ڪڻڪ جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ هارين جو علامتي جنازو

تحرير: ساقي ارشاد لورڙ 

هاريءَ زمين ۾ ،جيتري تائين سندس نظر ويندي اٿس  جتي اکين تائين زمينون پکڙيل هونديون آهن اتي ڄڻ ته سندس فصل نه هن جي زندگيءَ جي هر حسرت خواهش پنهنجي ڪهول جي هر خوشي پوکيل هوندي اٿس  ان خواهشن کي  پوکيندو رهندو آهي ايستائين جيستائين سندس فصل تيار تي مارڪيٽ ۾ نه اچي ، اتي ئي سندس خاموش جنازي جو جلوس نڪرندو آهي.  بهرحال، هي جنازو ڪنهن هڪ روح جو نه آهي، پر سڄي ڪهول جي زندگين  جو آهي هاريءَ جي روزي جو.  هن علامتي جنازي جو سبب؟  ڪڻڪ جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي، جيڪو خنجر حڪومت سندس سيني ۾ هنيو آهي جيڪو هن سان گڏ سندس ڪٽنب ۽ انهن جا ننڍڙا ارمان خواهشون مري وينديون آهن .

هاري ڪڙمي نسلن کان اڄُ  تائين، دنيا کي کارائڻ لاءِ  سج جي هيٺان محنت ڪندا آهن.  انهن جا هٿ سڙيل آهن، انهن جا ڪلها ذميواري جي وزن سان جھڪيل آهن، اهي ڏڪار، ٻوڏ ۽ موذي مرضن ۾ صبر ڪندي سسڪي بلڪي تڙپي مرندا رهيا آهن.  هو ازل کان محنتن باوجود پنهنجي منزل ماڻي نه سگهيا آهن هو پاڻ کي سدائين نراسائي جي کوھ ۾ غوطا کائيندي محسوس ڪندا رهيا آهن هو پاڻ کي مايوسي جي چوٽي تي بيٺي ڏسندا آهن جيئن ڪڻڪ جي قيمتن ۾ ڪمي آئي ڄڻ ته سندن دل جي ڌڙڪنئي رڪجي وئي هجي ۽ هو هڏڪيون ڏيڻ لڳا سندن خواب ٽٽي پيا خواهشون مري ويون جذبا ٿڌا ٿي ويا .

ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪڙمين ۽ هارين لاءِ رڳو معاشي بحران نه آهي.  اهو هڪ اخلاقي بحران آهي.  اهو هارين ۾ رکيل اعتماد جي خيانت جي نمائندگي ڪري ٿو، انهن جي محنت جي قيمت جو خاتمو، ۽ هڪ معزز معيشت جي بنيادي حق کي نظرانداز ڪري ٿو.

هن مسئلي جي دل تي فڪر جو هڪ پيچيده روڳ آهي، عالمي مارڪيٽ قوتن کان حڪومتي پاليسين ۽ ڪارپوريٽ مفادن تائين.  واپاري معاهدا جيڪي وڏين زرعي ڪاروباري جماعتن جي حق ۾ آهن، سبسڊيز جيڪي مارڪيٽ جي متحرڪ کي بگاڙين ٿيون، ۽ کاڌي جي ڪموڊفيڪيشن سڀني ڪڻڪ جي قيمتن جي هيٺاهين حصو ورتو آهي.  نتيجي طور هاري، ڏيوالپڻي جي ڪناري تي ٽنگيل رهجي ويا آهن.

اڄ جڏهن فصل تيار ٿي ويو آ ته قيمتن ۾ ڪمي ڪئي وئي آ قيمتون گهٽائي نه صرف هڪ هاري ڪڙمي مذدور  جو علامتي جنازو ڪڍيو آهي، خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن .  دنيا جي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل گلوبلائيزيشن ورلڊ سڏجندڙ دنيا اندر هارين ڪڙمين تي اڄُ به ٿيندڙ معاشي قتل عجب جبر بي حسي پارو عمل آهي  هن دور ۾، ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا نتيجا انهن شعبن کان پري محسوس ڪيا ويا آهن جن مان ڪڻڪ جي ٻج ڀاڻ هر پاڻي تيل تي هاري ويچاري ڪيتري ئي لاڳت ڪرڻ بعد  فصل اپايو آهي پر  مافيا جنهن کي سپلائي چين پڻ سڏجي ٿو زخيره اندوزن جو ٽولو تن ته مسڪين مظلوم کي مرڻ جيان ڪري ڇڏيو آ هو خوراڪ جون شيون اسٽاڪ ڪري مارڪيٽن ۾ اگهه گهٽ وڌڪرائي عام مسڪين هاري سان ناانصافي ڪري هن کي محرومين ۽ مجبورين جو شڪار ڪري سندن زندگي تنگ بڻائي پئي وڃي  ۽ سماجي اڻ برابري کي وڌايو، پيو وڃي.

اڄ به جيڪڏهن  ماحول ۾ فضائي گدلاڻ کان ويندي اسان جي خوراڪ کي برقرار رکي اسان کي جيون دان طور ڏيندڙ ڪو آهي ته اهو هڪ هاري آ جنهن پنهنجي پرواه نه ڪندي صرف فصل پوکي ٿو هزارين ڀيرا نقصان رسڻ بعد به ان اپائي ٿو ۽ اسان ۽ اوهان جو بکيو پيٽ ڀرڻ ڪارڻ ڏينهن رات هڪ ڪري ٿو پر  اسان ڇا پيا ڪريون اسان ته مٿن ظلم ٿيندي ڏسي خاموش تماشائي ٿي تاڙيو وڄائي رهيا آهيون نه هن جي ڪا تڪليف نظر اچي رهي آ نه هن جي ڪا ضرورت بس جي نظر اچي رهي آءُ سوچان ٿو ته هاڻ ته وڪيل  گروپن ۽ پاليسي سازن کي سندن سار لهڻ گهرجي هاڻ ته هنن جي حقن ڪارڻ آواز سر بلند ڪرڻ گهرجي هنن لاءِ  ڪي قانون سازي ڪرڻ گهرجي مٿن ٿيندڙ ظلم تي ڪو آواز اٿارڻ گهرجي منصفاڻي واپار جي عمل کي هٿي ڏيڻ جي شروعاتن کان وٺي زرعي سڌارن جي حمايت ڪندڙ تحريڪن کي متحرڪ ٿيڻ گهرجي ، زراعت جي پيشي کي عزت ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ  تحريڪ هلائڻ گهرجي . ته جيئن هي ساوا کيت سدائين آباد رهن هوائن ۾ هڳاھ ڪندا رهن ماحول معتر ڪندا رهن .  اچو ته گڏجي آواز اٿاريون، اقتدار سنڀاليندڙن کان احتساب جو مطالبو ڪريون، ۽ هڪ اهڙي مستقبل لاءِ  ڪم ڪريون، جتي هاريءَ کي پاسيرو نه ڪيو وڃي، پر اسان جي روزي جي سنڀاليندڙ جي حيثيت سان سندس هر طرح جو انصاف ڪيو وڃي .  ڇاڪاڻ ته هاريءَ جي محنت سان ئي  زمين ۽ انسانيت جي رشتي جي تقدير مظبوط آهي، ۽ انهن جي محبت ۾ هڪ روشن مستقبل جي ضمانت پڻ آهي .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.