يونيورسٽين اندر شاگردن کي ھراسان ڪرڻ وارو وڌندڙ رجحان

تحرير: ثاقب ابڙو

سڄي دنيا جي تعليمي ادارن خاص ڪري يونيورسٽين ۾ هراسان ڪرڻ جو عمل هڪ وڏي مسئلي طورڪر کنيو آھي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي هڪ رپورٽ موجب، سڄي دنيا ۾ تقريبن ھر 3 مان 1 شاگرد کي ڪنھن نه ڪنھن قسم جي ھراسگيءَ جو تجربو ضرور ٿيو آهي. افسوس جو اسان جي ادارن ۾ ان خوف جي فضا ايتري ته ڀوائتي آھي جو ان سبب حياتيون داءُ تي لڳيو وڃن ۽ روشن مستقبل جون واٽون ونجهھ وٽيءَ جيئان وٽجيو وڃن.

شاگرد پنھنجي پڙھائي ڇڏي گوشي نشيني اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيو وڃن. ان قسم جا رپورٽ ٿيندڙ واقعا سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي درپيش ڏکوئيندڙ صورتحال جي حقيقت بيان ڪن ٿا. سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن جا آواز ان مسئلي جي شدت کي کولي بيان ڪن ٿا. پنھنجي سڃاڻپ رازداري ۾ رکڻ جي صورت ۾ پنھنجا تجربا ونڊيندي شاگردياڻيون ٻڌائين ٿيون ته کين امتحان ۾ پاس ٿيڻ ، پروجيڪٽ جي منظوري، اسڪالرشپ گرانٽس حاصل ڪرڻ ۽ ٻين معاملن ۾ ڳجھن جو منھن ڏسڻو پوي ٿو. ٻيو نه ته به ڪپڙن تي تبصرا ڪرڻ، ٻٽي معني وارن جملن جو استعمال، ۽ ٻي ھر اھا اڻوندڙ ڳالهھ ڪرڻ روز جو معمول بڻيل آھي. سڄي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگردن کي ھراسان ڪرڻ جا واقعا انتهائي ڏکوئيندڙ آهن، جنهن جا نتيجا شاگردن ۽ انهن جي خاندان کي متاثر ڪن ٿا. هراسان ڪرڻ نه صرف تعليم جي بنيادي حق کي نقصان پهچائي ٿو پر متاثر ماڻهن کي سخت نفسياتي ۽ جذباتي صدمو به پهچائي ٿو. خاص طور تي عورتون ان اثر ھيٺ انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينديون آھن. يونيورسٽين ۽ اختيارين لاءِ اهو ضروري آهي ته هن مسئلي کي فوري طور تي حل ڪن. شاگردن وٽ مؤثر طريقي سان هن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ صلاحون پڻ آھن. جھڙوڪ:

¨ يونيورسٽين ۾ لازمي طور تي اينٽي هراسمينٽ ڪميٽين کي فعال ھجڻ گھرجي ۽ ڏوهن جي خلاف ترت فيصلا ڪيا وڃن.

¨ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هراسان ڪرڻ جي صورت ۾ سپورٽ ميڪنزم جي باري ۾ جامع آگاهي مهم شروع ڪجي.

¨ استادن جي چيمبرز ۾ سي سي ٽي وي ڪئمرا نصب ٿيل ھجن ۽ آفيس جي دروازن تي شيشا نصب ھجن.

¨ متاثرين ۽ شاگردن لاءِ نفسياتي ماهرن سان ذاتي سيشن مهيا ڪجن ته جيئن مددگار ماحول کي ھٿي ملي.

¨ شڪات داخل ڪرڻ جو طريقيڪار شفاف، آسان ۽ تسلي بخش ھجي ته جيئن متاثرين بدلي جو خوف کان بي ڊپا ٿي اڳتي اچن. ۽ ساڻن ٿيندڙ ھراسگيءَ بابت کلي ڳالھائي سگھن.

¨ موجوده قانونن ۽ ضابطن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ هراسان ڪندڙ کي فوري ۽ قانون مطابق سزا ملي.

¨ والدين ۽ اولاد وچ روز جي بنياد تي ڳالھ ٻول جي سلسلي کي قائم رکڻ کپي.

انھن صلاحن سميت سول سوسائٽي، بنيادي حقن جي تنظيمن ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي نمائندن پڻ درسگاھن مان ايندڙ اڻوندڙ خبرن جي حوالي سان بيچيني جو اظھار ڪيو آھي. سنڌ ۾ وومين پروٽيڪشن سيل جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي ڪارڪن ماروي اعواڻ، يونيورسٽين ۾ قائم هراسان ڪرڻ مخالف ڪميٽين جي قيام ۽ انھن کي فعال ڪرڻ جي اھميت کي اجاگر ڪري ٿي. يونيورسٽين کي شاگردن لاءِ محفوظ پناهه گاهه هجڻ گهرجي ۽ متاثرين جي حفاظت لاءِ فوري قدم کڻجي. ۽ کيس اھو احساس ڏيارجي ته ھن پاڻ تي ٿيندڙ ھراسگي بابت بلڪل درست ڪيو آھي. سنڌ ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي نمائندگي ڪندي صنم حبيب الله ڪبورو، هراسان ڪرڻ خلاف سخت مهم جي ضرورت تي زور ڀري ٿي. هوءَ ان ڳالهه تي پڻ زور ڀري ٿي ته يونيورسٽي انتظاميه فعال طور تي هر فرد جي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائي. متاثرين توڙي عام شاگردن ٻنهي لاءِ نفسياتي ۽ سماجي ماهرن سان ذاتي سيشنز ڪرڻ جي پڻ ضرورت آھي. ايڊووڪيٽ محمد نواز ڏاهري اينٽي هراسمينٽ ڪميٽين جي فعال ڪارڪردگي نه ھجڻ يا توھان جي مسئلن جو حل نه نڪرڻ جي صورت ۾ شاگردن کي ھمٿائي ٿو ته ھو ان بابت محتسب اعلي وٽ شڪايت داخل ڪن. قانونن ۽ ضابطن کي مؤثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ سان ئي ھن ڪڌي عمل کي نندي سگھجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.