فرينڪلن ڊي روزويلٽ 20 صديءَ جو سڀ کان وڏو آمريڪي صدر هيو، هن پنهنجي لياقتن سبب سعودي بادشاھ جو ڌيان ڇڪايو ۽ سعودي بادشاھ به سندس شخصيت کان متاثر ٿيو. هنن ٻنهي بادشاهن 1945ع ۾ سوئز ڪئنال ۾ آمريڪي ”ڪروزر ڪوئنسي“ (سامونڊي ٻيڙي) تي ملاقات ڪئي هئي، ان وقت ٻي عالمي جنگ جي ويجهو هجڻ جي ڪري ۽ جيو پوليٽيڪل صورتحال تي آمريڪي صدر جي گرفت تمام گهڻي پختي ٿي وئي هئي، روزويلٽ جي توقع ٻي عالمي جنگ ۾ وڌي وئي هئي ته اهي هرصورت هن سجنگ ۾ سوڀارا ٿيندا. هنن گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سمورن ملڪن تي ڳالهين لاءِ زور ڀريو هيو، هنن جو زور هيو تيل جي ڳولا ڪجي، ڇو ته تيل جي ڳولا آمريڪا جي لاءِ هڪ وڏي پريشاني بڻجي چڪي هئي ۽ روز ويلٽ جنگي تڪرارن جي نبيري لاءِ به آتو هيو. ان ڪري ونسٽن چرچل (ان وقت برطانيا جو وزيراعظم) به ان ڪري پريشان رهندو هيو.
بن سعود کي روز ويلٽ هڪ قابل اعتماد گفتگو لاءِ اعتماد لائق سمجهيو ڇو ته برطانيا به ان دور ۾ تيل جي ڊوڙ ۾ هيو. ونسٽن چرچل بن سعود کي هڪ ايئرڪنڊيشنڊ ”رولز رائس“ (ڪار) ڏني هئي جنهن ۾ پاڻيءَ جي ٽينڪ ۽ فرض نماز لاءِ ڪافي جاءِ هوندي هئي، ان ڪري بن سعود فيصلو ڪري ورتو هيو ته هو آمريڪا ۽ برطانيا جي ها ۾ ها ملائيندو. ان ڳالهه تي روزويلٽ خوش ٿيو هيو ۽ هن سمجهيو ته هاڻي اهو وقت اچي چڪو آهي، جنهن ۾ هڪ اهڙو موضوع اٿاريو وڃي، جنهن ۾ اسرائيل خوش ٿئي. ان وقت هن آمريڪي ڪانگريس ۾ ۽ وائيٽ هائوس ۾ اهو بحث اٿاريو هيو ته فلسطين اندر صهيونسٽن جي مقدس سرزمين تي يهودي رياست جو قيام عمل ۾ آڻجي. ان ڳالهه تي روزويلٽ کي بن سعود اوچتو هڪ بدليل شخص نظر آيو. پر بن سعود پوءِ به شائستگي ڏيکاري ۽ هن جي چهري تي ڪا به ڪاوڙ نه هئي. هن آمريڪي صدر کي چيو ته ”عربن يورپ جي عيسائين ۽ يهودين کي ڪهڙو نقصان پهچايو آهي؟ اهي عيسائي جرمني وارا هيا، جن يهودين جي گهرن ۽ زندگين کي تباهه ڪيو، جيڪو نقصان جرمنين کي ادا ڪرڻ کپندو آهي، ۽ انهن کي ڪرڻ ڏيو. پر بن سعود جي اهڙي سچ ڳالهائڻ کي لڳ ڀڳ 80 سال گذري چڪا آهن، پر ان جي اولاد سميت ڪنهن به عرب ۽ مسلم اڳواڻن کي سچ ڳالهائڻ جي جرئت ناهي ٿي.
عراق کان وٺي عمان تائين عربن اسرائيل سان واپاري لاڳاپا پئي رکيا آهن. انور سادات ۽ جمال عبدالناصر کان وٺي جديد تاريخ ۾ سڀ کان پهريان مصر ئي هئو جنهن اسرائيل کي تسليم ڪيو، پر سوال اهو آهي ته بني اسرائيل جي غلاميءَ جي بدلي ۾ شيخن ڇا حاصل ڪيو؟. ان ڪري اسرائيلي هاڻي پنهنجي ملڪ جي 76 هين سالگرھ تي خوشيون ملهائي سگهن ٿا، هڪ اهڙي ملڪ لاءِ جيڪو انهن جو نه هيو. وچ اوڀر جي آخري دوري تي صدر جوبائيڊن فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ٻه رياستي حل جي لاءِ ڳالهيون ڪيون هيون. پر سچ ته اهو آهي ته اڄ جي اڪثر عرب ۽ مسلمان ملڪن جي اڳواڻن جي لاءِ ٻه رياستي حل جو حوالو ڏيڻ ڄڻ گناهه ٿي پيو آهي اتي تعجب جي ڳالهه ناهي ته اهڙي صورتحال ۾ هڪ اسرائيلي وزير فلسطيني قوم جي وجود کان انڪار ڪري. فرانس ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسرائيلي ناڻي واري وزير ”بيزليل سموٽريچ“ چيو هيو ته فلسطين جي ڪا به تاريخ يا ثقافت ناهي ۽ نه ئي فلسطيني عوام نالي ڪا به شيءِ آهي. يهودين لبنان سان پنهنجي جنون جو ڏيکاءُ پڻ ڪيو هيو، جڏهن ڪانفرنس ۾ هڪ نقشو ظاهر ڪيو ويو هيو، جنهن ۾ اولھه ڪناري ۽ اردن کي اسرائيل جو حصو ڏيکاريو ويو هيو. پر اسان جي لاءِ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اسرائيل جي چوگرد عرب دنيا جو مستقبل ڇا هوندو؟ ڇا ”پيڪس زينيڪا“ تحت گارنٽيڊ سيڪيورٽي جي زندگي گذارڻ لاءِ شيخن پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو آهي؟.
برطانوي فرينچ ڪنڊومينيم وچ اوڀر ۾ پهرين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ آمريڪا بالادستي ڏانهن منتقل ٿيو، جيڪو مسلسل هلندو ٿو اچي. بهرحال، تازو سعودي عرب ۽ ايران لاڳاپن جو مظاهرو ڪري هڪ نئين طاقت طور تي پاڻ کي وچ اوڀر ۾ مثبت طور تي ثابت ڪيو آهي. ساڳي جاءِ تي چين جو هجڻ وچ اوڀر جي تاريخ ۾ هڪ مثال به آهي. چين جي هڪ الڳ تهذيب آهي جنهن رڳو پنهنجي ملڪ اندر ترقي ڪئي آهي، پر اهي دنيا کان ڪٽيل رهيا آهن، سواءِ اولھه ۾ ”تيان شان“ جبلن ۽ ڏکڻ ۾ سلڪ روڊ جي نيٽ ورڪ رستي ملڪن کي ڳنڍين ٿا، جنهن ۾ اهي رڳو پنهنجو ڪاروبار وڌائڻ جي ڳالهه ڪندا رهن ٿا، ان کان علاوه چين جو هجڻ نه هجڻ جي برابر آهي. انهيءَ وسيع جيوپوليٽڪس اندر چيني ماڻهن جو پنهنجو هڪ فلسفو آهي، اهي اجتماعي ۽ انفرادي طور تي ملڪ اندر زندگيءَ جا سڀ پهلو سنڀالي هلن ٿا. (بدقسمتي سان چائينا پنهنجن معاملن کي پنهنجي طريقي سان حتمي ۽ واحد نظام سمجهي اڪثر ڪري غيرچيني تهذيبن ۽ تمدن جي توهين جو مظاهرو به ڪري ٿو. سو چين ساڳي تي هن خطي کي ڪيئن متاثر ڪندو، اهو صرف ايندڙ تاريخ ڄاڻي ٿي، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته مغربي تسلط جو ڊگهو دور ختم ٿيڻ وارو آهي، ۽ اسرائيل پنهنجي بقا جي جنگ وڙهندو.
14 مئي 1948ع تي يهودي ايجنسي جي سربراھ ڊيوڊ بن گورين اسرائيل جي رياست جي قيام جو اعلان ڪيو هيو. آمريڪي صدر هيري ايس ٽرومين ان ساڳئي ڏينهن تي يهودين جي نئين قوم کي پڻ تسليم ڪيو هيو. جيتوڻيڪ آمريڪا ان ڳالهه جي حمايت ڪئي ۽ 1917ع تي سرڪاري طور اعلان به ڪيو هيو، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ”يو اين او“ جا سڀ عملدار فلسطين جي ڌرتي تي يهودين جو هڪ ”قومي گهر“ قائم ڪرڻ جي حامي ڀري ويٺا هئا، صدر فرينڪلن ڊي روزويلٽ 1945ع ۾ عربن کي يقين ڏياريو هيو ته آمريڪا ان خطي ۾ يهودين ۽ عربن ٻنهي جي صلاح مشوري کانسواءِ مداخلت نه ڪندو. پر آمريڪا مئي 1948ع تائين فلسطين لاءِ هڪ ”نوآبادياتي مينڊيٽ“ رکيو هيو، ساڳي جاءِ تي فلسطين ۾ هڪ يهودي رياست ۽ هڪ عرب رياست جي قيام سان گڏوگڏ يهودي پناهگيرن جي آمريڪي خطي ۾ هڪ ڄاتل مدي تائين بند رکي هئي ته ڪير به يهودي ڪنهن به انگريز ملڪ ۾ لڏي نه ويندو ۽ جيڪي آهن اهي به هڪ ڌڪ فلسطين هليا اچن، ڇو ته عيسائي ملڪ يهودين مان شروع کان ئي تنگ هيا.
برطانيا فلسطين ۾ پنهنجي اهم سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي حفاظت لاءِ عربن سان سٺا لاڳاپا رکڻ چاهيا هيا. صدر ٽرومين جي آفيس ۾ اچڻ کانپوءِ هن فلسطين جي مسئلي جي مطالعي لاءِ ڪيترن ئي ماهرن کي مقرر ڪيو هيو. 1946 جي اونهاري ۾ ٽرومين هڪ خاص ڪابينا ڪميٽي ڊاڪٽر هينري ايف گريڊي جي صدارت هيٺ قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ هڪ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ، جنهن هڪ متوازي طور برطانوي ڪميٽي سان ڳالهين ۾ داخل ٿي فلسطين جي مستقبل تي بحث ڪيو. مئي 1946ع ۾ ٽرومين 100,000 بي گھر ٿيل ماڻهن کي فلسطينن کي پنهنجي ڌرتي ۾ داخل ڪرڻ جي سفارش جي منظوري جو اعلان ڪيو هيو ۽ آڪٽوبر 1946ع ۾ عوامي طور تي يهودي رياست جي قيام جي حمايت جو اعلان به ڪيو هيو. 1947ع ۾ گڏيل قومن جي خاص ڪميشن فلسطين جي مسئلي جو جائزو ورتو ۽ فلسطين کي يهودي ۽ هڪ عرب رياست ۾ ورهائڻ جي سفارش ڪئي. 29 نومبر 1947 ع تي گڏيل قومن جي قرارداد 181 (جنهن کي ورهاڱي جي قرارداد جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو) منظور ڪيو، جنهن مئي 1948ع ۾ برطانيا جي اڳوڻي فلسطيني مينڊيٽ کي يهودين ۽ عرب رياستن ۾ ورهائي ڇڏيو هيو. قرارداد جي تحت يروشلم جي چوڌاري مذهبي اهميت وارو علائقو (بيت المقدس) گڏيل قومن جي انتظام ۽ بين الاقوامي ڪنٽرول هيٺ هڪ ”ڪورپس سيپريٽم“ تحت رهندو. جيتوڻيڪ آمريڪا قرارداد 181 جي حمايت ڪئي هئي، يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ به گڏيل قومن جي اعتماد سازي جي سفارش ڪئي هئي، جنهن ۾ يهودين جي اميگريشن ۽ فلسطين کي جدا جدا يهودي ۽ عرب صوبن ۾ ورهايو ويو پر پوءِ به اهي ٻه رياستون نه هيون.
آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ عرب دنيا ۾ وڌندڙ سوويت يونين جي ڪردار جي امڪان سبب آمريڪا کي تيل جي فراهمي تي عرب دنيا اندر تيل جي پيداوار سبب مسلم ملڪن طرفان پابنديءَ جي امڪان بابت يهودين طرفان آمريڪي مداخلت جي صلاح ڏني وئي هئي. بعد ۾ جيئن فلسطين مان برطانوي روانگي جي تاريخ ويجهو ايندي وئي، تڏهن عرب دنيا به فلسطين ۾ هڪ مڪمل جنگ جي امڪان جي باري ۾ پريشان ٿيندي وئي، ۽ جيئن ئي گڏيل قومن جي ورهاڱي جي قرارداد منظور ڪئي، تڏهن عرب رياستن کي انڪار جي صورت ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان حملي جي ڌمڪي ڏني وئي هئي. فلسطيني عربن ۽ فلسطيني يهودين جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار جي باوجود، آمريڪي رياست طرفان اعتماد جي تصديق جي هوندي، ٽرمين آخرڪار فيصلو ڪيو ته رياست اسرائيل کي تسليم ڪيو وڃي ۽ يهودين جي نوآبدياتي اسڪيم تحت انهن کي يورپ ۽ ٻين انگريز ۽ غيرانگريز ملڪن مان فلسطين جي ڌرتيءَ تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي ته جيئن اسرائيل جي آباديءَ کي وڌائي ٻيڻو ۽ چئوڻو ڪري سگهجي ۽ فلسطيني عربن جي ڀيٽ ۾ اسرائيل جي سبقت ڏيکارجي ۽ اسرائيل کي هڪ طاقت طور آڻجي نه ته ٻي صورت ۾ عرب ۽ مسلم دنيا هڪ ٿي اسرائيل کي چٿي سگهن ٿا.