سول بالادستي جي جنگ ۽ حڪومت خلاف جڙيل اتحاد

ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ سول ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ تڪرار وارو معاملو گھڻو پراڻو آھي.ان جي شروعات ملڪ جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ٿي وئي ھئي.جنھن جو ئي نتيجو آھي جو ملڪ جي مٿان وقت بوقت فوج قبضو ڪندي رھي آھي.دلچسپ پھلوءَ ھي آھي تھ ملڪ جي عمر ۾ جمھوريت جو وقت ٿورڙو ئي رھيو آھي.جنھن ۾ بھ سڌي يا اڻسڌي ريت اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت رھندي آئي آھي.ان دوران ڪيل بندوبست تحت فوج جي مرضي سان ھٿ سان جوڙيل اسيمبليون بھ قائم ٿينديون رھيون آھن.جنھن ۾ محمد خان جوڻيجو واري حڪومت ۽ پرويزمشرف جي دور ۾ جوڙيل جڙتو سول حڪومت شامل آھي.

ملڪ جي پھرين سول ۽ ڪنھن حد تائين جمھوري حڪومت جو دور ۾ 1970ع کان شمار ڪري سگھجي ٿو.جنھن ۾ اسٽيبلشمينٽ گھڻي دٻاءُ ۾ اچڻ سبب ھڪ جمھوري حڪومت کي ڪجهھ وقت ڏنو ھو،پر جيڪڏھن ملڪي سياسي تاريخ جو بي رحمي سان جائزو ورتو وڃي تھ پتو پوندو تھ ملڪ ۾ غيرجمھوري قوتن جي قبضي سبب ملڪ ۾ جمھوريت جو ٻوٽو اسري ۽ نسري نھ سگھيو آھي.جنھن سبب جمھوري رويا نھ جڙيا آھن،جمھوري قدر سگھارا نھ ٿي سگھيا آھن.جمھوريت جي لاءِ ماحول پئدا نھ ٿي سگھيو آھي.اھو ئي سبب آھي تھ ملڪ ۾ جمھوريت جون پاڙون پختيون نھ ٿي سگھيون آھن.

ويجھي ماضي ۾ جنرل مشرف بعد 2008ع کان پوءِ جو  آيل آخري جمھوري مرحلي کان ويندي ھن وقت تائين ڪو بھ وزيراعظم پنھنجو مدو پورو ڪري نھ سگھيو آھي.عدليھ،اسٽيبلشمينٽ ۽ پارليامينٽ وچ ۾ اختيارن جي اھا جنگ ھاڻي گھڻي شدت واري ٿي وئي آھي.ڪنھن جمھوري رويي نھ ھئڻ ڪري ملڪ ۾ صورتحال گھڻي ڳڻتي واري آھي.

ھاڻوڪي جمھويت کي ملڪ جا ڏاھا مفڪر  ھاءِ برڊ جمھوريت جو نالو ڏئي رھيا آھن،جنھن مان شايد انھن جو مطلب ھي آھي تھ ھڪ اھڙي جمھوريت جيڪا اسٽيبلشميٽ اڳيان وڌيڪ  اختيارن تان ھٿ کڻي ان ۾ سندس   حصيداري سان ملڪ جو ڪاروھنوار ھلائي.اھڙي جمھوريت جو پھريون تجربو پاڪستان تحريڪ انصاف جي جوڙيل حڪومت سان شروع ٿيو ھو،جيڪو ساڳي ئي پارليامينٽ ۾ پي ڊي ايم حوالي حڪومت ڪرڻ سان انھن سياستدانن کي پڻ ساڳئي تجربي سان نوازيو ويو.

2024ع وارين چونڊن جي ڪمال سان آيل پي ڊي ايم پارٽ ٽو ۾ ھاڻي بھ ملڪ ۾ جمھوريت جو حال ساڳيو ئي آھي،رڳو ڪجھه ڪردار بدلجي ويا آھن،باقي ان جي ڪيفيت ۾ ڪو فرق نھ آيو آھي.ھاڻوڪين چونڊن جو ڪمال ھي ھو تھ ڪنھن بھ جماعت کي ان تي اطمينان نھ ھو پر ھر ڌر ان کي قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي وئي.

ان پس منظر ۾  ھاڻي وري پاڪستان تحريڪ انصاف سان گڏجي ڪري ٻيون سياسي جماعتون حڪومت خلاف گڏ ٿي ويون آھن.جيڪي حڪومت خلاف تحريڪ ھلائڻ جو پروگرام جوڙي رھيون آھن.پشتونخوا ملي عوامي پارٽي (پي ڪي ايم پي) جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر محمود خان اچڪزئي جلسي کي خطاب ڪندي  مطالبو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني  ۽ سندس پارٽي جي ميمبرن خلاف قائم ڪيل ڪيسن خلاف پارليامينٽ ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ختم ڪيا وڃن،

پشين ۾ مخالف ڌر جي اتحاد جي جلسي کي خطاب ڪندي ھن  چيو ته سندس گڏجڻ  اتحادي حڪومت جي خاتمي لاءِ نھ پر آئين جي بالادستي لاءِ آهي،ماڻهن کي هتي قلم 144 جي ڀڃڪڙي تي گولي هنئي وڃي ٿي پر آئين جي پائمالي تي جنرلن کان ڪير نٿو پڇي.جڏھن تھ آئين جي پائمالي سڀ کان وڏي غداري آهي.

جلسي کي خطاب ڪندي  هن چيو ته پاڪستان ۾ آئين ۽ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي بالادستي تسليم ڪرڻي پوندي.جيڪو به جنرل، جج، صحافي يا ڪو ٻيو ان کي تسليم نه ڪندو ته اسان ان کي مرده باد چونداسين، اسان ڪنهن به سويلين يا فوجي اداري جي سربراهه جي مدي ۾ واڌ کي تسليم نه ڪنداسين، هن چيو ته هتي ڪو به ڪنهن جو غلام يا آقا ناهي، سڀ برابر آهيون، اسان کي عوام جي طاقت سان انقلاب آڻڻو آهي.

جلسي کي بلوچستان عوامي پارٽي  جي سربراهه سردار اختر مينگل جو چوڻ  ھو ته هو مرڪز ۾ ٺهندڙ حڪومت کي پاڪستان جي حڪومت نٿا سمجهن، هي حڪومت فارم 47 ۽ اليڪشن ڪميشن جي حڪومت آهي.هن چيو ته ڪڪڙ چور ۽ موٽرسائيڪل چور کي پڪڙي سگهو ٿا پر ملڪ جي عوام جو مينڊيٽ چوري ڪندڙن کي ڇو نٿو پڪڙيو وڃي.سندس چوڻ ھو تھ بلوچستان ۾ اهڙن ماڻهن کي ڪامياب ڪرايو ويو جن کي تڪ وارا به نٿا سڃاڻين، ھن جو چوڻ ھو تھ ملڪ جو عوام ھن وقت بدحالي، بيروزگار ۽ هڪ ويلي جي ماني لاءِ تڙپي رهيو آهي، رشوت کانسواءِ روزگار نٿو ملي.عمر ايوب جو چوڻ ھو تھ عوام جي طاقت آڏو ڪير به بيهي نٿو سگهي.

جلسي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته چونڊ نتيجا مرتب ڪري سڄي ملڪ ۾ فام 45 تحت اعلان ڪيو وڃي. پاڪستان جا سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ۽ ملڪ جا سمورا ادارا عوام جي چونڊيل پارليامينٽ جي تابع هئڻ گهرجن،اھو پڻ مطالبو ڪيو ويو تھ سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي

ھاڻي جڏھن سموري ملڪ ۾ چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جون دانھون سامھون  اچي رھيون آھن، ان جو حل تھ اھو ئي آھي تھ وقت جي حڪومت ٿوري ھمٿ ڪري ھڪ آزاد ڪميشن  جوڙي جيڪا اھو طئي ڪري تھ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪنھن سان ھاڻوڪي چونڊن ۾ زيادتيءَ ٿي آھي.

بدقسمتيءَ سان ھر اقتدار ۾ ايندڙ ڌر اسٽيبلشمنيٽ کي پنھنجو ڪلھو استعمال ڪرڻ لاءِ ڏيڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿي ۽جڏھن اپوزيشن ۾ ھوندي آھي تھ وري اقتدار ۾ موجود ڌر کي طعنا ڏيندي آھي، پر پنھنجي اندر ۾ جمھوري روين کي بھتر ڪرڻ ۽ حقيقت پسندي واري رويي تي عمل ڪرڻ نھ چاھيندي آھي.

اھو سمورين سياسي ڌرين کي سوچڻ گھرجي تھ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ملڪ ھر طرح سان نازڪ دور ۾ داخل ٿي رھيو آھي.جيڪڏھن ان کي سمجھڻ ۽ ان موجب ڏاھپ ۽ تحمل سان قدم نھ کنيا ويا تھ ان جو ملڪ عوام ۽ جمھريت کي اھڙو نقصان رسندو جنھن جو وري شايد ازالو ٿيڻ ممڪن نھ ھجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.