ايران جي اسرائيل تي حملي کان پوءِ خطي ۾ وڌندڙ  ڇڪتاڻ  

ايران بدلي چڪائڻ لاءِ اسرائيل تي حملو ڪيو. محدود ھدفن کي نشانو بڻايو ويو آھي.ڊرونز ۽ ميزائيل فائر ڪيا ويا.حملو 13 ۽ 14 اپريل جي وچ واري رات ڪيو ويو.جيڪو ايران جي دمشق ۾ واقع سفارتخاني تي اسرائيل پاران 2 اپريل تي ڪيل حملي جو جواب ھو.

تازي ڪارروائي سان گڏ ايران خبردارپڻ  ڪيو آھي ته جيڪڏهن اسرائيل ان جو جواب ڏنو تھ وري بھ ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي. اھا ڳالھھ ايراني فوج جي چيف ھڪ بيان ۾ چئي آھي.

ايران دمشق ۾ سفارتخاني تي ڪيل حملي جي جواب ۾ رات دير سان اسرائيل تي 200 کان وڌيڪ ميزائل ۽ خودڪش ڊرون فائر ڪيا.

اسرائيلي فوج  موجب علائقي ۾ ايرو ايئر ڊفينس سسٽم ۽ اتحادين جي مدد سان اڪثر ميزائل ۽ ڊرون کي اسرائيل جي سرحدن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ناڪاره بڻايو ويو ويو.

اسرائيل تي بدلي چڪائڻ لاءِ ڪيل ڪارروائي بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي. اھو تڪرار علائقائي کان اڳتي وڌي عالمي سطح جو مسئلو بڻجندو پيو وڃي. دنيا جي مخلتف وڏن ملڪ پاران مفادن واري جاري ڇڪتاڻ ۾ علائقي جا ملڪ بھ ڪنھن نھ ڪنھن جو پاسو کڻندا،جنھن سان ڌريون نئين صف بندي ۾ شامل ٿي ڪري ھڪ ٻئي جي سامھون ٿي سگھن ٿيون.

گڏيل قومن، سعودي عرب خدشن جو اظهار ڪندي ڌرين کي ڇڪتاڻ نه وڌائڻ جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته آمريڪا، ڪئناڊا، برطانيا ۽ ٻين يورپي ملڪن اسرائيل جو دفاع ڪندي خطي ۾ عدم استحڪام جي خطري کان خبردار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايراني حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڌرين تي زور ڏنو آهي ته ڇڪتاڻ نه وڌائي وڃي.سندس چوڻ هو تھ دنيا جنگ جي متحمل نٿي ٿي سگهي.

سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت خطي ۾ ”فوجي ڇڪتاڻ“ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڌرين تي زور ڀريو ته هو ”جنگ جي خطرن“ کان بچڻ لاءِ تحمل کان ڪم وٺن. وزارت خبردار ڪيو ته جيڪڏهن تڪرار وڌيو ته ان جا "سنگين نتيجا” نڪرندا.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته تڪرار جو اهو دور ”غزا جي تڪرار کي وڌائي سگهي ٿو“ ۽ ان کي جلد کان جلد ختم ڪرڻ ”اولين ترجيح“ ھوندي. برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ اسرائيل تي ايراني حملي جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙن حملن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.

ھندستان  ايران جي تازي حملي کانپوءِ خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پڻ مذمت ڪندي چيو ته اسان اسرائيل سان گڏ آهيون، اهي حملا هڪ ڀيرو ٻيهر خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي متاثر ڪندا.ان کان سواءِ جرمني، فرانس، يورپي يونين، اسپين، ڊچ، ڊنمارڪ ۽ ٻين ايراني حملن جي مذمت ڪئي آھي.

ايران واشنگٽن کي بھ خبردار ڪيو آهي ته اسرائيل جي جوابي ڪارروائي جي حمايت ڪئي وئي تھ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻايو ويندو.ٻئي پاسي  ايران جي گڏيل قومن ۾ مشن چيو آهي ته ايران گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 جي تحت پنهنجي بچاءَ  جو حق استعمال ڪيو آهي ۽ اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ‘هڪ وڌيڪ غلطي’ ڪئي ته ان جا سخت نتيجا نڪرندا.

ايران جو ھي هڪ محدود ۽ محتاط حملو آهي.جنھن ۾ محدود نقصان ٿيو آھي.تاحال اسرائيل ۽ ان جا اتحادي حملي جو جائزو وٺي رهيا آهن.جيتوڻيڪ آمريڪا ۽ برطانيه تحمل تي زور ڏئي رهيا آهن،پر اسرائيل جو چوڻ آهي ته هو مختلف پاسن  تي غور ڪري رهيو آهي.

آمريڪا جي سيون ملڪن جو بھ ھڪ اھم اجلاس تڪڙو طلب ڪري ورتو آھي،جئين ان معاملي تي ويچاري سگھجي. ان کانسواءِ اسرائيل جي درخواست تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪاوئونسل جو اھم اجلاس بھ ٿي رھيو آھي.

آمريڪي ميڊيا موجب جوبائيڊن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملي کانپوءِ آمريڪا ايران تي اسرائيلي حملي ۾ شامل نه ٿيندو. پر ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آھي تھ اسرائيل طرفان ڪنهن به قسم جو جواب اسرائيلي اتحادين سان صلاح کانپوءِ ڏنو ويندو.

اسرائيلي فوجي ترجمان  جو چوڻ آھي تھ 99 سيڪڙو  ميزائل ۽ ڊرون هدف تائين پهچڻ کان اڳ ناڪاره ڪيا ويا، پر هن تصديق ڪئي ته ميزائل سان ناواٽيم ايئربيس نشانو بڻيو آھي.۽ فوجي تنصيب کي معمولي نقصان  رسيو آھي.ھڪ ماڻھو جي مارجڻ جي بھ تصديق ڪئي وئي آھي، باقي تفصيل جاري نھ ڪيا ويا آھن.

اسرائيلي وزيراعظم  نيتن ياهو، ايراني حملي کانپوءِ ردعمل ظاهر ڪندي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سندس ملڪ ئي ”سوڀارو“ ٿيندو.ان کان اڳ عوام کي خطاب ڪندي هن چيو ته سندس فوج ھر صورتحال لاءِ تيار آهي.

چين اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ تازي تڪرار تي ڌرين کي "تحمل” جي مظاھري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.آچر تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته کين "ھاڻوڪي ڇڪتاڻ  ڳڻتي جوڳي“ آھي پر "هن لاڳاپيل ڌرين کي پرامن رهڻ لاءِ چيو آهي.”چين جا ايران سان ويجها سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپا آهن، جڏهن ته آمريڪا گذريل هفتي بيجنگ کي چيو ھو  ته اھو تهران تي زور ڀري ته هو اسرائيل خلاف جوابي ڪارروائي نه ڪري.

ايران جي اسرائيل تي حملن بعد  ايراني عوام ۾ گڏيل ردعمل سامهون آيو آهي.هڪ طرف ڪيترن ئي شهرن ۾ پيٽرول پمپن تي گاڏين جون قطارون نظر آيون،ڪيترائي ماڻهو ايران خلاف امڪاني اسرائيلي جواب تي ڳڻتي ۾ آهن. جنهنڪري اھي شھرن کان ٻھراڙي ڏانھن وڃڻ پيا چاهين.

ساڳئي وقت، تهران، شيراز، گورگان، پيران شهر ۽ خرم آباد ۾ ماڻهن جشن ملھايا آھن.

صدر جو بائڊن چيو آهي ته هو آچر تي جي سيون ملڪن جي اڳواڻن جو اجلاس گهرائيندو،جنھن ۾ ”ايران جي جارحاڻي حملي تي عالمي سفارتي جواب“ بابت غور ڪيو ويندو.صدر بائيڊن  چيو ته سندس ٽيم اسرائيل جي اڳواڻن سان  رابطي ۾ رهندي.بائيڊن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به آمريڪي تنصيبات تي حملو نه ڪيو ويو آھي ان ھوندي بھ فوج ھر خطري لاءِ الرٽ رهندي ۽ ”اسان پنهنجي ماڻهن جي حفاظت لاءِ ڪنھن بھ ضروري قدم کڻڻ کان نھ ڪيٻائينداسين.

ھوڏانھن جو بائيڊن چيو آهي ته آمريڪا "ايران پاران فائر ڪيل تقريبن سمورن ڊرونز ۽ ميزائل کي مارڻ ۾ اسرائيل جي مدد ڪئي آهي.”آمريڪا اھو بھ چيو آھي تھ هي اسرائيلي سرزمين تي ايران پاران هڪ انتهائي غير معمولي ۽ سڌو حملو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.