امن دشمنن جي خلاف اثرائتو قدم کڻڻ جي ضرورت

تحرير: حسيب لطيفي

سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، اغوا وارن واقعن، ڦرن، ڌاڙن، بيگناهه عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن جي قتل وارن واقعن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، ڪو ڏينهن اهڙو ناهي رهيو، جنهن ڏينهن تي اخبارن ۾ بيگناهه ماڻهن جي قتل ۽ اغوا واريون خبرون شايع نه ٿينديون هجن، سنڌ جا ماڻهو بدامني جي ڪري سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، پر پوليس توڙي قانوني لاڳو ڪندڙ ادارا سنڌ جي عوام کي پرامن ماحول ڏيڻ جي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن، اڄ به پريا ڪماري سميت سنڌ جون ٻيون نياڻيون، نوجوان توڙي پيرسن ماڻهو اغوا ٿيل آهن، انهن جون حياتيون خطري ۾ آهن.

سنڌ جون ساڃاهه وند ڌريون ڌاڙيل راڄ کي سنڌ جي خلاف سازش قرار ڏين ٿيون ۽ سندن ان موقف کي ان ڪري به وڌيڪ سگهه ملي ٿي ته حڪومت ۽ پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا چند ڌاڙيلن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن، پر انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڌاڙيلن جون جڏهن سوشل ميڊيا تي وڊيوز ڏسجن ٿيون ته انهن وٽ جديد قسم جا هٿيار نظر اچن ٿا، جيڪي پوليس وٽ به ناهن، جنهن مان اهو ثابت ٿي وڃي ٿو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کي هٿي ڏياريندڙ ڌريون تمام گهڻيون طاقتور آهن.

اها سنڌ کي مقتل گاهه بنائڻ واري سازش ئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ صحافي جان محمد مهر، پروفيسر اجمل ساوند، استاد الله رکيو نندواڻي، هدايت لوهار ۽ ٻين بيگناهه ماڻهن جو رت وهايو ويو آهي، انهن جا قاتل ايترا ته سگهارا آهن جو قانون جي پڪڙ ۾ نٿا اچي سگهن.

سڄي سنڌ بدامني، اغوا خوري، قتلام خلاف سراپا احتجاج آهي، سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري احتجاج ڪن پيا، پر موجوده حڪومت ۽ پوليس کي شايد سنڌ جي ماڻهن جو اهو احتجاج نظر نٿو اچي، سنڌ جون قومپرست، ترقي پسند سياسي جماعتون مسلسل سنڌ جي عوام سان گڏ انهن احتجاجن ۾ شامل ٿي رهيون آهن، هڪ ڏينهن اڳ به ڌاڙيل راڄ، اغوا وارن واقعن، صحافي جان محمد مهر، پروفيسر اجمل ساوند، استاد الله رکيو نندواڻي، هدايت لوهار ۽ ٻين بيگناهه ماڻهن جي قتلن، هندو برادري جي نياڻين کي اغوا ڪري زوري سندن مذهب تبديل ڪرائڻ جهڙن واقعن خلاف ۽ معصوم نياڻي پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابي جي لاءِ عوامي تحريڪ، عوامي ورڪرز پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، عوامي جمهوري پارٽي، نيشنل پارٽي، وطن دوست جمهوري پارٽي ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان پاران گڏيل طور تي حيدرآباد ۾ امن مارچ ڪيو ويو، مارچ حيدر چوڪ ۽ گول بلڊنگ پريس ڪلب پهتو هو.

مارچ ۾ شامل عورتن ۽ مردن جي هٿن ۾ اڇي رنگ جا جهنڊا کنيل هئا ۽ هو صحافي جان محمد مھر، استاد الله رکيو نندواڻي، اجمل ساوند، پريا ڪماري سميت ٻين مغوين ۽ شھيد ڪيل ماڻھن جون تصويرون کڻي ڌاڙيل راڄ ختم ڪريو، ڌاڙيل پالڻ ماڻھو مارڻ بند ڪريو، پريا ڪماري سميت سمورا مُغوي آزاد ڪرايو جهڙا نعرا هڻي رهيا هئا. هن امن مارچ ۾ سياسي جماعتن کانسواءِ پ ٽ الف سميت مختلف علمي ادبي صحافي ۽ سياسي سماجي ڌرين شرڪت ڪئي، مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر لال جروار، عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي صدر سيد لعل شاهه، نيشنل پارٽي سنڌ جو صدر تاج مري، عوامي ورڪرس پارٽي جو اڳواڻ لطيف لغاري، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال، وطن دوست جمهوري پارٽي جو اڳواڻ عرض محمد رتڙ، ناميارو دانشور جامي چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

مارچ ۾ شريڪ مقررن جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪري ڇڏيو آهي، پيپلز پارٽي جا بااثر قبيلائي سردار وڏيرا ۽ جاگيردار ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ آهن، سنڌ ۾ ماڻھن کي اغوا ڪري ڪروڙين روپيا ڀنگ وٺڻ کي ھاڻي انڊسٽري جو درجو ڏنو ويو آھي. سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪري سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهو بيان ڏنو هو ته ڌاڙيلن کي نيٽو جا هٿيار ڪٿان ملن، پر ان سوال جو جواب سنڌ جو عوام بلاول کان پڇڻ ٿو چاھي، سنڌ ۾ بدامني، لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ عوام جي زندگي زھر ڪري ڇڏي آھي.

ڌاڙيل رياست اندر پنھنجي رياست قائم ڪري رياست جي رٽ کي چئلينج ڪن ٿا، ان جي باوجود حڪومت ڌاڙيلن خلاف ڪوبه اثرائتو آپريشن ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ڌاڙيل راڄ قائم ڪرڻ ۾ اڪثر سردار، وڏيرا، جاگيردار ۽ انتظاميا ملوث آهي. نيٽو جا هٿيار ڌاڙيلن تائين آساني سان پھچي وڃن ٿا، ڌاڙيلن خلاف اثرائتي آپريشن جي ضرورت آهي، انهن هٿيار پهچائيندڙن جي جاچ ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

مارچ ۾ مطالبو ڪندي چيو ويو ته معصوم پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي بنا دير آزاد ڪرايو وڃي, نياڻين جي اغوا ۾ ملوث بااثر ماڻهن خلاف قانون حرڪت ۾ ڇو نٿو اچي، ڪهڙا سبب آهن ته هڪ معصوم نياڻي وڏي عرصي کان وٺي اغوا ڪيل آهي ۽ سنڌ سراپا احتجاج آهي، پر نياڻي بازياب نٿي ٿئي. صحافي جان محمد مهر، استاد الله کيو نندواڻي، هدايت الله لوهار، پروفيسر اجمل ساوند ۽ ٻين بيگناهه ماڻهن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قاتلن کي سڃاڻن ٿا، پر کين گرفتار نٿو ڪيو وڃي، ان ڪري اصل قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.

سنڌ اها گهر به ڪري ٿي ته سپريم ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل ڪميشن قائم ڪئي وڃي جيڪا ڌاڙيلن جي سهولتڪار ڪندڙن کي وائکو ڪري، گڏوگڏ ڌاڙيلن کي نيٽو جا هٿيار سپلائي ڪندڙ ڏوهارين جي نشاندهي ڪري ۽ ان ڏوهه ۾ ملوث سمورن ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، سنڌ جي ماڻهن کي جاني ۽ مالي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سنڌ کي عورتن، معصوم ٻارڙن، سياسي ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن جي لاءِ مقتل گاهه بڻايو ويو آهي، سنڌ امن جي ڌرتي آهي، پر سوچيل سمجهيل سازش ۽ رٿابندي تحت ڪي خاص مقصد پورا ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جو امن تباهه ڪيو پيو وڃي، ڌاڙيلن جي سهولتڪارن کي پڌرو ڪيو وڃي، سنڌ جو عوام ته سمجهي ٿو ڪير ڌاڙيلن ۽ امن دشمنن جو سهولتڪار آهي. گذريل سورھن سالن کان سنڌ ۾ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ رھي آھي، پيپلزپارٽي سنڌ کي ترقي وٺرائڻ بدران صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي، ڪرپشن جي ڪري سڀ ادارا تباهه ڪيا ويا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.