سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن تي اٿندڙ سوال

تحرير: مسرور سيال 

ھن ملڪ جي اھا بدقسمتي ئي چئجي ته ھتي ادارن مٿان ادارا جوڙيا وڃن ٿا لکين اربين رپيا انھن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو پر نتيجو بدتر کان به بدتر ملي پيو . صحت کاتو جيڪو عوام کي صحت جون سهولتون مھيا ڪرڻ جو ذميوار آھي ۽ اھو ئي غيرقانوني يا عطائي ڊاڪٽرز جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو پابند به آھي تنھن ھوندي الڳ سان ٻيا ادارا ڪميشن جي صورت ۾ٺاھي مونجھارا پيدا ڪيا وڃن ٿا يا ته شايد ڪميشن جي صورت ۾ڪميشن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي .

سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جو ڪم عوام کي صاف سٿرو صحت جون بنيادي سھولتن کي يقيني بڻائڻ آھي ڪوائلٽي ڪنٽرول ڪرڻو عطائي ڪلينڪس کي روڪڻ ۽ کين قانون جي تابع ڪرڻ آھي پر ڏسجي ته ھن ڪميشن جي وجود ۾اچڻ ۽ لکين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود به ڪو جوڳو نتيجو نه ملي سگھيو آھي اڻ رجسٽرڊ ميڊيڪل سينٽر ڪلينڪس ، ميڊيڪل اسٽورز نه صرف سرعام ھلي رھيا آھن ويتر انھن ۾ واڌارو ايندو پيو وڃي ان جو سبب ڇا آھي ؟ اھو ئي سمجهھ ۾ اچي ٿو  ته ڪميشن جو باقي ڪم ڪھڙو آھي سواءِ  ھن جي ته ڪميشن جي پڙدي۾ ڪميشن !

سنڌ سموري ۾ جيڪي عوام کي صحت جون سهولتون سرڪار ڏئي سگھي آھي اھي به وائکيون آھن ھڪ رجسٽرڊ يا ڪوائليفائيڊ ڊاڪٽر ھڪ ھزار شھرين تي مقرر آھي ٻهراڙين ۾ صحت جون سهولتون ته اڻ لڀ آھن ! ظاھر ترت طبي امداد لاءِ جتي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ميسر نه ھوندو ته پوءِ  ميڊيڪل فيلڊ ۾ ٿوري گھڻي ڄاڻ رکندڙ ئي ڪم اچي سگھي ٿو ايتري ڄاڻ ته ھر شھري کي به رکڻ گھرجي پر اسان جي تعليمي نظام ۾ ڌارين ٻولين بيڪار سرگرمين کي ته اھميت آھي پر صحت ۽ دفاعي ھنر سيکارڻ کان وانجھيل آھي ٿيڻ ته آئين گھرجي ته  چوٿين پنجين درجي کان ٻارڙن کي اھڙي سکيا مان مان گذاريو وڃي.  خير ھي ته ٿي سيکارڻ جي ڳالهھ پر جيڪي صحت کاتي جا تربيت يافته يا ڪوائليفائيڊ ڊاڪٽر آھن انھن  جي ڪارڪردگي ڇا آھي ؟ ڏسجي ته سرڪاري نوڪري ڪندڙ ڊاڪٽر کي خانگي اسپتالون يا ڪلينڪس کولڻ جي اجازت قانون ۾ ناھي تنھن ھوندي سرڪار کان لکين رپيا پگھار ۽ سھولتن جي مد ۾ ڳريون رقمون کڻن ٿا پر مريضن کي ساڳيو خانگي اسپتالن ۾ جڏي ڪاتي سان ڪُھن ٿا کين ڪو روڪڻ ٽوڪڻ چوڻ وارو ناھي !جنھن جو ڪم آھي ۽ جنھن کي روڪڻ ٽوڪڻ چوڻ پر قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار آھي آھي به خاموش تماشائي ھجن ۽ مافياز سان ملي ٽارگيٽيڊ ڪارروايون ڪري ڏيتي ليتي جا دروازا کلي وڃن ٿا ته عام شھري ڇا ڪري سگھي ٿو.

تازو سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محسن صديقي جي اڳواڻي ۾ ٽيم مختلف علائقن اندر  ڇاپا ھنيا پر سوين غير قانوني ڪلينڪس بجاءِ 8 کان 9 ڪلينڪس تي ڇاپو ھنيو ڪجھ سيل ڪيون ۽ بعد ۾ ساڳيون کلي ويون کين خبر به نه پئي ته آھي ڪلينڪس جيڪي رجسٽرڊ ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ ھلي رھيون آھن انھن کي به تالا ھڻي ڇڏيا ميڊيا جي سوالن تي ڊپٽي ڊائريڪٽر پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ بجاءِ صحافين مٿان ڏمرجي پيو جنھن مان معلوم ٿئي ٿو ته ھي ادارو اسان جي اينٽي ڪرپشن جيان ڪرپشن خلاف آھي ملڪ سڄو ڪرپشن ۾ ورتل آھي پر کين ڪرپشن نظر اچي ئي نٿي پر جيڪڏھن نظر ايندي آھي ته جنھن خلاف سگھاري شڪايت ھوندي آھي اتي نظر ايندي آھي اھڙي طرح ھيلٿ ڪيئر ڪميشن کي به غير قانوني ڪلينڪس ۽ عطائي اتي نظر ايندا آھن جتي کين سگھاري شڪايت ملي سو قانون جو مجرم باقي سمورا ساڌ آھن .

ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محسن صديقي جي چوڻ موجب جتان شڪايت ايندي ته اتي ڇاپا ھڻبا باقي اسان جو ڪم ناھي مون کيس چيو ته مون کي  شڪايت آھي پوري ملير ضلعي جي غير قانوني ڪلينڪس خلاف سموريون بند ڪيون وڃن تعداد ۽ نشاندھي آءُ ڪريان ٿو تنھن تي چوڻ لڳو ته اھو اسان پنھنجو اختيار آھي ڪٿي ڇاپا ھڻون يا نه ، ڪنھن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻيون يا ڪنھن کي ڇڏي ڏيون اسان کان ڪير پڇڻ وارا ناھي جيڪڏھن اھڙي ڪميشن آھي پوءِ  واقعي ڪميشن واقعي ڪميشن لاءِ آھي عوام کي صحت ۽ ان جي ڪوالٽي کي يقيني بنائڻ لاءِ ناھي .

وزير صحت ۽ سيڪريٽري کي سوچڻ گھرجي ان سان گڏ وڏي وزير کي هن نوٽيس وٺڻ گھرجي سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي بورڊ کي پڻ غور ويچار ڪرڻ گھرجي ته سندن ڪارڪردگي عوام اڳيان مثبت بجاءِ منفي  ٿي رھي آھي .

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.