ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ خراب موسم سبب ڪيتريون ئي اڏامون منسوخ ۽ ڪجهه دير جو شڪار ٿي ويون آهن.ايئرپورٽ ذريعن موجب ڪراچي کان گوادر ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام 503 ملتوي ڪئي وئي.ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ اڏام پي ڪي 308 دير جو شڪار ٿي وئي. ڪراچي کان لاهور ۽ ڪراچي کان اسلام آباد ايندڙ نجي ايئر لائن جون اڏامون ملتوي ڪيون ويون.ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 768 ملتوي ڪئي وئي.