ايران کي اسرائيل جي حملن جو جواب ڏيڻو ئي ھو

تحرير: نثار لغاري

اسرائيل– ايران جنگ هاڻ اڻٽر ٿي چڪي آھي،  ايران بنا ڪنھن انتظار جي اسرائيل تي جوابي حملو ڪري ڇڏيو آھي جيڪو منظر نامو ڀيانڪ آھي.   اسرائيل فلسطين تي مسلسل حملن کان پوءِ ھاڻ جنگ  پوري خطي ۾ خاص طرح ايران تائين  ڦھلائڻ چاهي ٿو،   ڪجھه تجزيي نگارن جو چوڻ آھي ته هي ٽين عالمي جنگ جي شروعات آهي بھرحال حالتون تمام گهڻيون خراب آھن

عرب ملڪ تماشائي آھن  آمريڪا سميت يورپي ملڪ پڻ اسرائيل سان گڏ آھي امن پسند ماڻھن  پاران جنگ جي خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آھن.

هڪ وڏي جنگ اسان جي هن خطي ۾ شروع ٿيڻ واري آھي اسرائيل ايران کي عراق جيان هڪ مفلوج رياست بڻائڻ چاهي ٿو  پر ايران هڪ  حد تائين اسلامڪ نظرياتي رياست آھي  هن کي ائين ڊاهڻ  يا ان کي تباهه ڪرڻ آسان نه هوندو  جنگ شدت اختيار ڪري ويندي جنهن ۾ وڏي تباھي جا امڪان موجود آھن.

ايران اسرائيل تي سوين ميزائل فائر ڪري بروقت جواب ڏئي کيس اھو پيغام ڏنو ته اسين ڪمزور ھرگز ناھيون ۽ اوھان جي ھر جارجيت جو جواب ڏيڻ جي سگھه رکون ٿا.

ايران جي دمشق ۾ موجود سفارتخاني تي اسرائيلي حملو دراصل اسرائيل جو ايران خلاف کليل اعلان جنگ ھو. جنھن جو ايران کيس منھن ٽوڙ جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته اسرائيل جيڪڏھن ٻيھر حملي جي ڪا غلطي ڪئي ته مٿس ان کان به وڌيڪ سخت حملو ڪيو ويندو . ايران ڊگهي عرصي کان آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن کي وچ اوڀر ۾ روڪڻ لاءِ پنهنجي پراڪسيز ذريعي جنگ وڙھي رهيو آھي ۽ پنهنجي ملڪ کي سڌي طرح جنگ کان دور رکندو پيو اچي ۽ ايران جي اها حڪمت عملي ڪافي حد تائين ڪامياب پڻ رهي آھي پر اسرائيل جي سڌي طرح ايراني سفارتخاني تي حملي ان حڪمت عملي جو تاڃيو پيٽو ڊاهي ڦٽو ڪيو آھي ، ۽ عالمي سطح تي عسڪري ماهرن جي چوڻ مطابق ايران کي سڌي طرح conflict ۾ گهلڻ لاءِ اسرائيل پتو کيڏيو آھي .

توڙي جو اسرائيل کي ايران تي سڌي ريت حملي ڪرڻ جي نتيجن ۽ ان جي امڪاني قيمت جو پورو ڪاٿو ھو پر ان جي باوجود اسرائيل جي حملي جو بنيادي سبب ڇا ھو؟ ماهرن جي چوڻ مطابق اسرائيل جي حماس خلاف جنگ، حزب الله جو وڌندڙ دٻاءُ، حوتي باغين جو ڳاڙهي سمنڊ ۾ کٽراڳ سميت مڊل ايسٽ ۾ ايراني پراڪسيز جي Axis of Resistence جي ڪارروائين کي منهن ڏيڻ سميت سڀني محاذن تي اسرائيل گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ اسرائيل جي اندر نيتن ياهو جي حڪومت خلاف هر روز کلندڙ نئين محاذن کان پوءِ اسرائيل  جنگ جو دائرو وڌائي آمريڪا کي جنگ ۾ سڌي ريت گيھلڻ چاهي ٿو .

عالمي مبصرن جي چوڻ مطابق اسرائيلي وزيرعظم نيتن ياهو ۽ سندس جنگي ڪابينا ڄاتو ٿي ته ايراني سفارتخاني تي حملي ۽ ايران جي چئن اهم جنرلن جو قتل ايران ڪنهن به طور تي برداشت ڪري نه سگهندو ۽ ايران اندروني عوامي دٻاءۡ ۾ اچي اسرائيل تي حملي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو ۽ ان حملي جو فائدو وٺي اسرائيل پنهنجي اصل اسٽريٽيجڪ مفاد يعني ايراني نيوڪليئر پروگرام تي حملو ڪري ان خطري مان هميشه لاءِ جان ڇڏائيندو ۽ ظاهر آھي ته ايران ۽ ان جا پراڪسيز پڻ چپ ڪري نه ويهندا ۽ نتيجي ۾ جنگ جو دائرو وسيع ٿي ويندو ۽ آمريڪا کي پڻ حوتي باغين ۽ ٻين آمريڪا- اسرائيل مخالفن کي سيکت ڏيڻ لاءِ سڌي طرح جنگ ۾ شامل ٿيڻو پوندو ۽ ايئن گريٽر اسرائيل جي خواب کي اسرائيل آمريڪا جي قيمت تي پورو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندو . ٻي پاسي  آمريڪا سڌيءَ ريت جنگ ۾ شامل ٿيڻ نٿو چاهي ، ھاڻ ڏسڻو اهو آھي ته ايران اسرائيلي جي ٻئي حملي کان پاڻ کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه .

ايران سان مسئلو صرف اهو نه ھو ته اهو دمشق ۾ پنهنجي سفارتخاني تي ٿيل اسرائيلي حملي کي زهر جو ڍڪ ڪري پي وڃي پر لڳي ايئن ٿو ته سي آءِ اي، ايم آءِ -6 ۽ شايد  جيش العدل ۽ داعش جي دهشت گرد حملن جي ذريعي ايران کي ڪٿان جو به نه ڇڏيندا ۽ ايران جيڪڏھن دمشق واري حملي جو جواب نه به ڏئي ھا ته تڏھن به اسرائيل جنگ جو دائرو وسيع ڪرڻ ۽ آمريڪا کي جنگ ۾ گيهلڻ واري مفاد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايران تي ٻيو ۽ ٽيون حملي ڪرڻ کان به نه ڪيٻائي ھا۔ ان سان گڏوگڏ داعش ۽ جيش العدل جهڙين پراڪسيز جي ذريعي جنرل قاسم سليماني جي مزار ڪرمان ۾ حملي ڪرڻ کان وٺي چابهار بندر تي ٿيل دهشت گرد حملن جي هڪ ڊگهي سيريز آھي جنهن ۾ سي آءِ اي ۽ ايم آءِ -6 ايران کي ڇٺيءَ جو کير ياد ڏياري سندس صبر جو پيالو لبريز ڪرائي کيس سڌي ريت جنگ ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪرڻ واري اسرائيلي ايجنڊا تي عمل ڪرائڻ چاهين ٿا .

اهو ردعمل گهٽ ۾ گهٽ حزب الله کي وڌيڪ جنگ ۾ شامل ڪري اسرائيلي مفادن کي نقصان پهچائڻ ٿي سگهي  ٿو پر ٻي پاسي ڏٺو وڃي ته اسرائيل به اهو ئي ته چاهي ٿو يعني جنگ جو دائرو وسيع ڪرڻ . ڇاڪاڻ ته جنگ جي هاڻوڪن محاذن تي اسرائيل بري طرح ڦاسي پيو آھي .

آخر ۾ دنيا جي ان حيرت کي دوستن سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو ته ايراني جيڪي تاريخي طرح ڏاڍا ذھين ۽ چالاڪ سمجهيا ويندا آھن , انهن کي ڇا ٿيو آھي ته جنرل قاسم سليماني جي لوڪيشن جي جاسوسي کان وٺي گذريل ڪجهه مهينن کان لڳاتار ايراني جنرل ۽ فوجي ماهر سي آءِ اي ۽ موساد گڏجي شڪار ڪري رهيا آھن . ان جو مطلب اهو ٿيو ته ايران جي ٽاپ ملٽري براس bugged آھي . اوهين اندازو لڳايو ته دمشق جي سفارتخاني ۾ IRGC جي چيف ( سليماني جي نائب ) جنرل محمد رضا سعيدي سان گڏ جيڪي ٽي ٻيا جنرل ماريا ويا ھئا انهن ۾ ھڪ لبنان ۾ حزب الله جو گذريل ٻن ڏھاڪن کان هينڊلر هو جڏھن ته ٻيو يمن جنگ ۽ حوتي ۽ ٽيون عراق ۽ شام جي Islamic Resistence Movement جو چيف هو . ايڏن اهم جنرلن کي شام جهڙي ملڪ ۾ جتي جو انچ انچ bugged آھي ۽ سڄي ملڪ  ۾ سي آءِ اي موساد ۽ ايم آءِ -6 جو ڳوڙھو نيٽ ورڪ موجود آھي اتي ايڏن اهم جنرلن کي هڪ ڇت جي هيٺان گڏ ڪري ڏيڻ ۽ انهن جو تترن ٻٽيرن وانگر شڪار ڪرائڻ ايراني ساک ۽ مستقبل تي سواليه شان لڳل آھي . ايران جا ايڏا اهم جنرل شام جهڙي غيرمحفوظ ملڪ  ۾ ايڏي وڏي رسڪ کڻي ڇا ڪرڻ آيا هيا،  ڇا ايران خود جنگ جو دائرو وسيع ڪرڻ ٿي چاهيو .؟ ايران  جڏھن پنهنجي وڌيڪ حڪمت عملي واضح ڪندو تڏھن سڀ ڪجهه واضح ٿي ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.