اصل مسئلو معيشت  نه پر حڪمراني جو طريقو آھي

تحرير: امتياز عالم

اڄ ذاتي اداسي ۽ قومي پريشانيءَ جي ماحول ۾ موضوع جي تلاش ۾ قلم خلا ۾ گھمائي رھيو ھوس تھ سپھ سالار عزيزم سيد عاصم منير جي سبز پاڪستان جي پيش قدمي جي باري ۾ سيمينار ۾ تقرير جي مکيه سٽ ڌيان ڇڪرايو،تھ معاشي استحڪام کانسواءِ مڪمل خودمختياري ممڪن ناهي، جنهن لاءِ قوم کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي.سپھ سالار جيڪو معاملو کوليو آھي تھ ان ۾ بھ   ”معاشي عدم استحڪام“ ڇو آهي، ان جي جواب جي اڃان کوٽ آھي.

قوم کي متحد ڪرڻ جي ضرورت  درست آهي، پر پاڻ ۾ وڙھندڙ ورھايل قوم متحد ٿئي تھ ڪئين ٿئي.ان جو جواب پڻ شفاعت چاھي ٿو. ھاڻي ڊڄي ڊڄي ان بابت  ئي سوچي رهيو هوس ته ڇنڇر  ڏينهن تي ڊان اخبار ۾ سياسي معيشت جي ماھر ثاقب شيراني جو ھوش ڇڪيندڙ ڪالم عنوان  ”عظيم خود فريب“  تي نظر ٽڪي وئي. شيراني ڄڻ معاملي جي فريب کي کولي  رکي ڇڏيو آهي. شيراني هڪ تز  سوال اٿاريو آهي ته ڇا پاڪستان جي موجوده زبون حالي جو اصل سبب معاشي بي حالي  آهي. يا اھو ته معيشت جي خراب حالت جو بنيادي سبب پاڪستان جي حڪمراني جو طريقو آهي. 77 سالن کان مسواڙ خور اشرافيا جي حڪمراني رھي آھي.ڀلي حڪمراني جو طريقو آمراڻو ھجي يا جمھوري ان سان ڪھڙو فرق پوڻ وارو آھي.

ان سلسلي ۾ چين، ڏکڻ ڪوريا ۽ سنگاپور جي آمراڻي سياسي ماڊل جي ترقيءَ جا عظيم مثال پيش ڪندي، اهو نه وسارڻ گهرجي ته درجنين غريب ملڪ آمراڻي طرز حڪمراني جي ترقي جي ماڊل مان فيضياب نھ ٿي سگھيا.

شيرانيءَ کي آمريتي ماڊل جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جي  مثالن جي پويان جيڪو سبب ڳوليو آھي اھو  ھي آھي تھ ڪامياب آمريت يا جمهوري ماڊل جي پويان هڪ اشرافيه آهي،جيڪا شموليتي ڪردار رکي ٿي.جڏهن ته ناڪام آمريت واري ماڊل جي پويان هڪ ڀاڙيندڙ يا مسواڙي اشرافيه جو ڪردار هوندو آهي.جيڪا تبديل ٿيڻ لاءِ تيار نھ آھي. اھا پنھنجي سڌاري واري خصلت  ۾ نھ ايندي. هڪ قسم جي خود ڪش  (انٽراپي) نظام جي حڪمراني جي ناڪاميءَ جو الزام رڳو معيشت جي خرابي، اشرافيه جي عدم اتفاق ، معاشي معاهدي جي کوٽ يا سياستدانن جي ناڪاميءَ تي نه ٿو لڳائي سگهجي.

نڪمين ادارن جي ميڙ ۾ ڪنھن ھڪ اداري جي ٻئي ڪنھن کانسواءِ قومي فعاليت تي ڀاڙڻ سان مسائلستان جي آمراڻي حل واري ايوبي، ضيائي، مشرفي نسخن جو حشر اسان ڏٺو آهي، 1989 کان 1999 دوران سياسي ھڪ پويان ٻئي کي ھشي ڏيڻ ۽ اڳئين کي ڊاھي ڇڏڻ واري ڏھاڪي بعد 2008 کان 2024 جي مھر جمھوري عبوري جي عزت لٽڻ ۽ ھاءِبرڊ حڪومتن جي ٻٽي نظام جي عدم پائيداري جي جاري تسلسل سان  نھ تھ معاشي استحڪام آيو ۽ نھ ئي وري  سياسي چين نصيب ٿيو ۽ شيرانيءَ جي نظر ۾ مسواڙخور اشرافيا کان  جند ڇڏائڻ بنا ۽ سياسي معيشت ۾ بنيادي تبديلي آڻڻ بنا ھن جھوني نظام ۾ بنيادي سڌارا ممڪن نھ آھن.

2012ع، 2018ع ۽ 2024ع ۾ عوامي مينڊيٽ جي قربانيءَ تي ٺهندڙ هائبرڊ حڪومتن جي ناڪاميءَ کان پوءِ،تازو ئي ھڪ ڏھاڪي جي لاءِ عسڪري حمايت  سان ٽيڪنوڪريٽس جي ناڪام بنگلاديشي ماڊل ڏانهن رجوع ڪرڻ جي  تجويز ڏني وئي آهي.اھا ان شڪي مفروضي تي ڏني وئي آھي  ته جڏهن سمورا ادارا ھن  ڳريل سڙيل نظام کي اينگھائڻ ۾  ناڪام ٿي ويا  تھ پوءِ وري ٽيڪنوڪريٽس جي مدد سان خدا پرست وارن ڇو نھ ھڪ ٻيو موقعو  ڏنو وڃي ۽ اهڙا سونهري موقعا ڪيترائي ڀيرا وڃائي ڪري  اسان انهن کي ورجائڻ کان غافل نه آهيون، تھ الله حافظ آھي!

آرمي چيف سيد عاصم منير کي جيڪو ڪجهھ پنهنجي اڳوڻن کان ورثي ۾ مليو آھي ھو انھن جو پابند ڇو بڻجي؟ پاڪ فوج تھ سياست کان توبه ڪري چڪي هئي، جڏهن ته هاڻي ڪنهن به جام ارغواني جي اميد پڻ ناهي.پاڪ فوج جي لاءِ  قومي ۽ جاگرافيائي سلامتي کي برقرار رکڻ ئي ڪافي آھي.لڳي ٿو تھ عسڪري مداخلت جو ڏنڊو ھر طرف پکڙجي ويو آھي.ضرورت انھن کي سھيڙڻ جي آھي،وڌيڪ پکيڙڻ جي نھ آھي.

ووٽ جي حق  واري سرقي کان ماڻھو ويڳاڻا ٿي ويا آھن،تنھنڪري قوم متحد ٿئي تھ ڇو ٿئي ۽ ڪھڙي بنياد تي ٿئي ؟ هاڻي تھ عدليه بھ اجائي  مداخلت تي سراپا احتجاج آھي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ڊس انفارميشن جو طوفان ان ڪري اٿيو آهي ۽ اھو  رڪجي نھ سگھندو.ڇاڪان جو مين اسٽريم ميڊيا  سينسرشپ جي هٿان پنهنجو اخلاقي جواز وڃائي چڪي آهي. طاقت جي حد کان وڌڻ ھڪ ھنڌ گڏ ٿيڻ  پنهنجا خطرناڪ نقصان ھوندا آهن، جڏهن ته حڪمراني جو نظام عوامي  شموليت ۽ حڪمران طبقن جي وچ ۾ سياسي ۽ معاشي ٺاهه  جو گھرجائو ھوندو آھي. خوش قسمتي سان اتحادي حڪومت ۾ شامل اقليتي پارٽيون اڪثريتي پارٽين(پي ٽي آءِ) سان ڳالهين لاءِ تيار آهن، پر زخمي پارٽي سياستدانن سان گفتگو لاءِ تيار ناهي.

عمران خان فوجي قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ معاملا  طئي ڪرڻ  ۾دلچسپي رکي ٿو، جيڪا ھن جي  آئيني ۽ قانوني حڪمراني جي دعوائن  ۽ جمهور جي حڪمراني جي اصولن جي نفي آھي. جيڪڏهن فوجي قيادت کي ئي سياسي ٽياڪڙي ڪرڻي آهي ته پوءِ پارلياماني سياست جي نفي ۽ جمهوريت جي موڪل ڪرائڻ جي ذميواري مخالف ڌر جي هوندي آھي. بهتر ٿئي ها ته سياستدانن جا اختلاف  سياستدان ئي پاڻ ۾ گڏ ويھي حل ڪن ها. ڇو ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام کانسواءِ ممڪن ناهي، آرمي چيف کي قومي اتفاق راءِ جي رستي صاف ڪرڻ لاءِ قومي مفاھمت ڏانھن اڳڀرائي ڪرڻ بابت سوچڻ گھرجي. موجوده صورتحال ۾ پارليامينٽ ۾ موجود حڪمران پارٽين جو جيڪڏھن  فوج تي ڀروسو آھي ۽ عمران خان به فوجي قيادت ڏانهن ئي ڏسي رھيو آهي ته پوءِ فوجي قيادت ئي مفاهمت جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پوءِ تھ جمهوريت کان توبه جو گناهه سياستدانن جي سر تي هوندو. اندروني حالتن جي ڪري سپھ سالار کي شيراني جي ڪيميائي نسخي تي ڌيان ڌرڻ  گهرجي.

 

عمران خان فوجي قيادت سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ معاملا  طئي ڪرڻ  ۾دلچسپي رکي ٿو، جيڪا ھن جي  آئيني ۽ قانوني حڪمراني جي دعوائن  ۽ جمهور جي حڪمراني جي اصولن جي نفي آھي. جيڪڏهن فوجي قيادت کي ئي سياسي ٽياڪڙي ڪرڻي آهي ته پوءِ پارلياماني سياست جي نفي ۽ جمهوريت جي موڪل ڪرائڻ جي ذميواري مخالف ڌر جي هوندي آھي. بهتر ٿئي ها ته سياستدانن جا اختلاف  سياستدان ئي پاڻ ۾ گڏ ويھي حل ڪن ها. ڇو ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام کانسواءِ ممڪن ناهي، آرمي چيف کي قومي اتفاق راءِ جي رستي صاف ڪرڻ لاءِ قومي مفاھمت ڏانھن اڳڀرائي ڪرڻ بابت سوچڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.