اظھار جي آزادي تي وار ۽ صحافتي فرض

سڄي دنيا ۾ صحافي جي آواز  کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي،ماحول ۽ قانون مختلف ٿي سگھن ٿا پر انھن جو مقصد ساڳيو ئي ھوندو آھي.ھر ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ اتي  اظھار جي آزادي تي وار ڪري ٿي.صحافت جو ڪم مزاحمت ڪرڻ آھي.صحافت ھڪ اھڙو آئينو ھوندو آھي،جنھن ۾ ماحول ۾ جيڪو ڪجهھ ٿي رھيو ھوندو آھي ان جي تصوير پريس ڏيکاري ٿي.جنھن سان اسٽيبلشمينٽ جو ڀيانڪ چھرو سامھون اچي ٿو وڃي.جنھن ڪري ان بابت عوام جي جيڪا راءِ جڙي ٿي ان کان حڪمران ۽رياست ڊڄي ويندي آھي.

اڄ پاڪستان انتهائي مشڪل ۽ بدترين حالتن مان گذري رهيو آهي، اهو ان جي ڪري نه ته جمهوريت تي راتاهو هنيو ويندو رھيو آھي، پر ان ڪري بھ تھ ان سان گڏوگڏ ملڪ جي ميڊيا جو ڳلو دٻائي خاموش ڪيو وڃي ٿو. اهو رڳو ميڊيا کي خاموش ڪرڻ نه آهي پر ميڊيا کي خاموش ڪري عوام جو ڳلو دٻائي بند ڪيو ٿو وڃي. جنهن جو آواز اڳ ئي دٻيل آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا جو ڳلو دٻائڻ جو ڪم نه فقط هاڻوڪي رجيم ڪري رهي آهي پر ان کان اڳ واري هر رجيم پڻ ميڊيا جو ڳلو دٻائيندي رهي آهي.

عاصمه جهانگير ڪانفرنس دوران دنيا جي مختلف حصن مان آيل صحافين اظھار آزادي جي مسئلي تي خيال پيش ڪيا.ڪانفرنس ۾ ڏيهي توڙي پرڏيهي ناميارن صحافين شرڪت ڪئي. حامد مير چيو ته عاصمه جهانگير ڪانفرنس جو نعرو آهي ته جمهوريت  فقط اليڪشن جو نالو نھ آهي پر جمهوريت اصل ۾ عوام جي حقن جي تحفظ ڪرڻ جو نالو آهي.هن سوال اٿاريو تھ اھڙو  ملڪ جتي  جج پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪري رهيا آھن، اتي اھي عوام جي حقن جو تحفظ ڪيئن ڪري سگھندا ؟

اوهان جنهن آئين جي تحفظ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو اهو اڳ ئي غير محفوظ آهي، ان جي ڀڃڪڙي رڳو غير سياسي ماڻهو نه پيا ڪن پر سياستدان پڻ ان جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن. پاڪستان ۾ ميڊيا جا ماڻهو اهو چوندا رهيا آهن ته جيڪڏهن آئين تي عمل ٿئي ته گهڻا مسئلا حل ٿي ويندا پر حقيقت اها آهي ته آئين پاڻ ئي تحفظ گهري رهيو آهي.

ملڪ جو هر ادارو ۽ ماڻهو ڀاڙي تي ڪم پيا ڪن صحافي  پڻ  ان کان آجا نھ آهن، ميڊيا هائوسز، جج ۽ سياستدان ڀاڙي تي آهن.. هاڻي ته صحافين کي چيو ٿو وڃي ته اوهان جنرلزم ڇڏي ڪرنل ازم ڪريو.

بي بي سي سان تعلق رکندڙ برطانيا جي مشھور صحافي اوون بينٽ جانز جو چوڻ ھو تھ برطانيا۽ اولھه  جي ملڪن ۾ پڻ صحافت تي پابنديون آهن، پر اتي قانون جي مرضي تي هونديون آهن،  پاڪستان وانگر ڪنهن وزير جي مرضيءَ تي نھ ھوندو آھي.پرائيويسي لاز ۽ هيٽ لاز جهڙا قانون جوڙيل آهن.جنھن سان ڪنهن بااثر جي خلاف لکي يا ان جي  ڪرپشن متعلق لکي نٿا سگهون.ھن چيو تھ سڄي دنيا ۾ صحافين تي پابنديون مڙهيل آهن. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سڄي دنيا جي صحافتي برادري کي گڏجي جدوجهد ڪري رهي آهي.

عارفه نور جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ۾ هر ٽي وي چينل حڪومت يا رياست جي پئسن تي هلي رهيو آهي ته پوءِ اھي ڪيئن عوام جي حقن جي ڳالهه ڪندا ؟ ميڊيا هاڻي مزاحمت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، هاڻي ميڊيا رڳو اڳواڻن جا لائيو ٽيليڪاسٽ ۽ ٽاڪ شوز ڪري رهي آهي.

هندستان کان آيل صحافي سڌارٿ جو چوڻ ھو تھ اسان کي  فلسطيني صحافي کي سلام پيش ڪرڻ گهرجي جيڪو اسرائيل جي ظلم جو شڪار ٿيا آھن.دنيا ۾ صحافين کي خاموش ڪيو وڃي ٿو، پر ميڊيا ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سينسرشپ اها آهي جيڪا ميڊيا پاڻ اختيار ڪري ٿي.

هندستان ۾ ڪوبه ٽي وي چينل سچائي نٿو ڏيکاري.ڪابه اخبار سچائي نه پئي لکي.هندستان ۾ سرڪار ڊجيٽل ميڊيا کي دٻائڻ جي ڪم ۾رڌل آهي.

سينيئر صحافي ناصر زيدي جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ۾ ميڊيا نه اڳ آزاد هئي ۽ نه ئي هاڻي آزاد آهي، پر هن وقت پاڪستان ۾ ميڊيا اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو ڪنٽرول ۾ آهي ۽ اهو ڪنٽرول وفاقي انفارميشن جي وزارت ڪري ٿي. حڪومت پاران هن وقت پاڪستان ۾ ميڊيا کي ڊيپ اسٽيٽ ڪنٽرول ڪري ٿي.

صحافت جو ڪم ئي عوام کي علم ۽ آگاھي ڏيڻ آھي ۽ ان فرض جي ادا ڪرڻ دوران جيڪا بھ صورتحال ھجي ان تي مزاحمت ڪرڻ آھي.ميڊيا پنھنجي عوام جي وڪالت ڪندڙ ڌر ھوندي آھي،جنھن کي ھر صورت ۾ عوام سان گڏ بيھڻو پوندو آھي.ڪجهھ وقت کان سموري دنيا ۾ صحافت ۽ اظھار جي آزادي کي دٻائڻ جو لاڙو وڌي ويو آھي.جنھن ڪري صحافين کي ھن وقت انتھائي ڏکين حالتن ۾ گذارڻو پئجي رھيو آھي.

دنيا جي سموري صحافي برادري کي پاڻ ۾ اتحاد ڪري اھڙي سينسرشپ کي روڪڻ ۽ حقيقت عوام جي آڏو آڻڻ جي جرئت ڪرڻي پوندي.اھو ئي واحد طريقو آھي جنھن سان حالتن کي منھن ڏئي سگھجي ٿو.

سنڌ ۾ منشيات خلاف رسمي نھ پر اثرائتي ڪارروائي ڪريو..

سنڌ حڪومت پاران منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ٿي رھي آھي.اھا بھتر ڳالھھ آھي پر حقيقت ھي آھي تھ ڪافي وقت کان سموري سنڌ اندر انساني صحت لاءِ ھاڃيڪار گٽڪو،مين پوري ۽ ٻيون نشي واريون شيون وڪرو ٿي رھيون آھن.جنھن خلاف رسمي ڪارروائي تھ ٿئي ٿي پر ان جا ڪي بھ اھڙا نتيجا نھ نڪتا آھن،جنھن سان اھو چئي سگھجي تھ نشي وارين شين جي وڪري ۾ ڪا گھٽتائي آئي ھجي.رھندو جيڪو پوليس جو ڪردار آھي ان مان تھ اھو ئي تاثر ملي ٿو پوليس جي ھفتي يا مھيني جو ڀتو وڌائي ڇڏيو آھي.

سنڌ جي مختلف شھرن ۽ علائقن ۾ جاري اھڙي ڪاروبار ڪندڙن کي بااثر ۽ ڪٿي ڪٿي تھ سياستدانن جي بھ حمايت حاصل آھي.سنڌ ۾ منشيات ھن وقت آھستي آھستي ھو وڏو ۽ سنگين مسئلو بڻجي ويو آھي.جنھن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت کي ھڪ جامع حڪمت جوڙي ڪري ان عمل ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آھي.ٻي صورت ۾ اھڙي ٿيندڙ رسمي ڪارروائين مان عوام کي ڪو بھ فائدو نھ ٿيندو.

اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت سنڌ ۾ ھلندڙ نشي آور شين ۽ انساني صحت لاءِ نقصانڪار شين جي وڪري کي روڪڻ جي لاءِ بنا ڪنھن رعايت جي ڪارروائي ڪري عوام کي ان نقصان کان محفوظ بڻائيندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.