ملڪ خلاف ٿيندڙ سازشن کان 9 مئي تي آگاهه ڪندس: مولانا فضل الرحمان

پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ کي جعلي اسيمبليون هلائي رهيون آهن، اسان ملڪ بچائڻ  لاءِ نڪتا آهيون،آزادي جي تحريڪ ذريعي مسلط ٿيل نظام جو خاتمو ڪري حقيقي جمهوريت بحال ڪنداسين، مفتي محمود ممڪز پشاور ۾ ڪوٺايل اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته 9 مئي تي پشاور ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي آئنده لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو، جي يو آءِ هميشه ڌانڌلي خلاف پهريل صفح تي بيهڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي، 1977ع ۾ به ڌانڌلي خلاف  مولانا مفتي محمود تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي هئي. 2018ع ۾ به بدترين ڌانڌلي ٿي ۽ وري ٻيهر 2024ع ۾ به ساڳيو ڌانڌلي وارو ڊرامو ورجايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ڪالهه جيڪي ڌانڌلي خلاف آواز بلند ڪن پيا اهي اڄ ڇو خاموش آهن، اقتدار لاءِ جنگ وڙهندڙن ڌانڌلي ذريعي اقتدار حاصل ڪري ورتو آهي، اسان ڪنهن به صورت ۾ غلامي قبول نه ڪندسين ، ايوان ۽ پارليامينٽ کان جي يو آءِ کي پري رکندڙ ٻڌي وٺن اسان ميدان ۾ توهان جي ظلم ۽ جبر خلاف آواز اٿارينداسين. هن وڌيڪ چيو ته گذريل 76 سالن کان ملڪ کي سياسي، معاشي توڙي جمهوري طور تي اضالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچايو ويو آهي، اسان ملڪ بچائڻ نڪتا آهيون ۽ آزادي جي تحريڪ ذريعي مڙهيل نظام جو خاتمو آڻي حقيقي جمهوري نظام بحال ڪنداسين، هن وڌيڪ چيو ته ڪوئٽا ۽ ڪراچي بعد 9 مئي تي پشاور ۾ عوامي ميدان لڳايو ويندو ۽ قوم کي ملڪ خلاف ٿيندڙن سازشن کان آگاهه ڪيو ويندو، ڪجهه قوتون عوامي ووٽ کي يرغمال بڻائي ڇڏينديون آهن. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته هندوستان دنيا جي سپر طاقت ٿيڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي جڏهن ته اسان ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچڻ جي ڪوششن ۾ لاڳاپيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.