هٿرادو آفتون ۽ معاشرتي نظام

تحرير: رياض ابڙو 

پاڪستان انسانن جي هٿرادو ٺاهيل آفتن جي وچ ۾ ڦاسي پيو آهي. وري مصيبت اها به آهي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي ناقص ترقياتي ماڊل اسان جي زندگين کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. ترقيءَ جي اهڙي نموني اسان کان رومانس جون موسمون ڦري ورتيون آهن، برسات جون خوشگوار بوندن هڪ عذاب جي شڪل ۾ تبديل ٿي ويون آهن، اسان ته بارش ۾ هلڻ کان محروم ٿي ويا آهيون. اسان جون آباديون، انفراسٽرڪچر ۽ معيشتون وغيره سڀ غير ضروري طور تي ڪمزور ٿي ويون آهن، ان ڪري جو اسان پاڻي جي وهڪرن ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهيون. 2022 جي ٻوڏ جي ماپ، دائرو ۽ پکيڙ 2010 جي سيلاب کان به وڌيڪ هئي ۽ انهن چوماسي جي برساتن ملڪ جي سمورن علائقن ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي هئي. گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي کان وٺي سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان تائين تباهي مچائيندو رهيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته برسات تمام وڏي هئي، پر چوماسي جو پاڻي بنيادي طور تي هڪ مصيبت بڻيو رهيو، ڇاڪاڻ ته اسان انهن جا رستا بند ڇڏيا هئا، ڪنارن ۽ ڪنڌين تي حددخليون ڪري ڇڏيون هيون ان ڪري ٻوڏ جو پاڻي پنهنجو تباهيءَ وارو چهرو ڏيکاري هليو ٿو وڃي. انفراسٽرڪچر ۽ ڪميونٽين جا اثاثا، جن عرصي کانپوءِ ترقي ڪئي هئي، اهي وري تباھ ٿي ٿا وڃن. مثال جي طور تي بلوچستان ۾ 11 ننڍا ڊيم ڊهي پيا، گهرگهاٽ ڊهي پيا، روڊ رستا ۽ مال متاع لڙهي ويا، پر واضح طور تي اسان ايڏيءَ تباهيءَ کان ڪو به سبق نه ورتو ۽ نه ئي انفراسٽرڪچر جي ترقي لاءِ  ڪو مضبوط، منظم ۽ مربوط نظام لاڳو ڪيوسين.

ڳوٺن ۽ ننڍن وڏن شهرن ۾ برساتي پاڻي جا پاڻي جا وهڪرا ناهن. اها غيرموجودگي سيوريج لائينن کي ختم ڪري ٿي ڇڏي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي آلوده ڪري ٿي ڇڏي. بجليءَ جا پول ڪري ٿا پون ۽ انهن کي ”فلڊ پروف“ ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ناهي. روڊ ۽ ريلوي ٽريڪ اڪثر ڪري ٻڏي ٿا وڃن. زرعي، ميداني ۽ ٻيلائي زمينن جو استعمال ۽ تبديليون ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان ڪندا ٿا وتن، جنهن جي نتيجي ۾ وڏيون هائوسنگ سوسائٽيون ۽ غيرمنصوبابند ڳوٺ جڙي ٿا پون جيڪي ايندڙ ڏهن سالن جي ٻوڏن ۾ وري تباھ ٿي ويندا. ڇو ته منصوبابندي ناهي مثال: 1. مٿي کان هيٺ ترقياتي منصوبابندي ۽ وسيلن جي منصوبابندي ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهي مقامي ڪمزورين کي وڌائين ٿا. 2. مختلف ترقياتي اسڪيمون، اڪثر بي ترتيب طور تي جڙيل آهن، جيڪي پائيدار ترقي جي شرح ۾ گھٽتائي ڪن ٿيون. 3. انفراسٽرڪچر جي ڊولپمينٽ لاءِ  پراڻو ۽ خراب معيار موجود هجي ٿو، جيڪو موسمياتي اثرن کي برداشت نه ٿو ڪري 4. اسٽيٽسٽ ڊولپمينٽ ماڊل جيڪو هڪ مضبوط نظام تحت ٺهيل هجڻ گهرجي جنهن تي ادارن جو مرڪزي ڪنٽرول هجي جنهن وٽ سڀ متبادل شيون موجود هجن جنهن سان نظام کي وري جياري يا هلائي سگهجي.

بلوچستان ۾ ٻوڏن جي وڌندڙ تعداد کي ڪڏهن ڪڏهن اولهندي موسمي اثرن سان منسوب ڪيو ويندو آهي، يا ”بي آف بنگال“ مان نڪرندڙ روايتي مشرقي چوماسي جي ڪري به ٿيندو آهي موسم جي چڪر ۾ اها تبديلي بلوچستان جي غير چوماسي وارن علائقن ۾ ٻوڏ جي شدت ۾ اضافو ڪندي نظر اچي ٿي. حقيقت ۾ موسمياتي تبديلي پاڪستان ۾ ٻوڏن کي جنم ڏئي رهي آهي، جيڪا بدترين موسمياتي آفت جي طور تي سامهون آئي آهي، اهو طريقو ٻوڏ کي رحمت گهٽ پر زحمت ۽ تباهي آڻيندڙ وڌيڪ سمجهيو وڃي ٿو. جنهن جي وڏين ٻوڏن جو تعدد پڻ وڌي رهيو آهي. اوڀر جرمني ۾ تازين ٻوڏن کانپوءِ اندازو لڳايو ويو آهي ته عالمي موسمياتي تبديليءَ جي ڪري ٻوڏ اچڻ جا 9 ڀيرا وڌيڪ امڪان هئا. ڇو ته رڳو موسم جي نمونن ۾ تبديلين جي ڪري سيلاب پيچيده ٿي ويا آهن، پر اهو بنيادي ڍانچي جي پوزيشن جي تبديليءَ جي ڪري پڻ آهي. ٻوڏ سبب تباھ ٿيل انفراسٽرڪچر: مثال گهرگهاٽ، روڊرستا، بجليءَ ۽ گيس جون لائينون، پلين جي  ٻيهر تعمير ڪرڻ وغيره وغيره مهانگو ٿي ٿو پئي. ان کي سرڪار ترقياتي شعبي جي اهڙي منصوبابندي کي وڏي ناڪامي طور قبول ڪرڻ لاءِ  تيار آهي. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ناقص وارننگ سسٽم، بي مهلو ڪم ڪندڙ سرڪاري کاتن، ناقص عمارتن جي ڊيزائن، مواد جي غيرمعياري هجڻ ۽ اڳڀرائي (پيشگوئي) وارن ناقص نظامن جي بدران موسمياتي تبديليءَ کي ذميوار قرار ڏيڻ لاءِ  تيار آهي.

ڇا بحران فطرت يا انسانن جي ڪري ٿيندا آهن يا ٻنهي جي ميلاپ جي ڪري ٿيندا آهن؟ پر ڊزازسٽر مينيجمينٽ انهن تي منفي اثر کي محدود ڪري ٿو، جيڪي ماڻهو تمام گهڻو وڃائڻ لاءِ  تيار بيٺا هوندا آهن. ڪجهھ حالتن ۾ اسان آفت جي شدت کي گهٽائي سگهون ٿا، انهي سان گڏ اسان اهو پڻ يقيني بڻائي سگهون ٿا ته اهي جيڪي انهن خطرن کي تمام گهڻو متاثر ڪن ٿا، اهي بهتر انداز ۾ زنده رهڻ ۽ بحال ڪرڻ جي قابل آهن. اسان جو آبهوا لاءِ  ردعمل هر ڪميونٽي جي حالتن مطابق ۽ منفرد آهي، جتي اسان ڪم ڪريون ٿا، پر اسان لاءِ  هڪ اهم موضوع آهي، اهو به آهي ته بنيادي ڄاڻ ۽ فطري بچاءَ واري سوچ تحت شين کي ترجيح ڏيون. اسان پائيدار حل ڳوليون جيڪي ٻوڏ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ  بهتر هجن، اسان تبديل ٿيندڙ ماحولياتي نظام جي حفاظت ڪيون، پائيدار انتظام بحال ڪيون. ڇو ته فطرت تي ٻڌل حل نه رڳو آبهوا جي تبديليءَ جي ڪري پيدا ٿيندڙ زمين جي تباهي کي روڪڻ ۾ مدد ڪن ٿا، پر خوراڪ جي حفاظت، پاڻي جي حفاظت، عوامي صحت، سماجي ۽ معاشي ترقي جهڙن چيلنجن کي به منهن ڏين ٿا. گذريل سال جولاءِ  ۽ آگسٽ دوران لڳ ڀڳ 187 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون. گڏيل قومن 30 آگسٽ 2023 تي 160 ملين ڊالرن جي هڪ ”فليش فلڊ اپيل“ شروع ڪئي هئي ۽ فوري طور تي متاثر ٿيندڙن جي مدد لاءِ  گڏيل قومن جي سربراھ پاران ٻوڏ متاثر پاڪستان لاءِ  ”انصاف“ جو مطالبو ڪيو هيو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.