڏهن  ان جو تصور ڪوبه اهل دل انسان ڪري ٿو ته ان جي دل تڙپي پوي ٿي ڇو ته روڊ حادثن ۾ ڪنهن جو پيءُ ڪنهن جو ڀاءُ ڪنهن جي ماءُ ڪنهن جي ڀيڻ مطلب ته جن کان جيڪي رت جا رشتا حادثن سبب وڇڙي وڃن ٿا انهن جي پويان ڪيئي ڪھاڻيون لڪل هونديون آھن جن مان جيڪڏهن هر هڪ جي  الڳ ڪهاڻي لکجي ته ڪيترائي ڪتاب تيار ٿي سگهن ٿا.

تازو ملڪ جي اڪثر علائقن سميت سنڌ ۾ به اوچتو وڌندڙ خوني روڊ حادثن تي سچ ته سڄي سنڌ ڏاڍي ڪرڀناڪ لمحن مان گذري رهي آھي، ڇو ته ھڪ طرف حالات اغوائن ڦرن قتل بدامني منشيات بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندا ٿا وڃن ته ٻئي طرف وري سنڌ واسين لاءِ ھڪ نئين آزمائش روڊ حادثن جي صورت ۾ سامهون آئي آھي، روزانو روڊن تي حادثن ۾ غير معمولي واڌارو ڄڻ ته سنڌ جي هر گهر ۾ ڪيڏارو کڻي لھي پيو آھي، ملڪ ۾ مجموعي طور روڊ حادثن جون خبرون ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي رهيون آھن جن ۾ هڪ سراسري جائزي مطابق اندازو لڳائبو ته سڄي ملڪ جي ڀيٽ ۾ رڳو سنڌ اندر گذريل چند ڏينهن يا هفتن ۾ تمام گهڻا روڊ حادثا ٿيا آھن جن سبب ڪيترائي انسان اجل جو شڪار ٿي وياآھن جڏهن ته درجنين ماڻھو زخمين جي لسٽ ۾ شامل آھن.

سنڌ جو تقريبن ڪوبه اهڙو شھر ناهي جتان روزانو مختلف روڊ حادثن جون خبرون نه اينديون هجن، عيد جو موقعو هجي يا ڪٿي ڪو ميلو ملاکڙو هجي اجتماعي طور ماڻھو پنهنجون سواريون ڪري اڪثر فيملين سان گھمڻ ڦرڻ جا پروگرام جوڙي ماڻھو خوشي خوشي گهرن کان روانا ٿين ٿا جن کي ڪابه خبر ناهي هوندي ته هو واپس سھي سلامت گهر پهچندا به الائي نه، پر پوءِ به ماڻھو توڪل ڪري پنهنجو شوق پورو ڪرڻ يا هن نفسانفسي واري گھٽ ٻوسٽ جي ماحول مان نڪري ڪجهه گھڙين لاءِ پاڻ کي سڪون ڏيارڻ خاطر اهڙن خوشين ڀرين موقعن تي هڪ شھر يا ڳوٺ کان ٻئي شھر ڳوٺ يا صوبي ڏانهن سفر ڪن ٿا پر ان سفر جي اڻانگھي پنڌ تي ڪي خوشنصيب ته خير خوبي سان واپس اچي وڃن ٿا پر ڪي ويچارا بدنصيب روڊ حادثن جي ور چڙھي حياتيون وڃائي ويهن ٿا، يا وري جيڪي زخمي ٿين ٿا انهن مان به ڪي ته معمولي هجن ٿا پر ڪن جا ته اهڙا گھرا زخم هجن ٿا جيڪي سڄي زندگي انهن انسانن کي نه جيئڻ ڏيندا آھن ۽ نه ئي مرڻ ڏين ٿا.

هت سوال اهو پئدا ٿئي ٿو ته روڊ حادثا ڇوٿا ٿين ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ انهن روڊ حادثن جو ويجهي ماضي ۾ اچانڪ وڌڻ جا سبب ڪھڙا آھن، جيڪڏهن  سراسري جائزو وٺنداسين ته سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ روڊن جي حالت بلڪل خراب لڳي پئي آھي جڏهن به روڊ ٺاهيا ٿا وڃن ته انهن ۾ ايمانداري کان وڌيڪ بي ايماني جو سوچي ڪم ڪرايو ٿو وڃي، جڏهن ته روڊن ۾ ان قسم جو مٽيريل استعمال ڪيو ٿو وڃي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي هوندو پر اڪثر چيو ويندو آھي ته ڏنو پٽ ڇٽي جو آھي، سو روڊن جي ٺھڻ وقت جيڪڏهن ڪا ڪمي ڪوتاهي ٿيندي به آھي ته پوءِ يا ان کي نظر انداز ڪيو ويندو آھي يا وري مبينا طور ڳري رشوت عيوض روڊ ٺاهيندڙ ڪمپني/ ٺيڪيدار کي رعايت ڏئي ڪم اڪلائي جان ڇڏائي ويندي آھي جنهن جي نتيجي ۾ حڪومتن پاران ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھندڙ روڊ مناسب ۽ گهرج موجب مٽيريل نه لڳڻ ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ اهي روڊ تباھ ٿي ويندا آھن ۽ نتيجي ۾ روڊن تي هنڌ هنڌ کڏا کوٻا ٿيڻ جي ڪري روڊ حادثا معمول بڻجي ويندا آھن، جڏهن ته روڊ حادثن جي وڌڻ جو هڪ ٻيو وڏو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو جو هن وقت جيڪي روڊن تي لکين يا ڪروڙين گاڏيون هلن ٿيون جن ۾ موٽر سائيڪلن کان ويندي ڪارن سوزوڪين بسن وينن ٽرڪن ٽرالرن تائين گاڏيون ھلائڻ وارن اڪثر ڊرائيورن کي ڊرائيوري جي اصولن ۽ ضابطن جي ڪابه ڄاڻ ناهي هوندي، ان ۾ خاص طور ذڪر اهو ڪندس ته گذريل ويھن سالن ۾ جيڪي به ماڻھو ڊرائيوري سکيا آھن يا جن ڊرائيوري لائسنس ورتا آھن انهن ۾ اڪثريت غير تربيت يافته ڊرائيورن جي به آھي جن مبينا طور رشوت ڏئي ڊرائيوري لائسنس ٺھرايا هوندا آھن جنهن سبب روڊن تي بي ترتيب هلندڙ ننڍيون توڙي وڏيون گاڏيون ان جو وڏو مثال آھن ڇو ته جيڪڏهن ڊرائيور جي مڪمل تربيت/ٽريننگ ٿيل هوندي ته هو ڪيڏي به ايمرجنسي ۾ پنهنجي گاڏي پنهنجي هلندڙ لائين مان ڪڍي غلط اوور ٽيڪ نه ڪندو ۽ نه ئي حد کان وڌيڪ رفتار تي زور ڏيندو پر غير تربيت يافته ڊرائيور سدائين جلد بازي کان ڪم وٺندو آھي روڊ تي غلط سائيڊ کان اوور ٽيڪ به ڪندو ۽ وري گاڏي جي اسپيڊ به گھٽ ناهي ڪندو جنهن سبب ڪنهن هڪ جي غلطي ۽ جلد بازي جي ڪري روڊن تي وڏا وڏا حادثا ٿين ٿا جن ۾ ڪيترائي مسافر اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا جنهن سبب ڪيترائي گهر اجڙي وڃن ٿا، ان کان علاوه روڊ حادثن جو ٽيون سبب حڪومتي بي ڌياني پڻ هوندي آھي ڇو ته ملڪ ۾ هڪ ٽرانسپورٽ کاتو وفاقي طور ھوندو آھي ان جي پنهنجي ذميواري آھي، جڏهن ته صوبن جي لاءِ الڳ صوبائي ٽرانسپورٽ کاتو به هجي ٿو جنهن جي پنهنجي الڳ ذميواري هوندي آھي پر اسان کي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملڪي ليول توڙي صوبائي ليول تي حادثن کان پوءِ چند وزيرن پاران ٽي وي تي اچي افسوس جو اظھار ڪرڻ ۽ سواءِ سکڻن جاچ جي اعلانن يا ڪاميٽيون جوڙڻ جي ٻيو ڪوبه عملي ڪم ٿيندي ڪڏهن ڏسڻ لاءِ ناهي مليو.

ڏٺو وڃي ته هاڻ اڪثر مين شاهراهن تي موٽروي پوليس به موجود هوندي آھي پر ان هوندي به ملڪ جي انهن شاهراهن تي به وڏا وڏا روڊحادثا ٿي چڪا آھن، پوليس وارن کي مسافرن کي ڪا گائيڊ لائين ڏيندي يا مدد ڪندي ناهيون ڏسندا، ان صورتحال ۾ روڊن تي روز بروز وڌندڙ اهڙن خوني حادثن ۽ بي گناھ ختم ٿيندڙ انساني جانين کي بچائڻ لاءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي پنهنجون ذميواريون فوري طور ادا ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏيل طور پلاننگ ڪري انساني جانيون بچائڻ لاءِ مؤثر قدم کڻڻ کي ترجيح ڏئي ملڪ اندر روزانو جي بنياد تي تيزي سان وڌندڙ روڊ حادثن جي روڪٿام لاءِ هڪ ڀرپور قسم جي  مھم هلائڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.