نِينهن جي نعرن ۾ ڇُلڪندڙ ”عشق سمندر“

تحرير: ناصر گل قاضي

اِنسان جي عظمت کي سچو سمجُهون ٿا،

هر ڪنھن کي اسان صاف سُٺو سمجهون ٿا،

پر جو ديس جو دُشمن جو ٿئي ٿو ’حامي‘،

اُن ڪڙم جي ويريءَ کي ڪُتو سمجهون ٿا.

 

اِن رُباعيءَ سان سندس بيان جي شروعات ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ اُن وقت خيرپور وارو ’سچل اڪيڊمي آڊيٽوريم‘ اَديبن سان کچاکچ ڀريل آهي، تنھن هوندي به هال ۾ مڪمل سانت ڇانيل آهي ۽ هر هڪ اُن سچل جي يگاني عاشق ۽ ’حاميءَ‘ جي حاميءَ طرف متوجھه آهي. سندس آواز پنھنجي مڪمّل آب ۽ تاب سان گُونجي رهيو آهي، جيڪو آواز پنھنجي پُر شڪوهه اندازَ جي سَنگهر سان سڀني حاضرين کي سُڪ ڪري ڇڏيو آهي. اها سندس استاد سان عقيدت چئجي يا نئين روايت جي ابتدا، جو ڪانفرنس، سيمينار يا مشاعري ۾ پڙهجندڙ سندس نثري تحرير يا شعر جو موضوع کڻي ڪھڙو به هجي، پر ابتدا ’حاميءَ‘ جي ڪلام سان ئي ڪندو هو. اَڄ به سچل سائينءَ جي شاعري سندس موضوع آهي، پر هميشه جيان پنھنجي اظهارَ جي پنٿ تي، ’حاميءَ‘ جو گس وٺي، سچل طرف راهي آهي.

منھنجو ڳاٽ اِن ڳالهه تي هميشه اُوچو رهندو ته آءٌ سندس ئي ذات ۽ ڏات جو تسلسل، سندس ئي اولاد آهيان ۽ هي جيڪي به ٻه ٽي اُبتا سُبتا اَکر لکي سگهان ٿو، اهو سندس ئي چِيچ پڪڙي هلڻ جو ثمر آهي. هو هڪ مثالي پيءُ ۽ هڪ بي مثال رهبر هو.

ڪونه وسريو آهي اهو وقت، جڏهن هو منھنجي ننڍڙي وجود کي پيار سان پنھنجي پيٽ تي ويھاري ’اوّلَ ۾ الله ڀلو، سائينءَ وڌو ساهه ڀلو‘ وارا لوڪ ٻول مڪمل آهنگَ ۽ روانيءَ سان اُچاريندو هو. ڪٿي وسريُون آهن فل اسڪيپ ڪاغذ جي عمودي اَڌ تي سندس هٿ اکرن ۾ لکيل ’حامي‘ صاحب جُون اُهي رباعيون، جيڪي ڪنھن نصابي سبق جيان ياد ڪرڻ مون تي ڄڻ فرض هونديُون هيون. سندس آڏو ويھي ڪنھن محفل ۾ هارمونيم تي هٿ رکي ڪي سِٽون جهونگاريم، ڊائس تي اچي ڪابه لکڻي پڙهيم يا اخبار ۾ منھنجو ڪوبه مواد ڇپيو، تڏهن سندس مرڪن جي تحفن سان گڏ شاباسي جملا منھنجي همت افزائي ضرور ڪندا هئا. سندس محبت ۽ اهي مرڪُون منھنجي هر ادائگيءَ جي سدائين آجيان ڪنديون هيون. نصابي ڪتابن کان هٽي ڪري، علم اَدب سان چاهه هڪ ننڍڙي نونھال جي اَندر ڪيئن اوتجي، اهو هنر هو چڱيءَ ريت ڄاڻندو هو. اِن حوالي سان مون کي هڪ ننڍپڻ جو هڪڙو واقعو ياد پوي ٿو ته هڪ ڀيري جمعي جي موڪل واري ڏينھن تي اسين گهر جا ننڍڙا ٻالڪ راند روند ۾ مصروف هئاسين، راند به ڪا خاص نه، پر ڪرڪيٽ، اَک ٻُوٽ، يا ڀڄڻ ڊڪڻ واري ڪا راند هئي. اُن جمعي واري ڏينھن کان هڪ ڏينھن اڳ، يعني خميس جي شام جو اسان جي گهر ۾ ٻاهران ڪي کوکا (ڪارٽن) آيا هئا، جيڪي گهر جي اَڱڻ جي هڪ پاسي کان رکيل هئا، جن کوکن ۾ سندس ئي تازي ڇپجي آيل ڪتاب ’ڪرڻا ڪرڻا‘ جُون ڪاپيون پيل هيون. هاڻ ٻارڙن کي فضول راند مان آجو ڪري، کين مصروف ڪيئن رکڻو آهي، اها سندس ڪمال مھارت هئي. ڇا ڪيائين، جو گهر جي اَڱڻ تي هيٺ ڪا فراسي/تڏو وڇارايائين ۽ اسان ٻارن کي ’ٽاسڪ‘ ڏِنائين ته هنن کوکن مان ڏهه ڏهه ڪاپيون اَلڳ ڪندا، هيٺ تڏي تي رکندا وڃو ۽ پاڻ تڏي جي هڪ پاسي ويھي، اسان پاران ڳڻيل ڪتابن مان هڪ هڪ ڪتاب کڻي، اُنھيءَ جي پھرين صفحي تي ڪجهه لِکي، هڪ هڪ يا ٻه ٻه ڪاپيون ڌار ڌار لفافن ۾ بند ڪندو ويو. اسين ٻار اُن ڪم ۾ ايترو محو ٿي وياسين، جو سج لھڻ تائين به نه ڪتابن جون ڪاپين جي ڳڻپ مڪمل ڪري سگهياسين ۽ نه ئي اسان کي ڪنھن قسم جي بوريت محسوس ٿي.

هو پاڻ سنڌي ساهت جو منفرد سرهاڻ رکندڙ هڪ گل هو، جنهن پنھنجا 10 علمي گُلَ سنڌي اَدب تي نڇاور ڪيا، جن ۾ (1) ’وکريل موتي‘ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي مقالن جي سھيڙ)، (2) ’زندگيءَ ڏي موٽ‘ (ڪرشن چندر جي ڪھاڻين جو سنڌي ترجمو)، (3) ’ڪرڻا ڪرڻا‘ (ٻاراڻي شاعري)، (4) ’رَت ڀنا رابيل‘ (مزاحمتي شاعري)، (5) ’هٺيلي هرڻي‘ (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون)، (6) ’اَندر رُوح رهيام‘ (ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ جي شخصيت تي لِکيل مضمونن جي سھيڙ)، (7) ’اَکڙيون نيل ڪنول‘ (شاعري)، (8) ’اي آهو چشم ڪدهر‘ (شيخ اَياز جي ٻن ڪتابن ’هرڻ اَکي ڪيڏانھن‘ ۽ ’پتڻ ٿو پور ڪري‘ جو اُردو ترجمو، جيڪو هڪ ئي ڪتاب طور ڇپيو)، (9) ’رتو ديرو‘ (مختصر تاريخ) ۽ (10) ’عشق سمندر‘ (سچل سرمست جي فارسي مثنوين جو اُردو منظوم ترجمو ــ 2 ڇاپا) شامل آهن. هي ته سندس اُهو اَدبي ۽ تاريخي سَرمايو آهي، جيڪو اسان جي اَکين اڳيان آهي. اُن کانسواءِ هن جا ڪجھه اڻ چپيل ڪتاب به موجود آهن، جيڪي آهستي آهستي شايع ٿي پڙهندڙن تائين پهچندا، اُن کان علاوه هُو هڪ اَخلاق اُجار اُستاد طور سُڃاتو ويندڙ، شاعراڻي نگاهه سان صحافت ڪندي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح جي اهم واقعن کي چئن سِٽن ۾ بيان ڪري سنڌي اَخبارن ۾ نالو ڇڏيندڙ املهه موتي به هو.

هڪ حساس انسان طور توڙي هڪ اديب طور ٻارَ هن لاءِ وڏي اتساهه جو سبب هئا. هُو جڏهن انهن ٻارڙن سان قلم رستي پنهنجي پاٻوهه جو اظهار ڪرڻ گھري ٿو ته چئن مندن تي مشتمل ڪيترن ئي مندائتن گلدستن کي سلسليوار ’گلدستو‘ جو روپ وٺرائي، پنهنجي اسڪولَ ’عبدالحي قاضي ماڊل اسڪول رتيديري‘ پاران شايع ڪري سڄيءَ سنڌ جي ٻارن جي ذهني آبياريءَ جو اهتمام ڪري ٿو.

اَڄ سندس جنم ڏينھن آهي ۽ شايد سندس دل گُهريا ’سچل‘ ۽ ’حامي‘ به بھشت جي ايوان جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ پنھنجي ان شارح، مرتب ۽ مترجم کي سندس 74هين جنم ڏينھن جي مبارڪباد ڏيندا هوندا ۽ اُهي به پنھنجي پنھنجي حِصي جا گُلابي گُل کيس اَرپيندا هوندا ۽ سندن نينھن جي نعرن جي گونج سان اتي به هڪ عشق سمندر موجزن هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.